مظفرآباد(عوامي آواز نيوز)مظفرآباد ۾ پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي راڄڌاني ۾ پوليس احتجاج ڪندڙ ڪيترين ئي عورتن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.اطلاعن موجب لڳ ڀڳ ٻه درجن عورتون ۽ ٻار نلوچي چوڪ ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪري رهيا هئا، جتي پوليس پهچي کين حراست ۾ وٺي گاڏين ذريعي ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪيو.پوليس سربراهه ملڪ لياقت اعوان بي بي سي سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته گرفتار ڪيل عورتون ڪنهن مخصوص ايجنڊا تحت گڏ ٿيون هيون. پوليس موجب انهن عورتن تي الزام آهي ته هنن پاڪستان خلاف نعريبازي ۽ حڪومت مخالف نعره بازي ڪئي، جنهن تي کين حراست ۾ ورتو ويو.آءِ جي پوليس جو چوڻ آهي ته جتي عورتون گڏ ٿيون هيون اتي ضلعي انتظاميا جا آفيسر به موجود هئا، ۽ شروعات ۾ انهن دڪانن جي کولڻ جي حق ۾ نعرا هنيا، پر ڪجهه وقت بعد مبينا طور حڪومت مخالف ۽ پاڪستان خلاف نعره بازي شروع ڪري ڏني.هن وڌيڪ الزام لڳايو ته ممنوع قرار ڏنل تنظيم “جموں ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي” جي ايجنڊا تحت هاڻي احتجاج لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي اڳتي آندو پيو وڃي، ۽ اهو احتجاج به ان ئي حڪمت عملي جو حصو هو.آءِ جي مطابق شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي، تنهنڪري قانون جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر منير قريشي چيو ته هن وقت شهر جون گهڻيون بازارون کليل آهن ۽ ماڻهو روزمره جون شيون خريد ڪري رهيا آهن.مظاهري ۾ شامل هڪ عورت جو چوڻ هو ته هو پاڙي جون عورتون ۽ ڇوڪريون هيون، جيڪي دڪان بندش خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيون هيون، پر پوليس کين ٽڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ مبينا طور هوائي فائرنگ به ڪئي.سندن الزام آهي ته گرفتارين دوران عورت پوليس اهلڪار موجود نه هئي ۽ مرد اهلڪارن عورتن کي حراست ۾ ورتو، جڏهن ته هڪ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي به گرفتار ٿيلن ۾ شامل آهي.هڪ مقامي شخص موجب سندس 80 ورهين جو والد به مظاهرو ڏسڻ لاءِ بيٺو هو، جنهن کي به پوليس مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ سندس ڀاءُ کي به گرفتار ڪيو ويو.پوليس اسٽيشن صدر مظفرآباد سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهلڪار تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو۔
نواز ليگ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو پ پ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير، پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي طرفان چونڊون ملتوي ڪرڻ واري مطالبي کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.پارٽي جي آزاد ڪشمير صدر شاهه غلام قادر اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ ٻين سينيئر اڳواڻن سان گڏ ڪشمير ڪائونسل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئين ۽ قانون موجب موجوده اسيمبلي جي مدت 3 آگسٽ تي ختم ٿي ويندي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي شيڊول مطابق 27 جولاءِ کان اڳ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ڪا به گنجائش موجود ناهي.هن چيو ته آزاد ڪشمير جي صورتحال انتهائي سنگين آهي، تنهن هوندي به بند رستا فوري طور کوليا وڃن ۽ روزمره جي ضرورتن جون شيون بنا رڪاوٽ فراهم ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) اپوزيشن جي حيثيت سان صورتحال ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.پريس ڪانفرنس دوران شاهه غلام قادر چيو ته جنگي حالتن ۾ به چونڊون ٿينديون رهنديون آهن، ۽ مسلم ليگ (ن) 1974 واري آئين سان مڪمل طور تي بيٺل آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته اهو خطي ۾ جمهوريت لاءِ سخت نقصانده ثابت ٿيندو.ياد رهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير طرفان خطي جي بگڙندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي چونڊ شيڊول واپس وٺڻ ۽ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.ان تي آزاد جموں و ڪشمير اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو آهي ته عبوري آئين 1974 جي آرٽيڪل 22(4) تحت قانون ساز اسيمبلي جون عام چونڊون اسيمبلي جي آئيني مدت ختم ٿيڻ کان 60 ڏينهن اندر ڪرائڻ لازمي آهن۔
زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ 12 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري
ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن محمد امين الله صديقي سرڪاري ۽ خانگي شعبن سان تعلق رکندڙ 12 جوابدارن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن .جيڪي زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ، سرڪاري زمين تي قبضا، سرڪاري رڪارڊ ۾ تبديلي، اختيارن جي غلط استعمال، رشوت ۽ ڪرپشن سان لاڳاپيل آهن.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.عدالتي حڪم موجب، ابتدائي شڪايت، دستاويزي ثبوتن ۽ شاهدن جي بيانن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، عدالت پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ ڪرپشن روڪٿام ايڪٽ، 1947 جي مختلف شقن تحت ڪيس جو نوٽيس ورتو ۽ درخواست قبول ڪئي. عدالت فيصلو ڏنو ته رڪارڊ تي موجود مواد پهرين نظر ۾ وڌيڪ جاچ ۽ عدالتي ڪارروائي کي جائز قرار ڏئي ٿو.جن مکيه جوابدارن خلاف وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن انهن ۾ اسد الله کوسو(ايڊيشنل ڪمشنر-II ڪراچي ڊويزن)، سجاد ابڙو (اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو)، محمد علي شاهه بخاري (اڳوڻو سروي سپرنٽينڊنٽ)، انور علي پنهور (اڳوڻو سروي سپرنٽينڊنٽ)، محمد ابراهيم جوڻيجو (مختيارڪار سب ڊويزن ڪورنگي) ۽ وحيد اختر (سٽي سرويئر) شامل آهن.خانگي ڪمپني نور ڊولپرز پرائيويٽ لميٽيڊ کي به ڪيس ۾ ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪمپني جي سي اي او ۽ ڊائريڪٽرن چوڌري قيصر محمود، سيد حسنين عباس نقوي، محمد علي شاهه بخاري ۽ مبشر علي شاهه بخاري جا نالا پڻ جوابدارن ۾ شامل آهن.ان کان علاوه، محمد رضوان ۽ غلام رسول، جيڪي روينيو ڊپارٽمينٽ جا ملازم ۽ نگران انسپيڪٽر آهن، انهن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.درخواستگذار موجب ڪورنگي ۾ سندس ذاتي ملڪيت ۽ سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو ويو هو.
سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ سيشن اجلاس اربعا تي طلب
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو نئين مالي سال 2026-27ع جو بجيٽ اجلاس اربع جي ڏينهن شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ اجلاس کان اڳ ساڳئي ڏينهن سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ بجيٽ بابت تجويزن جي منظوري ورتي ويندي. رپورٽن مطابق ڪابينا اجلاس ۾ مالي سال جي آمدني، خرچن، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمز تي تفصيلي غور ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ بجيٽ کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
سنڌ جي 2,662 شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپن جي منظوري
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت اعليٰ تعليم جي واڌاري ۽ باصلاحيت شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ (SEEF) تحت تعليمي سال 2024-25 لاءِ سنڌ سان واسطو رکندڙ 2,662 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي يونيورسٽي اسڪالرشپن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اسڪالرشپ تي اڳ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 5,853 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اسڪالرشپن جي تجديد جي به منظوري ڏني وئي آهي. اهڙو فيصلو سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪاليجن واري کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري کاتي جي سيڪريٽري عباس بلوچ، اسڪول ايجوڪيشن واري کاتي جي سيڪريٽري زاهد عباسي، ايس اي اي ايف جي سيڪريٽري اقبال جماڻي سميت بورڊ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايس اي اي ايف تحت سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ملڪ جي 92 سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جون 2026 تائين فنڊ جي مجموعي سيڙپ 12 ارب 616.7 ملين رپين تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت هر سال فنڊ ۾ 2 ارب رپين جو اضافو ڪري رهي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته 2002ع ۾ قائم ڪيل سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ جي سهائتا سان هيل تائين 42 هزار 169 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي مختلف يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ صوبي جي غريب، محنتي ۽ باصلاحيت نوجوانن جي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. هن چيو ته معاشي مشڪلاتون ڪنهن به شاگرد جي تعليم ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجن ۽ سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته هر قابل شاگرد کي سندس صلاحيتن موجب اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا حاصل ٿين. سيد سردار علي شاهه اجلاس ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي بورڊ ميمبرن طور غيرحاضري تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته بورڊ جي اجلاسن ۾ وائيس چانسلرن جي فعال شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن کي درپيش مسئلن، تعليمي ضرورتن ۽ سهولتن بابت اثرائتيون تجويزون سامهون اچي سگهن ۽ وظيفن جي نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر بڻائي سگهجي.