اها نهايت حيرت جوڳي ۽ ساڳئي وقت افسوسناڪ حقيقت آهي ته پاڪستان، خاص طور سنڌ جهڙي تاريخي طور روشن خيال خطي ۾، عورتن جي عالمي ڏينهن تي وڏا وڏا بيان ڏنا وڃن ٿا، عورتن جي ترقي، برابري ۽ بااختياريءَ جا نعرا هنيا وڃن ٿا، پر جڏهن اهي ئي عورتون پنهنجي حقن لاءِ منظم، باشعور ۽ پرامن انداز ۾ روڊن تي نڪرن ٿيون ته سماج، حڪومت ۽ اقتدار جا ايوان اوچتو پريشان ٿي وڃن ٿا. سوال هي آهي ته آخر آزاد، باشعور ۽ خودمختيار عورت کان ايترو ڊپ ڇو؟
هي خوف ڪنهن هڪ مارچ يا ڪنهن هڪ نعري جو خوف ناهي. هي ان تبديليءَ جو خوف آهي جيڪا عورتن جي شعور سان جنم وٺي ٿي. جڏهن عورت پنهنجي حيثيت کي ڪنهن جي ملڪيت بدران هڪ مڪمل انسان طور سڃاڻڻ شروع ڪري ٿي، جڏهن هوءَ پنهنجي زندگيءَ بابت فيصلا پاڻ ڪرڻ جو حق گهري ٿي، جڏهن هوءَ سوال ڪري ٿي، مزاحمت ڪري ٿي ۽ خاموش رهڻ کان انڪار ڪري ٿي، تڏهن پدرشاهي سماج جا بنياد لڏي وڃن ٿا.
اسان جي سماج ۾ صدين کان عورت کي هڪ مخصوص دائري ۾ قيد رکيو ويو آهي. هن کي فرمانبردار، خاموش، برداشت ڪندڙ ۽ تابع رهڻ سيکاريو ويو. هڪ اهڙي عورت کي سٺي عورت جو لقب ڏنو ويو، جيڪا پنهنجن خواهشن، خوابن ۽ حقن کي قربان ڪري ٻين جي مرضيءَ مطابق زندگي گذاري. ٻئي پاسي، جيڪا عورت سوال ڪري، پنهنجي تعليم، روزگار، لباس، شادي، جسم، يا زندگيءَ بابت پنهنجي مرضيءَ جو اظهار ڪري، ان کي بگڙيل، مغربي سوچ واري، خاندان دشمن يا اخلاق کان هٽيل قرار ڏنو وڃي ٿو. هي ورهاست اتفاقي ناهي. هي هڪ منظم سماجي حڪمت عملي آهي جنهن جو مقصد عورت کي نفسياتي طور اهو باور ڪرائڻ آهي ته سندس آزادي ڪو حق نه، پر ڪا غلطي آهي.
اصل ۾ مرداڻي بالادستيءَ تي بيٺل سماج کي اهو خوف آهي ته جيڪڏهن عورت واقعي خودمختيار ٿي وئي ته پوءِ طاقت جي روايتي مرڪزن تي سوال اٿندا. گهرن اندر فيصلا گڏيل ٿيڻ لڳندا. ڌيئرون پنهنجي تعليم، شادي ۽ مستقبل بابت پاڻ چونڊ ڪنديون. عورت معاشي طور خودڪفيل ٿيندي ته ظلم برداشت ڪرڻ تي مجبور نه رهندي ۽ جڏهن عورت نه چوڻ سکندي، تڏهن صديون پراڻي ڪنٽرول جو ڍانچو ڪمزور ٿيندو.
شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ رڳو ڪجهه مرد نه، پر ادارا به ان شعور کان پريشان نظر اچن ٿا. جڏهن حڪومت عورت مارچ تي شرط مڙهي ٿي، لباس بابت هدايتون جاري ڪري ٿي، نعرا طئي ڪري ٿي يا اظهار جي حد مقرر ڪري ٿي، ته اهو رڳو انتظامي قدم نه هوندو؛ اهو ان ڳالهه جو اعتراف هوندو آهي ته عورتن جو آزاد آواز اقتدار لاءِ هڪ چئلينج بڻجي رهيو آهي. ۽ سوال اتي ئي بيهي ٿو: حڪومت جو ڪھڙو ڪم جو ھوءَ عورتن کي ٻڌائي ته هو ڇا پائين؟ ڪيئن ڳالهائين؟ ڪهڙا نعرا هڻن؟ هڪ جمهوري حڪومت جو ڪم شهرين جي آزاديءَ جو تحفظ ڪرڻ آهي، سندن جسم، سوچ ۽ اظهار تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ نه. عورت جو لباس سندس ذاتي چونڊ آهي.، عورت جو جسم سندس پنهنجو آهي، عورت جي زندگيءَ جا فيصلا ڪرڻ جو حق به رڳو سندس آهي. اسان جي سماج ۾ عورتن تي ڪنٽرول جا طريقا رڳو اخلاقي دٻاءَ تائين محدود ناهن رهيا.
ڪاروڪاريءَ جي نالي تي قتل، غيرت جي نالي تي خون، جبري شاديون، تعليم کان محرومي، گهريلو تشدد، وراثت کان محروم رکڻ، ۽ عورت کي هڪ ملڪيت يا عزت جي شيءِ سمجهڻ – اهي سڀ ساڳئي پدرشاهي ذهنيت جا روپ آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن هنڌن تي عورت کي اڄ به هڪ مڪمل انسان بدران ڪنهن جي ملڪيت، ڪنهن جي عزت جو نشان يا ڪنهن جي ڪنٽرول هيٺ رهڻ واري وجود طور ڏٺو وڃي ٿو. هي رويو نه رڳو عورتن سان ناانصافي آهي، پر قوم جي ترقيءَ لاءِ به تباهه ڪن آهي. ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي جيڪڏهن اها پنهنجي اڌ آباديءَ کي پوئتي رکي.
ملڪ جي تعمير صرف مردن جي ذميواري ناهي. باشعور، پڙهيل، خودمختيار ۽ فڪري طور مضبوط عورتون ئي هڪ صحتمند، ترقي يافته ۽ مستحڪم سماج جو بنياد وجهن ٿيون. جيڪڏهن عورت کي معياري تعليم، صحت، خاص طور توليدي صحت بابت ڄاڻ، معاشي آزادي، ۽ پنهنجي زندگيءَ بابت آزاد فيصلي جو حق ملي ته هوءَ نه رڳو پنهنجي زندگي بهتر بڻائيندي، پر ايندڙ نسلن کي به باشعور بڻائيندي. هڪ پڙهيل عورت رڳو پاڻ نه سنڀاليندي آهي؛ هوءَ خاندان، سماج جي فڪري تعمير ڪندي آهي. پوءِ سوال اهو آهي ته سمجهدار ۽ آزاد عورت کان ڊپ ڇو؟ جواب واضح آهي؛ ڇو ته باشعور عورت سوال ڪندي آهي ۽ سوال هر ظالماڻي ڍانچي لاءِ خطرو هوندو آهي.
اها عورت جيڪا سوچي ٿي، پڙهي ٿي، تجزيو ڪري ٿي ۽ دليل سان ڳالهائي ٿي، ان کي خاموش ڪرائڻ ڏکيو هوندو آهي. انهيءَ ڪري اسان جي سماج ۾ فرمانبردار عورت کي مثالي بڻايو وڃي ٿو، جڏهن ته خودمختيار عورت کي بدنام ڪيو وڃي ٿو. پر وقت بدلجي چڪو آهي. هاڻي عورت کي اجازت نه، حق گهرجن. عورت کي رحم نه، برابري گهرجي. عورت کي تحفظ جي نالي تي پابنديون نه، آزادي گهرجي. ڇو ته هڪ اهڙي قوم، جيڪا پنهنجي عورتن کي سوچڻ، چونڊڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حق ڏئي ٿي، سا قوم ئي مضبوط، مهذب ۽ ترقي يافته بڻجي سگهي ٿي ۽ جنهن ڏينهن اسان عورت جي آزاديءَ کي خطري بدران قومي طاقت سمجهڻ شروع ڪنداسين، ان ڏينهن قوم جي ترقيءَ جو هڪ نئون باب لکجڻ شروع ٿيندو.