گمبٽ ڀرسان ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

گمبٽ (رپورٽ: خير محمد ڄامڙو) گمبٽ ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد اندر واقع تاريخي شيخ طيب قبرستان ۾ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو، ڳوٺ پير محمد ناريجو واسي 60 ورهين جو پيرسن علي داد ولد سخي محمد ناريجو جهيڙي دوران لڳل ڌڪن سبب ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته امداد ناريجو سخت زخمي ٿي پيو. واقعي کانپوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾  ڪامياب ٿي ويا، اطلاع ملندي ئي ٽنڊومستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جي لاش ۽ زخمي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ايس ايڇ او ٽنڊومستي سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته قتل جو اصل ڪارڻ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي. پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.

 

You might also like