پاڪستان جي سياست ۾ ڪجهه جماعتون رڳو اقتدار جي ڪهاڻي نه هونديون آهن، پر هڪ جذباتي وابستگي، هڪ نظرياتي تسلسل ۽ هڪ تاريخي روايت جي علامت به هونديون آهن۔ پاڪستان پيپلز پارٽي به انهن ئي جماعتن مان هڪ آهي۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي سياست ۽ بينظير ڀٽو جي جمهوري جدوجهد هن جماعت کي رڳو سياسي پليٽ فارم نه رهڻ ڏنو، پر ان کي هڪ احساس، هڪ مزاحمت ۽ هڪ اميد جي صورت ڏئي ڇڏي۔ انهيءَ ڪري اڄ به ڪيترن ماڻهن جي دلين ۾ هن جماعت لاءِ نرم گوشو موجود آهي، آصف علي زرداري جي مفاهمتي سياست کي به انهيءَ تسلسل ۾ ڏٺو وڃي ٿو۔ هن اهڙي وقت ۾ سياسي گرمي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ملڪ شديد محاذ آرائيءَ جو شڪار هو۔ سندس پاليسي جمهوري نظام کي سهارو ضرور ڏنو، پر اها به حقيقت آهي ته مفاهمت جي اها حڪمت عملي عوامي مسئلن جي حل ۾ اهو اثر ڏيکاري نه سگهي، جنهن جي اميد ڪئي پئي وئي۔ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۽ ان جي مينڊيٽ کي مختلف دورن ۾ محدود ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون۔ هن جماعت کي ڪڏهن به مڪمل آزادي سان پنهنجي سياسي صلاحيت آزمائڻ جو موقعو نه مليو۔ پر هن تصوير جو ٻيو رخ به آهي ۽ اهو هي ته جڏهن به اقتدار مليو، پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي صلاحيت کي انهيءَ سطح تائين نه وٺي وڃي سگهي، جتي عوام کي واضح ۽ مستقل رليف ملي سگهي ها۔ اها ئي ڪمزوري اڄ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي جهڙي شهر ۾ نمايان نظر اچي رهي آهي۔ ڪراچي پاڪستان جي معاشي مرڪز آهي۔ هي شهر نه رڳو ملڪ جي واپار جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي، پر سامونڊي رستن وسيلي عالمي معيشت سان ڳنڍيل هڪ اهم دروازو به آهي۔ اندازن موجب ڪراچي پاڪستان جي مجموعي ٽيڪس آمدني جو وڏو حصو پيدا ڪري ٿو۔ ڪجهه معاشي تجزين موجب اهو حصو سٺ کان ستر سيڪڙو تائين ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته سڌي ۽ اڻ سڌي ٽيڪسن کي شامل ڪيو وڃي ته اهو حصو ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو۔ ان جي باوجود هي شهر بنيادي شهري سهولتن کان محروم نظر اچي ٿو۔
هي تضاد رڳو انگن اکرن جو نه، پر ناڪام حڪمرانيءَ جو آئينو آهي۔ ڪراچيءَ جا مسئلا هاڻي رڳو انتظامي ڪمزورين تائين محدود ناهن رهيا، پر مستقل بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪا آهن۔ واٽر ٽينڪر مافيا پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت کي منافعي بخش ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي۔ صنعتي علائقن ۾ باهه لڳڻ جا واقعا معمول بڻجي چڪا آهن، جيڪي نه رڳو انساني جانين، پر معيشت کي به نقصان پهچائين ٿا۔ ڀتي خوريءَ جو پاڇو اڃا تائين مڪمل ختم نه ٿيو آهي۔ شهر جي مختلف حصن ۾ ڪچري جا ڍير شهري زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن۔ رستا ٽٽل ڦٽل آهن، ترقياتي منصوبا سالن تائين مڪمل نٿا ٿين ۽ آمدرفت جو نظام ايترو ته تڪليف ڏيندڙ ٿي چڪو آهي، جو شهري لاءِ روزانو سفر هڪ عذاب بڻجي ويو آهي۔
