اڄ جون جنگي حالتون ۽ ڪربلا جو پيغام

اڄ جڏهن دنيا مختلف بحرانن، جنگين، سياسي تڪرارن، معاشي ناانصافين ۽ اخلاقي زوال کي منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن ڪربلا جو پيغام اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ به ماڻهو پنهنجي بنيادي حقن، آزادي ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ ڪربلا اسان کي ياد ڏياري ٿي ته طاقت جو اصل سرچشمو هٿيار يا اقتدار نه، پر اصول، سچائي ۽ اخلاقي جرئت هوندي آهي. پاڪستان سميت اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ محرم الحرام دوران عقيدت، احترام ۽ غم جو ماحول هوندو آهي. مجلسون، جلوس ۽ مذهبي تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن، جن ۾ امام حسين ۽ سندن ساٿين جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو آهي. اهي تقريبون نه صرف مذهبي وابستگيءَ جو اظهار آهن، پر ماڻهن کي ڪربلا جي پيغام سان جوڙڻ جو ذريعو پڻ آهن.

سو ضروري آهي ته اسان ڪربلا جي پيغام کي پنهنجي عملي زندگيءَ جو حصو بڻايون. جيڪڏهن عاشورا جي ياد صرف جلوسن ۽ مجلسن تائين محدود رهجي وڃي ۽ اسان پنهنجي معاشري ۾ انصاف، سچائي، رواداري ۽ اخوت کي فروغ نه ڏيون ته پوءِ ڪربلا جي اصل مقصد کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهنداسين. اسان جي معاشري ۾ بدقسمتي سان ڪيترائي اهڙا مسئلا موجود آهن، جيڪي اسان کي ڪربلا جي پيغام ڏانهن موٽڻ جي دعوت ڏين ٿا. ڪرپشن، ناانصافي، اقرباپروري، سماجي اڻ برابري، غربت، انتهاپسندي ۽ قانون جي ڪمزور حڪمراني جهڙا مسئلا اسان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. ڪربلا جو سبق اهو آهي ته ظلم ۽ ناانصافي خلاف خاموش نه رهجي، پر قانوني، جمهوري ۽ اخلاقي طريقن سان سڌارن لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي. امام حسين جي قرباني اسان کي اهو به سيکاري ٿي ته اقتدار يا ذاتي مفادن لاءِ اصولن تي سوديبازي نه ڪرڻ گهرجي. اڄ جي سياست، ڪاروبار ۽ سماجي زندگيءَ ۾ به اها تعليم انتهائي اهميت رکي ٿي. معاشرن جي تعمير صرف مادي ترقي سان نه، پر اخلاقي بنيادن جي مضبوطي سان ٿيندي آهي. جيڪڏهن سچائي، ايمانداري ۽ انصاف کي نظرانداز ڪيو ويندو ته ترقي جا سڀ دعوائون بي معنيٰ ٿي ويندا.

محرم الحرام اتحاد ۽ يڪجهتي جو به پيغام ڏئي ٿو. اسلامي تاريخ جا مختلف مڪاتب فڪر امام حسين جي عظمت ۽ قربانيءَ کي احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ان ڪري محرم کي فرقيواريت يا نفرت جي اظهار بدران اتحاد، رواداري ۽ باهمي احترام جو ذريعو بڻائڻ گهرجي. ڪربلا جو پيغام انسانن کي ورهائڻ نه، پر انهن کي ظلم خلاف هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي. اهو پڻ ضروري آهي ته محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، مذهبي اڳواڻ ۽ شهري پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. عاشورا جي تقريبن دوران صبر، برداشت ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. نفرت انگيز تقريرن، اشتعال انگيز مواد ۽ فرقيواراڻي سوچ کان پاسو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

ڪربلا جو هڪ اهم سبق قرباني آهي. قرباني صرف جان ڏيڻ جو نالو ناهي، پر ذاتي مفادن، لالچ، نفرت ۽ انا کي قربان ڪرڻ جو نالو به آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري جي بهتري لاءِ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي سوچڻ شروع ڪريون ته ڪيترائي قومي مسئلا آسانيءَ سان حل ٿي سگهن ٿا. امام حسين ۽ سندن ساٿين جي قرباني اسان کي اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪري ٿي. عاشورا جو ڏينهن صبر ۽ استقامت جو به درس ڏئي ٿو. ڪربلا ۾ امام حسين ۽ سندن خاندان جيڪي ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيون، اهي انساني تاريخ جي عظيم ترين مثالن مان آهن. سخت ترين حالتن ۾ به سندن عزم ۽ حوصلو ڪمزور نه ٿيو. اڄ جڏهن فرد ۽ قومون مختلف آزمائشن کي منهن ڏئي رهيون آهن، تڏهن ڪربلا جو سبق اسان کي صبر، همت ۽ حوصلي سان مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته ڪربلا جي قرباني جو مقصد صرف هڪ دور جي اصلاح نه هو، پر ايندڙ نسلن کي شعور ڏيڻ هو. امام حسين جو نالو اڄ به ان ڪري زنده آهي، جو هنن حق لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي پر اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو. تاريخ ثابت ڪيو آهي ته طاقتور حڪمران وقت سان گڏ وسري ويندا آهن، پر حق لاءِ قرباني ڏيندڙ هميشه ياد رکيا ويندا آهن.

اڄ جڏهن اسان 10 محرم الحرام ملهائي رهيا آهيون، تڏهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪربلا کي صرف هڪ تاريخي واقعو نه سمجهون، پر ان جي پيغام کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪريون. جيڪڏهن اسان انصاف کي فروغ ڏيون، ڪمزور ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪريون، سچائيءَ کي اختيار ڪريون ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪريون ته اها امام حسين جي قربانيءَ کي حقيقي خراج عقيدت هوندي.

10 محرم الحرام اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته حق جي راهه هميشه آسان ناهي هوندي، پر آخرڪار ڪاميابي ۽ عزت حق جو ساٿ ڏيڻ وارن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. ڪربلا جي سرزمين تان اڀرندڙ اهو پيغام اڄ به انسانيت کي سڏ ڏئي رهيو آهي ته ظلم جي سامهون جهڪڻ بدران حق، انصاف، صبر، استقامت ۽ قربانيءَ جي راهه اختيار ڪئي وڃي. يومِ عاشورا جي موقعي تي اسان سڀني کي عزم ڪرڻ گهرجي ته ڪربلا جي آفاقي پيغام کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائينداسين، معاشري ۾ محبت، امن، برداشت ۽ انصاف کي هٿي ڏينداسين ۽ هر قسم جي ناانصافي ۽ نفرت خلاف اخلاقي جدوجهد جاري رکنداسين. اها ئي حضرت امام حسين ۽ شهيدنِ ڪربلا کي حقيقي خراج عقيدت هوندي ۽ اها ئي هڪ پرامن، منصفاڻي ۽ مهذب معاشري جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي.

 

You might also like