20 ارب رپين جي ڪرپشن:سعيد غني سان سندس ئي وزارت جي آفيسرن جا اختلاف؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو)صوبائي وزير سعيد غني تي ڪنهن جو دٻاءُ آهي؟رپورٽ موجب سنڌ جي ليبر واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سان سندس ئي کاتي جي آفيسرن جا اختلاف سامهون اچي ويا آهن. جيڪي ماڻهو سعيد غني جي طبيعت کي ڄاڻن ٿا، انهن مطابق هو پاڻ به سخت مزاج ۽ مداخلت برداشت نه ڪندڙ طبيعت جو مالڪ آهي. هو ناانصافي کي خاموشي سان برداشت نٿو ڪري. سعيد غني پاڻ به چوندو آهي ته هو هر معاملي تي وڙهندو رهيو آهي، پر ڪجهه معاملن ۾ پارٽي جي هدايت تي خاموش رهڻو پوندو آهي.بهرحال، هن چيو ته هو ليبر کاتي ۾ ڪرپشن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو ۽ نه ئي ڪو دٻاءُ برداشت ڪندو. هن مبينا طور هٿ جي اشاري سان چيو ته سندس مزاج  ٽڪر وٺڻ وارو آهي ۽ پوءِ پوئتي نه هٽڻ وارو آهي”.رپورٽ موجب تڪرار جو بنيادي سبب هڪ مبينا 20 ارب رپين جو ٽينڊر اسڪينڊل آهي، جيڪو اڳوڻي دور ۾ ٿيو هو. الزام آهي ته ان رقم مان موٽرسائيڪلن، بلڊنگن جي تعمير ۽ ٻين منصوبن تي وڏي رقم خرچ ڪئي وئي.جڏهن سعيد غني طرفان حساب گهريو ويو ته مبينا طور ڪو به آفيسر حساب ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. ان دوران ڪجهه آفيسرن کي معطل ڪيو ويو،  پر اهي عدالت ۾ هليا ويا ۽ عدالت کان اسٽي آرڊر حاصل ڪري ٻيهر پنهنجي عهدن تي بحال ٿي ويا.رپورٽ موجب هاڻي صورتحال اها آهي ته ليبر کاتي جا ڪجهه آفيسر وزير جي حڪمن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن ۽ عدالتن مان اسٽي آرڊر حاصل ڪري پنهنجو ڪم جاري رکيو اچن،سعيد غني جي موقف موجب کاتي ۾ مبينا ڪرپشن ٿي آهي، ۽ هو ان معاملي کي هر صورت ۾ سامهون آڻڻ چاهي ٿو، پر کيس دٻاءُ جو منهن به ڪرڻو پئجي رهيو آهي.سوال اهو آهي ته آخر کاتي ۾ فيصلو ڪير ڪندو  وزير يا آفيسر؟ايندڙ وقت ۾ اهو طئي ٿيندو ته دٻاءُ وجهندڙ ڪامياب ٿين ٿا يا وزير سعيد غني پنهنجي موقف تي قائم رهي ٿو۔ بنيادي الزام هڪ ڀيرو ٻيهر 20 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جي چوڌاري گردش ڪري رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.