جونيئر سائنس ٽيچرز جي مطالبن کي مانُ ڏيو

اظھر آزاد مغل 

سنڌ ۾ سائنس جا مضمون پڙهائيندڙ استادن جي شديد کوٽ کي مدنظر رکندي سنڌ سرڪار 20 مئي 2025 تي مختلف اخبارن ذريعي ھڪ اشتهار جاري ڪيو جنهن جي ذريعي خواھشمند اميدوارن کان 1،500 جي چالان عيوض آن لائين درخواستون گهرايون ويون ته جيئن سنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتي کي اھل، قابل ۽ سائنس جي مضمونن ۾ ماھر اميدوار ملي سگھن جيڪي مستقبل جي معمارن جي سائنسي ميدان ۾ سٺي نموني سان ذھني آبياري ڪري معاشري جا مفيد ۽ ڪارائتا فرد بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن.

سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنيس ايڊمنسٽريشن ( آئي بي اي) جي معرفت 10, 11 ۽ 12 اپريل 2026 تي تحريري امتحان ورتو. ھن لکت واري ٽيسٽ ۾ 1,237 خالي سيٽن ڀرڻ لاءِ سنڌ جي ڪل 71,587 اميدوارن پنهنجي قسمت آزمائي. سيبا ٽيسٽنگ سروس گذريل مھيني 10 مئي 2026 تي نتيجن جو اعلان ڪيو. اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 55 مارڪون کڻڻ لازمي قرار ڏنو ويو ھو. سنڌ جي سمورن ضلعن مان تحريري امتحان ۾ 8,725 اميدوار پاس ٿيڻ ۾ سرخرو ۽ سوڀارا ٿي سگهيا جڏهن ته 62,862 اميدوار خاطر خواھ نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا. ان حساب سان اميدوارن جي پاسنگ شرح 12.19 % رھي.

سنڌ جي تقريبن سمورن ننڍن وڏن شھرين ۾ جونيئر سائنس ٽيچرز پريس ڪلبن آڏو ڀرپور مظاهرا ڪري پنھنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان گهُرَ ڪئي آهي ته مقرر ڪيل 55 نمبرن واري ڪٽ آف کي گهٽائي 40 نمبر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سال 2021-22ع دوران استادن جي ڀرتين وقت به 40 نمبرن جو ڪٽ آف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪجهه هارڊ ايريا وارن علائقن ۾ 33 نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي پڻ ڀرتي ڪيو ويو هو.پاسنگ ريشو ۾ نرمي آڻڻ سان گڏوگڏ انهن سيٽن ۾ واڌ جو  پڻ مطالبو ڪيو آهي ته جيئن وڌيڪ اهل ۽ ميرٽ تي پورو لهندڙ اميدوارن کي روزگار جا موقعا ملي سگهن. انھن حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته جونيئر سائنس ٽيچر اميدوارن جا خدشا ختم ڪندي پاسنگ مارڪس ۾ نرمي ۽ سيٽن ۾ واڌ بابت سندن جائز مطالبن تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.

انھيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ۽ مبالغو نه آهي ته علمي ادارن ۽  درسگاھن کي سائنسي علم سان مالا مال ماھر ۽ باصلاحيت استادن جي اشد ضرورت آهي جيڪي بھتر نموني آئيندي جي ابن کي  جديد سائنسي سوچ ۽ ڄاڻ سان مسلح ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين ڇاڪاڻ جو معياري معلمن جي مقرري کان سواءِ ڪوئي به ملڪ ۽ قوم ترقيءَ جي راھ تي گامزن ٿي نه ٿي سگهي، خوشحالي جو سفر طئه نه ٿي ڪري سگهي، باقي دنيا سان مقابلو ڪرڻ جي قابل نه ٿي ٿي سگهي.

 

 

You might also like