ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت دعوائون نه ڪيون آهن پر ڪم، ڪم ۽ ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، ۽ اسان مخالفن کي به چئون ٿا ته اچو ته گڏجي عوام لاءِ ڪم ڪريون، مخالف پنهنجي جاءِ تي، خدمت پنهنجي جاءِ تي، نعرن ۽ پريس ڪانفرنسن تي نه، اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته عوام کي جهڳڙن ۽ الزامن سان نه پر خدمت مان فائدو ملندو آهي، ترقي ۽ عملي قدمن، ترقياتي منصوبن ۽ عوام دوست قدمن ثابت ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جي سياست جو محور صرف عوامي خدمت آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو روزانو پريس ڪانفرنسون ڪندا آهن، الزام لڳائيندا آهن ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف هوندا آهن، سنڌ حڪومت عملي قدمن ذريعي عوام جا مسئلا حل ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان ايئر فورس جي تربيتي جهاز جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ حادثي ۾ پاڪستان ايئر فورس جي فلائيٽ ليفٽيننٽ محمد قاسم عبدالله ۽ پاڪستان نيوي جي ليفٽيننٽ طحه عباسي جي شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪيو.