اميدون ۽ رشتا

ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو

انساني سماج جي جوڙجڪ رشتن، لاڳاپن ۽ باهمي اعتماد تي بيٺل آهي. انسان فطري طور هڪ سماجي وجود آهي، جيڪو پنهنجي وجود جي معنيٰ، سڪون ۽ سڃاڻپ ٻين انسانن سان تعلقن وسيلي حاصل ڪري ٿو. پر انهن تعلقن جي پيچيده پروسيس يا عمل ۾ هڪ اهڙو عنصر به موجود آهي جيڪو نظر ته نٿو اچي پر خاموشي سان هر رشتي، هر فيصلي ۽ هر احساس کي متاثر ڪندو رهي ٿو. اهو عنصر آهي اميد. اميدون انساني زندگيءَ جو فطري حصو آهن. تنھنڪري، هر ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ هڪ اهڙو تصور رکي ٿو، جيڪو کيس ٻڌائي ٿو ته ماڻهو ڪيئن هجن، رشتا ڪيئن هلڻ گهرجن ۽ دنيا کيس ڪهڙي نموني سان جواب ڏئي. اهي اميدون اسان جي تجربي، تعليم، ثقافت، خانداني تربيت، سماجي قدرن ۽ ذاتي خواهشن مان جنم وٺن ٿيون. حقيقت ۾ اميدون انسان جي نفسياتي ڍانچي جو حصو آهن ڇو ته اهي ئي مستقبل بابت تصور، منصوبابندي ۽ مقصدن جي تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. پر ساڳيون اميدون، جڏهن حقيقت کان پري هجن يا غير واضح هجن تڏهن اهي انساني تعلقن ۾ تڪرار، مايوسي ۽ فاصلا پيدا ڪرڻ لڳن ٿيون.

جديد نفسيات ۽ سماجيات جي تحقيق به ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته گهڻا بين الشخصي تڪرار ماڻهن جي خراب نيتن سبب نه پر مختلف اميدن سبب پيدا ٿيندا آهن. ماڻهو اڪثر اهو سمجهن ٿا ته سندن سوچ، احساس يا ضرورتون ٻين تي به اوتريون ئي واضح آهن، جيتريون سندن پنهنجي ذهن ۾ آهن. نتيجي طور هو پنهنجي خواهشن کي بيان ڪرڻ بدران فرض ڪري وٺن ٿا ته ٻيا ماڻهو بنا ٻڌائڻ جي سڀ ڪجهه سمجهي ويندا. جڏهن ائين نٿو ٿئي ته مايوسي جنم وٺي ٿي ۽ مايوسي آهستي آهستي وڌي ناراضگي، شڪايت ۽ بي اعتمادي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اصل ۾ ماڻھو حقيقت پسند ٿيڻ بدران مختلف رشتن، دوستن ۽ مائٽن وغيرھ مان مختلف ڪمن يا مدد لاءِ اميد رکن ٿا يا ۽ جڏھن اھي اميدون پوريون نٿيون ٿين ته ھو اداس ٿي وڃن ٿا، اھڙي طرح انھن جا رشتا ڪمزور ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ اڳتي ھلي عليحدگي جي شڪل اختيار ڪن ٿا. تنھنڪري، رشتن جي دنيا ۾ هڪ دلچسپ تضاد موجود آهي. هڪ پاسي اميدون رشتن کي جنم ڏين ٿيون ۽ ٻئي پاسي اهي ئي اميدون انهن کي ڪمزور به ڪري سگهن ٿيون. اميدون منفي نه ھونديون آهن؛ حقيقت ۾ اهي رشتن جي بقا، تسلسل ۽ معنيٰ لاءِ ضروري آهن. پر مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن اميدون محبت کان وڌيڪ حقن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿيون يا جڏهن ماڻهو ٻين کي انهن جي اصل شخصيت بدران پنهنجي ذهن ۾ ٺهيل معيارن مطابق ڏسڻ شروع ڪن ٿا. اهڙي حالت ۾ اميدون لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ بدران انهن تي بار بڻجي وڃن ٿيون. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته رشتا ڪنهن وڏي حادثي يا تڪرار سبب نه ٽٽندا آهن پر ننڍين ننڍين مايوسين جي جمع ٿيڻ سبب ڪمزور ٿيندا آهن. جڏهن ماڻهو پنهنجون اميدون واضح نٿا ڪن ۽ پوءِ انهن جي پورائي جي توقع رکن ٿا ته مايوسي جنم وٺي ٿي. اڪثر انسان اهو فرض ڪري وٺندو آهي ته سندس احساس، ضرورتون يا خواهشون ٻين لاءِ به اوتريون ئي اھم ھونديون جيتريون سندس پنهنجي ذهن ۾ آهن. جڏهن حقيقت ان تصور سان مطابقت نٿي رکي ته هو ان کي لاپرواهي، بي رخي يا بي وفائي سمجهڻ لڳي ٿو. اهڙي طرح حقيقت ۽ تصور جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ فاصلو آهستي آهستي رشتن جي مضبوطي کي متاثر ڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن ڪو شخص بار بار اهو محسوس ڪندو آھي ته سندس اميدن جو خيال نٿو رکيو وڃي ته هو آهستي آهستي جذباتي طور پوئتي هٽڻ لڳي ٿو. ان عمل ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان اعتماد کي پهچي ٿو. اعتماد ڪنهن هڪ وڏي واعدي سان نه پر روزمره جي ننڍين ڳالهين سان ٺهندو آهي. ساڳي طرح اهو به ڪنهن هڪ واقعي سان نه پر مسلسل مايوسين سان گهٽجندو آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ ٺهيل معيارن کي ٻين جي روين تي لاڳو ڪن ٿا ته هو حقيقت بدران پنهنجين اميدن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ لڳن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهڻ بدران پرکڻ شروع ڪري ڏين ٿا. . مثال طور جيڪڏهن هڪ شخص مسلسل رابطي جي اميد رکي ٿو ۽ ٻيو فطري طور گهٽ ڳالهائيندڙ آهي ته رابطي جي کوٽ کي بي رخي سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو صرف شخصيتن جو فرق هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ مسئلو نيتن جو نه پر اميدن جي تشريح جو هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن اميدون محبت، خيال يا ذميواري جي صورت ۾ ظاهر ٿينديون آهن پر وقت سان گڏ اهي ڪنٽرول يا ضابطي جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن. جڏهن هڪ شخص ٻئي کان پنهنجي خواهشن مطابق رويو، سوچ يا زندگي گذارڻ جي توقع رکڻ لڳي ٿو، تڏهن رشتو برابريءَ واري تعلق بدران هڪ دٻاءُ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو قبول ٿيڻ بدران پاڻ کي مسلسل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، جيڪا جذباتي ٿڪاوٽ ۽ لاڳاپن جي ڪمزوري جو سبب بڻجي سگهي ٿي

