اسلام آباد(رپورٽر) چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪاروباري شخص جو طرز زندگي سندس ظاهر ڪيل آمدني جي مقابلي ۾ شاهوڪار آهي ته ان جو آڊٽ ڪيو ويندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال وضاحت ڪئي ته اهو فرض ڪرڻ درست ناهي ته هڪ ڪاروباري شخص صرف 25,000 رپيا ادا ڪرڻ سان ٽيڪس جي ذميواري کان مڪمل طور تي آزاد ٿي ويندو. آمدني جي ذريعن کان وڌيڪ اثاثا، ايف بي آر کي سرڪاري ملازمن جي جاچ جو اختيار ڏنو ويندو.هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪاروباري شخص جو طرز زندگي سندس ظاهر ڪيل آمدني جي مقابلي ۾ شاهوڪار آهي ته ان جو آڊٽ ڪيو ويندو. ايف بي آر چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن واپاري جي ڪاروبار وڌيڪ آهي ته ان کي مقرر ڪيل شرح تي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ست ملين ماڻهو ٽيڪس جي صحيح رقم ادا نه ڪري رهيا آهن. ڪارپوريٽ شعبي تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ اصولي طور تي صحيح قدم نه هو. اهو مخصوص معاشي ۽ مالي پابندين جي تحت لاڳو ڪيو ويو