سکر (عوامي آواز نيوز) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار روهڙي ۾ ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو، صوبائي وزير سان گڏ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس شاهه، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، سڄي صوبي ۾ امن امان سان جلوس ۽ مجلسون جاري آهن، ذريعن موجب روهڙي جلوس ۾ ساهه بند ٿيڻ سبب چار عزادار شهيد، 14 معمولي زخمي ٿيا آهنم ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سڄي ڪچي واري علائقي ۾ حڪومتي رٽ 100 سيڪڙو آهي، ڪوبه اهڙو علائقو ناهي جتي حڪومتي رٽ نه هجي، ڪچي ۾ ڏوهاري ضرور موجود آهن، جن خلاف آپريشن جاري آهي، هن چيو ته حڪومتي پاليسي تحت ڪچي ۾ ڊولپمينٽ پيڪيج آڻي رهيا آهيون ان سان بهتري ايندي، جيستائين ڪچي جي رهواسين کي روزگار نه ڏينداسين مڪمل طريقي سان امن امان قائم نه ٿي سگهندو،ڪچي ۾ مسئلا آهن ٻار ۽ وڏا تعليم يافته نه آهن، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، هندو ڪميونٽي سان گڏ بيٺا آهيون، جن ڌاڙيلن تي شڪ هو ته پريا ڪماري انهن وٽ آهي اهي مارجي ٿي چڪا آهن، اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ پوليس جي جوانن جون پگهارون پنجاب پوليس کان گهٽ آهن، پريا ڪماري جو نان نشان ئي نظر نٿو اچي ڪوششون ڪيون ٽيمون جوڙيون پريا جنهن ڌاڙيل وٽ هجڻ جو انديشو هيو اهو به مارجي ويو آهي، جنهن ڌاڙيل وٽ پريا ڪماري جي موجودگيءُ جو اطلاع هو اهو مارجي چڪو آهي، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي صوبائي گهرو وزير جي بيان کان پوءِ وري سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي پريا ڪُماري ايڪشن ڪميٽي طرفان پريا ڪُماري جي بازيابي لاءِ اڄ عاشور موقعي تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، مولانا اياز قمي شام غريبان پڙھندو .
ميهڙ جي اجالا پروين 3 مهينا گذرڻ باوجود آزاد نه ٿي، امڙ لڙڪ روڪي نه سگهي
ميهڙ (عوامي آواز نيوز) ميهڙ ما گم ٿيل معصوم نينگري اُجالا سولنگي جي گمشدگي کي لڳ ڀڳ ٽي مهينا گذري ويا پر پوليس اڃا تائين نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، نياڻي آزاد نه ٿيڻ ڪري والدين ڌيءُ جي وڇوڙي ۾ بي حال ٿي ويا، خاص جاچ ٽيم خاطرخواهه اڳڀرائي نه ڪري سگهي، اجالا پروين جي امڙ جون نياڻي جي آزادي لاءِ دانهون، لڙڪ روڪي نه سگهي، نينگري والدين پاران حڪومت سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس پي دادو کان فوري ڪارروائي جي اپيل ڪئي وئي، اُجالا سولنگي کي بازياب ڪرائي خاندان جون خوشيون واپس آڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو، اجالا پروين جي امڙ روئيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين حڪومت ڪجهه نه ڪري سگهي آهي، معصوم نياڻي ڪٿي هوندي، ڪهڙي حال ۾ هوندي، ماني کاڌي هوندي الائي نه، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، نياڻي کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي.