لياقت راڄپر صاحب سان پھرين ملاقات ُان وقت ٿي جڏھن 1995 ۾ ھڪ اخبار ۾ ھئس، ان زماني ۾ آءِ آءِ چنديگر روڊ اخباري دنيا جو مرڪز ھو، ايڪڙ ٻيڪڙکي ڇڏي ذري گھٽ سڀني سنڌي اردو توڙي انگريزي اخبارن جون آفيسون ان پاسي ٿوري ٿوري فاصلي تي ھونديون ھيون، ايراني خير آباد ھوٽل تي ڪراچي پريس ڪلب جي ِڀيٽ ۾ وڌيڪ صحافي نظر ايندا ھئا،ڪالم نگارن،سياسي سماجي مذھبي،ڪميونسٽ ۽ پورھيت اڳواڻن جي به رش ھوندي ھئي،گھڻا ته پريس رليز به اتي ئي لکندا ھئا، جئين عرض ڪيو تھ اخباري آفيسون اتي ھيون، ان ڪري پريس رليز ورھائڻ صفا سولو ھوندو ھو،خبر ٺاھڻ سان گڏوگڏ سياسي بحث مباحثن جو پڻ دور ھلندو رھندو ھو، سيد مُراد علي شاھ جو والد سيد عبدالله شاھھ تنھن دور ۾ وڏو وزير ھو،کيس پھريون ڀيرو انھيءَ ھوٽل ۾ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، جڏھن ھو ڪراچي شھر ۾ برسات سبب مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ بعد صحافين سان ملاقات ڪرڻ پريس ڪلب بدران اتي پھتو،ياد ٿو پوي ته عبدالله شاھ چانھه جي ڪوپ تي صحافين سان ملاقات دوران کين ٻڌايو ھو ته ھو ستر واري دور ۾ انھيِ ھوٽل تي ماني کائيندو ھو، خير آباد ھوٽل جو ذڪر ان ڪري ڪرڻو پيو ته لياقت راڄپرصاحب جڏھن اسان جي اخباري آفيس اچڻ کان اڳ اطلاع لاءِ فون ڪندو ھو ته نيوز ايڊيٽر مرحوم اقبال سيف کيس چوندو ھو ته پگھار ناھي ملي، چانھه وٺندا اچجو، جنھن سبب ھو سنڌ جي انفارميشن آفيس جي ڪينٽين يا وري انھيءَ ھوٽل تان پنجن ستن ماڻھن لاءِ چانھه پارسل ڪرائي پھچندو ھو ۽ ٽھڪ ڏئي چوندو ھو ته يار توھان ته پنھنجي آافيس اچڻ جو مونکان ڀتو ٿا وٺو، پوءِ سڀ ڊيسڪ وارا وڏو ٽھڪ ڏئي چانهھ کي چسڪا ڏئي انجواءِ ڪندا هياسين.
لياقت راڄپر سنڌ جي اطلات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر ھو، تنھن دور ۾ ان کاتي جو ڪم خبر موڪلڻ ۽ ڪنھن خبر لاءِ درخواست واري انداز ۾ پارت کانسواءِ ڪجهھ به نه ھوندو ھو، ھاڻ ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ مقرريون بدليون به اتان ٿيڻ جو الزام آھي، لياقت صاحب سنڌ اسيمبلي کان چندريگر روڊ تائين پيادو ھلندو ھو، پري کان سندس سڃاڻپ دائري ھئي، جيڪا کيس َڪڇ ۾ ھوندي ھئي، سانوري رنگت، اندر جو صاف ۽ علمي ادبي انداز ۾ ڳالههائڻ جو ڏانءُ رکندو ھو، انگريزي ڏاڍي ڀلي ھئس، اھو ئي سبب ھو ته انگريزي اخبارن ۾ گھڻو لکندو ھو، اھا صلاحيت سندس ننڍي ڀاءُ ذوالفقار راڄپر ۾ به موجود آھي، جيڪو ھن وقت سخت بيمار آھي، پريس ڪلب ۾ جڏھن به ملندو آھي، لياقت صاحب کي ضرور ساريندو آھي، خواھش اٿس ته سندس لکڻيون سھيڙي ڪتاب آڻي، پر مالي حالتون کيس اھڙي اجازت نٿيون ڏين، ذوالفقار موجب لياقت صاحب جي حياتي ۾ ئي خواهش هوندي هئي ته سندس انگريزي سميت اردو ۽ سنڌي ۾ هڪ هڪ ڪتاب ڇپجڻ گهرجي.
هن خوشحال ترين خاندان ۾ ٻه پڙهيل لکيل باشعور ۽ ھڏ ڏوکي فرد نظر آيا آهن ، جن پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ عزت پئسي يا لکين رپين جي دعوتن جي بنياد تي نه ٺاهي آهي، لياقت راڄپر پنهنجي شخصيت پنهنجي مسلسل قلمي جدوجهد ۽ مطالعي آڌار مڃرائي، ساڻس ٽن ڏھاڪن کان مٿي عرصي تائين شناسائي رھي، ھن آخري وقت تائين سادگي برقرار رکي، ڪراچي ۾ شايد ئي ڪا اھڙي ادبي تقريب ھجي جنھن ۾ شرڪت نه ڪندو ھجي، گھڻين تقريبن جو ته احوال به اخبارن ۾ لکندو ھو، ناميارو اديب ستار پيرزادو صاحب سندس پڳ مٽ يار ھو، منھنجي خيال ۾ حياتي جي آخري ڏھاڪي ۾ ٻئي ڄڻا اڪثر گڏ نظر ايندا ھئا، ھڪ ڏينھن فون ڪري چائين ته ادا توسان ملڻو آھي، سو ٻئي ڄڻا صبح جو سنڌ پبلڪ لائبريري ڀٽائي آباد پھتا، چانھه پيئڻ بعد لياقت صاحب چيو ته اسان ستار پيرزادي صاحب جي سنڌ پبلڪ لائبريري ۾ سالگرھ تقريب ڪرڻ چاھيون ٿا،اجازت ڏيو، مون کين چيو تھ قبلا اھا به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آھي، پوءِ ھڪ ھفتي بعد شاندار تقريب ٿي، جنھن ۾ تقرير ڪندي ستار صاحب حياتي ۾ مڃتا ملڻ تي لڙڪ ھاري ويٺوھو، ٻئي ڄڻا تسلسل سان سنڌ پبلڪ لائبري جي تقريبن ۾ ايندي چوندا ھئا ته يار تون اھڙيون تقريبون ڪري اسان جھڙن لاءِ وقت پاس ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آھي.
لياقت راڄپر جي پنھنجي گھر ۾ به لائبريري ھئي،ڪتابن جي سٺي چونڊ ھئس،چوندو هو ته ھڪ نياڻي ۾ ڪتاب پڙھڻ جو رجحان آھي، ُپٽ جو اولاد نه ھئس، ستار ڀٽي سندس ويجھن دوستن ۾ ھو، ھڪ ڀيرو سنڌ پبلڪ لائبريري ۾ استاد بخاري جي جنم ڏھاڙي بابت تقريب ھئي ته ان کي به وٺي آيو ، مون کيس منير راميجي سان به تقريبن ۾ ڏٺو، ھڪ ڏينھن شام جو فون ڪري چائين سڀاڻي توسان ملڻ ايندس، ٻئي ڏھاڙي آيو ته سندس شيو وڌيل ھئي، اھو پھريون موقعو ھو جو کيس ڪمزور ۽ ٿورو پريشان ڏٺم، وقفي وقفي سان کنگھيو به پئي، پڇيومانس ڇا ٿيو سائين؟ چيائين يار چاڪ ناھيان، نيرن لاءِ پڇيم ته چيائين ،ڪجهه به نه، بس کير جو اڌ گلاس ھجي تھ گھران کڻي اچ حڪيمي دوا وٺڻي آھي، ان ڀيري ھو اڪيلو آيو جو ستار پيرزادو صاحب گذاري چڪو ھو، ٻه ڪلاڪ ڪچھري ڪيائين جيڪا نج ادبي ھئي،پوءِ اجازت ورتائين، وري اتفاق سان ملاقات نه ٿي پر فون تي رابطو رھيو،ڇاڪاڻ ته وبائي مرض ڪورونا سڄي دنيا ۾ پکڙجڻ سبب ھر ڪو گھرن تائين محدود ٿي چڪو ھو،
ھڪ ڏھاڙي خبر پئي ته سندس والد صاحب جي طبعيت ٺيڪ ناھي، ان ڪري ھو لاڙڪاڻي ھليو ويو، جتي ذوالفقار راڄپر ته ھن والد جي خدمت ۾ حاضر هو، والد سڪرات ۾، لياقت به ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کٽ تي پيل هو، کيس والد سان ملڻ ڳالهائڻ جو وقت نه مليو، ٻن ڏينهن ۾ والد صاحب لاڏاڻو ڪري ويو، جنھن کي دفنائي آيا ته لياقت راڄپر صاحب جي طبعيت به خراب ٿي پئي، ساھ جي تڪليف سبب اسپتال داخل ٿيو، جتي مرض جي ڪورونا طور سڃاڻپ ٿي، ھو 24 ڪلاڪن اندر ئي والد صاحب جي ٽيجھي واري ڏينھن وڇڙي ويو، جنھن ڪري هڪ هفتي اندر ھڪ گھر مان ٻه جنازا نڪتا، ڪراچي ۾ موجودگي دوران اھڙيون ڳالههيون ٻڌي سڄي سنگت کي دلي صدمو ٿيو
اھڙي نموني علم ۽ ادب جي دنيا جو ھيءُ ”ملُوڪ ماڻھو 18 جون 2019 تي “ اسان کان جدا ٿيو، لياقت جي خواهش هوندي هئي ته پنهنجي امڙ جي نالي سان ڪو ادارو قائم ڪري، ذوالفقار سندس ياد ۾ مختيار سمي جي ناليج سينٽر لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پروگرام ڪرايا، پر رٽائرمنيٽ بعد ھن جنهن خانگي ٽي وي چئنل کي وقت ڏنو، تنهن اتي سندس ضرورت ئي محسوس نه ڪئي وئي نه وري بيحس سماج ۾ موجود ڪجهه رت جي رشتن کيس سارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ذوالفقار سندس مشن اڳتي وڌائي سگھي ٿو پر جئين اڳ ٻڌايو ته ھو پاڻ به ٽن سالن کان بيماري سان اَڪيلي سر وڙهندي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهتو آهي،ھو سمجھي ٿو ته جيڪڏھن لياقت هجي ها ته پاڻ کي ڪجهه طاقتور محسوس ڪري ھا، اچو ته لياقت راڄپر صاحب جي مغفرت ۽ ذوالفقار راڄپر جي صحتيابي لاءِ ڌڻي در دعا گھرون.