اميدن جو اثر صرف رشتن تائين محدود ناهي پر اهي فرد جي شخصيت تي به گهرو اثر ڇڏين ٿيون. جڏهن ڪو انسان مسلسل ٻين جون اميدون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي اصل وجود کان پري ٿيڻ لڳي ٿو. هو اهڙو رويو اختيار ڪرڻ شروع ڪري ٿو، جيڪو سندس فطرت مطابق نھ ھوندو آھي پر ٻين جي خوشي خاطر يا قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. نتيجي طور شخصيت تي ذهني ۽ جذباتي دٻاءُ وڌي ٿو. ڪيترائي ماڻهو زندگيءَ جو وڏو حصو ٻين کي خوش ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏين ٿا، جڏهن ته اندروني طور تي هو پنهنجي اصل طاقت وڃائي ويهندا آهن. اهڙي صورتحال نه صرف فرد جي نفسياتي صحت کي متاثر ڪري ٿي پر رشتن جي صداقت کي به نقصان پهچائي ٿي. ان پوري عمل کي جيڪڏھن گهرائي سان ڏٺو وڃي ته اميد انساني وجود جو هڪ بنيادي محرڪ آهي. اميد کان سواءِ نه خواب وجود ۾ اچي سگهن ٿا، نه مقصدن جو تعين ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ترقيءَ جو سفر اڳتي وڌي سگهي ٿو. انسان جي سموري تهذيبي، سائنسي ۽ سماجي ترقيءَ جي پويان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اميد ئي بنيادي قوت طور ڪم ڪندي رهي آهي. پر ساڳئي وقت هڪ اهم حقيقت کي سمجهڻ ضروري آهي ته اميد ۽ وابستگي هڪجهڙيون شيون نه آهن. اميد انسان کي اڳتي وڌڻ، بهتر سوچڻ ۽ بهتريءَ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ توانائي ڏئي ٿي، جڏهن ته حد کان وڌيڪ وابستگي انسان کي جذباتي طور ٻين جي رويي جو محتاج بڻائي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن شخص جي خوشي، ذهني سڪون يا خودقدري مڪمل طور ٻين جي اميدن جي پورائي سان جڙيل هجي ته پوءِ اهڙي حالت ۾ هو مسلسل جذباتي غير يقيني صورتحال جو شڪار رهي سگهي ٿو. اهڙي وابستگي ناڪامي يا اميدن جي پوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ شديد مايوسي ۽ دل آزاري پيدا ڪري سگهي ٿي، جيڪا رشتن تي به منفي اثر وجهي ٿي. تنهن ڪري اميدون يقيناً ضروري آهن، پر انهن تي انحصار ڪرڻ کان بچڻ به ايترو ئي اهم آهي. متوازن زندگيءَ جو اصول اهو آهي ته انسان اميدون رکي پر پنهنجي اندروني سڪون کي انهن جي نتيجن جو قيدي نه بڻائي.

اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ اميدن جو مسئلو وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽن ماڻهن جي زندگين جو هڪ اهڙو تصور پيش ڪيو آهي، جيڪو گهڻو ڪري حقيقت کان مختلف هوندو آهي. ماڻهو ٻين جي ڪاميابين، خوشين ۽ مثالي لمحن کي ڏسي پنهنجي زندگيءَ ۽ رشتن لاءِ غير حقيقي معيار قائم ڪرڻ لڳن ٿا. نتيجي طور انهن جون اميدون وڌن ٿيون، جڏهن ته برداشت، صبر ۽ حقيقت پسندي گهٽجڻ لڳي ٿي. جديد دور جي ڪيترين ئي نفسياتي پريشانين، جهڙوڪ اڪيلائپ، سماجي بي چيني ۽ جذباتي ٿڪاوٽ جي پويان به غير حقيقي اميدن جو ڪردار نظر اچي ٿو. ان پس منظر ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا انسان کي اميدون ختم ڪري ڇڏڻ گهرجن؟ جواب يقيناً نه آهي. اميدن کان سواءِ نه رشتا ممڪن آهن ۽ نه ئي سماج. مسئلو اميدن جي موجودگي ۾ ناهي پر انهن جي نوعيت، شدت ۽ انتظام ۾ آهي. صحتمند رشتا اهي نه هوندا آهن جن ۾ ڪا اميد نه هجي پر اهي هوندا آهن جن ۾ اميدون واضح، حقيقي، لچڪدار ۽ باهمي سمجهه تي ٻڌل هجن. جتي ماڻهو پنهنجي ضرورتن ۽ احساسن جو اظهار ڪن، جتي ٻڌڻ جي صلاحيت ڳالهائڻ جيتري اهم هجي ۽ جتي انسانن کي انهن جي اصل وجود سان قبول ڪيو وڃي، نه ڪي ذهن ۾ ٺهيل مثالي تصويرن مطابق. بهرحال، هتي هڪ اهم فرق کي سمجهڻ ضروري آهي ته اميد رکڻ ۽ اميدن تي دارومدار رکڻ ٻه مختلف شيون آهن. جڏهن انسان پنهنجي جذباتي سڪون، خوشي يا رشتن جي معنيٰ کي مڪمل طور اميدن جي پورائي سان وابسته ڪري ڇڏي ٿو، تڏهن مايوسي جو امڪان وڌي وڃي ٿو. هر انسان مختلف حالتن، ترجيحن ۽ محدوديتن جو مالڪ آهي، تنهن ڪري هر اميد جو پورو ٿيڻ ممڪن ناهي. جيڪڏهن اميد پوري نه ٿئي ته ڏک، ناراضگي ۽ مايوسي پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا وقت سان گڏ رشتن تي منفي اثر وجهي سگهي ٿي. تنهن ڪري متوازن زندگيءَ جو اصول اهو آهي ته اميدون ضرور رکجن، پر انهن جو غلام نه بڻجي. اميدون رهن، پر انهن سان جذباتي وابستگي ايتري نه هجي جو انهن جي ناڪامي انسان جي اندروني سڪون کي تباهه ڪري ڇڏي.

ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته اميدون انساني زندگيءَ جو هڪ فطري ۽ ناگزير حصو آهن. اهي ئي اسان کي خواب ڏسڻ، لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ هڪ بهتر مستقبل جي جستجو ڪرڻ جي ترغيب ڏين ٿيون. پر ساڳئي وقت، اميدون جڏهن غير حقيقي، اڻ ڳالهايل يا حد کان وڌيڪ سخت بڻجي وڃن ٿيون، تڏهن اهي رشتن جي مضبوطي بدران انهن جي ڪمزوري جو سبب بڻجن ٿيون. حقيقت اها آهي ته انسان پنهنجي خواهشن مطابق دنيا ته تخليق ڪري سگهي ٿو پر ٻين انسانن کي پنهنجي اميدن مطابق ترتيب نٿو ڏئي سگهي. هر فرد پنهنجي سوچ، تجربن، احساسن ۽ محدوديتن سان هڪ الڳ ڪائنات آهي، جنهن کي سمجهڻ ممڪن آهي پر مڪمل طور ضابطو ڪرڻ ممڪن ناهي.

 

You might also like