سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 2026-27ع لاءِ 3 هزار 562 ارب رپين جي بجيٽ ڪالهه پيش ڪئي وئي. هي بجيٽ اهڙي وقت پيش ڪئي وئي آهي جڏهن پاڪستان جي مجموعي معيشت مهانگائي، قرضن جي وڌندڙ بار، توانائي جي بحران، بيروزگاري ۽ ترقياتي ضرورتن جهڙن وڏن چئلينجن مان گذري رهي آهي. سنڌ کي ملڪ جي معاشي شهه رڳ سمجهيو ويندو آهي، سنڌ جو شهر ڪراچي نه رڳو پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي پر قومي معيشت جو مرڪز پڻ آهي. ان ڪري سنڌ جي بجيٽ رڳو هڪ صوبي جي مالي دستاويز نه پر اهڙو منصوبو آهي جنهن جا اثر سڄي ملڪ جي معيشت تي به پوندا آهن.
هر سال بجيٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ حڪومت پنهنجون ترجيحون، منصوبا ۽ مقصد عوام آڏو رکي ٿي. هن سال به سنڌ حڪومت تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر، بلدياتي سهولتن، زراعت، آبپاشي، امن امان ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن لاءِ اهم اعلان ڪيا آهن. ظاهري طور تي هي بجيٽ ترقياتي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي بجيٽ عوام جي مسئلن جي حل ۾ اثرائتو ثابت ٿيندو يا رڳو انگن اکرن جي هڪ خوبصورت دستاويز بڻجي رهندو.
سنڌ جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي. شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ ترقي جو فرق اڃا به نمايان آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر کي پاڻي، ٽرانسپورٽ، صفائي ۽ ٽرئفڪ جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته اندرون سنڌ جا ڪيترائي ضلعا بنيادي سهولتن کان محروم آهن. اهڙين حالتن ۾ عوام جي اميد هئي ته بجيٽ ۾ اهڙيون پاليسيون متعارف ڪرايون وينديون جيڪي عام ماڻهو جي زندگيءَ ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهن. هن بجيٽ جو حجم گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌايو ويو آهي. هن واڌ جو مقصد ترقياتي منصوبن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ٻڌايو پيو وڃي. ترقياتي پروگرام لاءِ وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته روڊن، پلن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين بنيادي ڍانچن جي منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
تعليم ڪنهن به معاشري جي ترقي جو بنياد هوندي آهي. سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي لاءِ قابل ذڪر فنڊ مختص ڪيا آهن. سرڪاري اسڪولن جي بهتري، نون تعليمي ادارن جي قيام، استادن جي تربيت ۽ جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي کي ترجيح ڏني وئي آهي. جيڪڏهن انهن منصوبن تي اثرائتي نموني عمل ڪيو ويو ته اهو صوبي جي لکين ٻارن جي مستقبل کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بهرحال، ماضي جا تجربا ٻڌائين ٿا ته صرف فنڊ مختص ڪرڻ ڪافي نه هوندو آهي، پر شفافيت ۽ سخت نگراني به ضروري هوندي آهي. صحت جو شعبو پڻ سنڌ لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي کوٽ ۽ شهري اسپتالن تي وڌندڙ بار حڪومت لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي. بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ اضافي وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن. جديد طبي اوزارن، دوائن جي فراهمي ۽ نون اسپتالن جي تعمير جا منصوبا پڻ شامل ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن انهن منصوبن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو ويو ته عوام کي صحت جون بهتر سهولتون ملي سگهن ٿيون.
ڪراچي جي ترقي سنڌ جي مجموعي ترقي سان ڳنڍيل آهي. شهر قائد کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انفراسٽرڪچر جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ٽٽل روڊ، پاڻي جي کوٽ، نيڪال جي خراب نظام ۽ ٽرئفڪ جام شهري زندگي کي متاثر ڪن ٿا. بجيٽ ۾ ڪراچي جي مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ اربين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. حڪومت جو دعويٰ آهي ته شهري ٽرانسپورٽ جي نظام کي بهتر بڻايو ويندو ۽ عوامي سهولتن ۾ واڌ ڪئي ويندي. بهرحال شهري هاڻي رڳو اعلان نه پر عملي نتيجا ڏسڻ چاهين ٿا. زرعي شعبو سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. صوبي جي لکين ماڻهن جو روزگار زراعت سان لاڳاپيل آهي. بجيٽ ۾ زرعي ترقي، آبپاشي نظام جي بهتري، جديد ٽيڪنالاجي جي واڌاري ۽ آبادگارن جي سهائتا لاءِ مختلف پروگرام شامل ڪيا ويا آهن. موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت کي سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته مختص ڪيل وسيلن جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته جيئن زرعي پيداوار ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهي.
سنڌ کي گذريل سالن دوران ٻوڏن ۽ موسمياتي آفتن سبب وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي. لکين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ بنيادي ڍانچي کي اربين رپين جو نقصان پهتو. ان پس منظر ۾ بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلي سان مقابلي، ٻوڏ کان بچاءَ ۽ ماحولياتي منصوبن لاءِ به فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. اهو هڪ مثبت قدم آهي، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ اهڙن خطرن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان موجود آهي. سرڪاري ملازم ڪنهن به حڪومتي نظام جو اهم حصو هوندا آهن. بجيٽ ۾ تنخواه ۽ پينشن ۾ واڌ جون تجويزون شامل ڪيون ويون آهن. مهانگائي جي موجوده صورتحال ۾ ملازمن لاءِ اهو هڪ اهم رليف سمجهيو پيو وڃي. بهرحال سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هي اضافو مهانگائي جي رفتار جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو يا نه. سماجي ڀلائي جي منصوبن کي به بجيٽ ۾ خاص اهميت ڏني وئي آهي. گهٽ آمدني وارن خاندانن، عورتن، ٻارن ۽ خصوصي ماڻهن لاءِ مختلف فلاحي پروگرامن جو اعلان ڪيو ويو آهي. غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ لاءِ اهي قدم اهم آهن، پر انهن جي ڪاميابي جو دارومدار شفاف عملدرآمد تي هوندو.
اپوزيشن جماعتن بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت زميني حقيقتن بدران روايتي دعوائن کي ترجيح ڏني آهي. سندن خيال آهي ته عوام کي درپيش مهانگائي، بيروزگاري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ جهڙن مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن ها. اپوزيشن جو اهو به چوڻ آهي ته ماضي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، تنهن ڪري نون واعدن تي عوام جو اعتماد محدود آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته محدود وسيلن جي باوجود هڪ متوازن بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي. وفاقي مالي ايوارڊ، ٽيڪس وصولين ۽ معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. حڪومتي نمائندن موجب جيڪڏهن مالي نظم و ضبط برقرار رهيو ته صوبو ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري سگهي ٿو.
معاشي ماهر بجيٽ کي مجموعي طور ترقياتي دستاويز قرار ڏين ٿا، پر هو ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته اصل ڪاميابي عملدرآمد ۾ لڪل آهي. پاڪستان ۾ اڪثر بجيٽن جو مسئلو اهو رهيو آهي ته اعلان ته وڏا ڪيا ويندا آهن پر عملي نتيجا اميدن مطابق سامهون ناهن ايندا. جيڪڏهن منصوبن جي بروقت تڪميل، شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻايو ويو ته هي بجيٽ واقعي سنڌ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.عوام جي سڀ کان وڏي اميد مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ آهي. جيتوڻيڪ صوبائي حڪومت سڌي طرح سمورا معاشي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، پر اها سيڙپڪاري جي واڌاري، صنعتي ترقي ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ سازگار ماحول ضرور پيدا ڪري سگهي ٿي. بجيٽ ۾ شامل اهڙن قدمن جي ڪاميابي ايندڙ مهينن ۾ واضح ٿيندي.
اها حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته سنڌ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ محصول پيدا ڪندڙ صوبن مان هڪ آهي. ڪراچي جون بندرگاهون، صنعتون ۽ واپاري مرڪز قومي معيشت لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. تنهن ڪري سنڌ جي ترقي دراصل پاڪستان جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن صوبي ۾ بنيادي ڍانچو مضبوط ٿيندو، سيڙپڪاري وڌندي ۽ عوام کي بهتر سهولتون ملنديون ته ان جا مثبت اثر سڄي ملڪ تي پوندا.بجيٽ رڳو آمدني ۽ خرچن جو حساب ڪتاب نه هوندو آهي، پر اهو حڪومت جي سوچ، ترجيحن ۽ مستقبل جي ويزن جو به آئينو هوندو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي نئين بجيٽ ۾ ترقي، عوامي ڀلائي ۽ معاشي استحڪام جا هدف مقرر ڪيا آهن. هاڻي اصل امتحان انهن هدفن کي عملي شڪل ڏيڻ جو آهي. عوام نتيجا ڏسڻ چاهي ٿو، رڳو واعدا نه. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي اعلانن تي اثرائتي نموني عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته هي بجيٽ سنڌ جي ترقي ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن ماضي وانگر منصوبا ڪاغذن تائين محدود رهيا ته عوامي مايوسي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ايندڙ وقت فيصلو ڪندو ته 3 هزار 562 ارب رپين جو هي بجيٽ سنڌ جي عوام لاءِ خوشحالي جو پيغام بڻجي ٿو يا رڳو هڪ مالي دستاويز ثابت ٿئي ٿو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته موجوده معاشي حالتن ۾ هي بجيٽ صوبي جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ ان جا اثر ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين محسوس ڪيا ويندا.