برطانيا ۾ ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا استعمال تي بندش

لنڊن(عوامي آواز نيوز) برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي تحفظ لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي مڪمل پابندي جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر هن تاريخي فيصلي جا سبب بيان ڪندي چيو ته اڄڪلهه جي دور ۾ ٻارن کي اهڙي دنيا ۾ زندگي گذارڻي پئجي رهي آهي، جتي ٽيڪنالاجي سندن زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر پهلوءَ ۾ زبردستي مداخلت ڪري رهي آهي. مان هاڻي هن صورتحال کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهان. ان ڪري اسان هي سخت فيصلو ڪري پنهنجن معصوم ٻارن کي سندن خوبصورت ٻالڪپڻ واپس ڏئي رهيا آهيون، ته جيئن هو انٽرنيٽ جي هن مصنوعي  دنيا کان ٻاهر نڪري حقيقي زندگي گذاري سگهن.”برطانوي وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جو مقصد ٻارن کي سوشل ميڊيا جي ممڪن نقصانن، جهڙوڪ ذهني دٻاءُ، آن لائن هراساني، غير مناسب مواد ۽ ڊجيٽل لت کان بچائڻ آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.