ان سان گڏوگڏ ساوڪ ۽ وڻڪاريءَ جي شديد کوٽ شهر کي ڪنڪريٽ جي جهنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ساهه کڻڻ به مشڪل محسوس ٿئي ٿو۔ عالمي مالياتي ادارا ۽ ترقياتي تنظيمون بار بار ڪراچيءَ جي اهميت تي زور ڏينديون رهيون آهن۔ انهن جي رپورٽن ۾ واضح چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪراچيءَ جي بنيادي ڍانچي، حڪمراني ۽ شهري خدمتن کي بهتر بڻايو وڃي ته هي شهر نه رڳو پاڪستان، پر سڄي خطي جي معيشت لاءِ هڪ انجڻ بڻجي سگهي ٿو۔ انهن ادارن جي سفارشن ۾ مڪاني حڪومتن کي مضبوط ڪرڻ، شهري منصوبابنديءَ کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ، عوامي آمدرفت کي بهتر بڻائڻ، ۽ پاڻي ۽ نيڪال جي نظام کي جديد بڻائڻ شامل آهي۔
هاڻي گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري ڪراچي اچڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر اهو سرمايو ڪراچيءَ جي ماحول کان خوفزده به آهي۔ سوال اهو آهي ته عالمي ادارن جي انهن سفارشن تي عمل ڇو نٿو ٿئي؟ هتي اها حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته پيپلز پارٽي کان اڳ به ڪراچي حڪمرانيءَ جي تجربن جو ميدان بڻيل رهيو آهي۔ متحده قومي موومينٽ کي پرويز مشرف جي دور ۾ سونهري موقعو مليو هو۔ ان وقت وسيلا به موجود هئا ۽ اختيار به۔ شهر کي جديد شهري نموني ۾ تبديل ڪري سگهجي پيو، پر بدقسمتي سان ترجيحات بدلجي ويون۔ ترقي بدران ذاتي مفادن کي اهميت ڏني وئي ۽ اهو موقعو ضايع ٿي ويو، جيڪو ڪراچيءَ جي تقدير بدلائي سگهي پيو۔
هاڻي جڏهن پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ مسلسل اقتدار حاصل آهي، ته ذميواريءَ جو بار به ان جي ڪلهن تي آهي۔ عوام هاڻي ماضي جا جواز نٿو ٻڌي، هو موجوده ڪارڪردگي ڏسڻ چاهي ٿو، اها ڳالهه به حيرت جوڳي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب جڏهن لاهور جو مثال ڏئي ٿو ته اڪثر ان جو مقابلو ڪراچيءَ جي ڪنهن هڪ علائقي سان ڪري پاڻ کي مطمئن ڪري وٺي ٿو۔ جيڪڏهن واقعي گلستانِ جوهر لاهور جهڙو آهي، ته پوءِ ان کي لاهور جهڙو بڻائي ڏيکارڻ ئي اصل امتحان آهي۔ رڳو تقابلي جملا عوام جا مسئلا حل ڪري نٿا سگهن، عملي قدم ئي اعتماد بحال ڪندا آهن۔
ڪراچيءَ سان گڏ سنڌ جا ٻيا شهر به گهڻو بهتر حالت ۾ ناهن۔ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، صحت ۽ تعليم جا ناقص نظام ۽ روزگار جا محدود موقعا هڪ الڳ ڪهاڻي بيان ڪن ٿا۔ اها مجموعي صورتحال ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته مسئلو رڳو ڪراچيءَ جو نه، پر حڪمرانيءَ جي سڄي نموني جو آهي۔ بلاول ڀٽو زرداري، جيڪو پيپلز پارٽيءَ جو نوجوان ۽ متحرڪ چهرو بڻجي سامهون آيو آهي، ان لاءِ هي وقت رڳو سياسي بيانن جو نه، پر عملي قدمن جو آهي۔ هن وٽ اهو موقعو آهي ته هو پنهنجي جماعت کي نئون رخ ڏئي، ان کي رڳو ماضيءَ جي يادگيرين بدران موجوده ڪارڪردگيءَ سان ڳنڍي۔ کيس اهو سمجهڻو پوندو ته اڄ جو ووٽر جذبات سان گڏ ڪارڪردگي به ڏسي ٿو۔ هو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير جي قربانين جو احترام ضرور ڪري ٿو، پر پنهنجي روزاني مسئلن جو حل به گهري ٿو۔ جيڪڏهن ڪراچي نمايان طور بهتر نه ٿيو، ته دبئيءَ جو سرمايو هتي نه ايندو، ۽ ان جا سياسي اثر به گهڻا پري تائين ويندا۔ عوام جو صبر هاڻي گهٽجي رهيو آهي، ۽ متبادل جي تلاش هڪ فطري عمل بڻجي چڪي آهي۔ هي ڪا وارننگ نه، پر هڪ حقيقت آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي۔
پيپلز پارٽيءَ لاءِ هاڻي فيصلائتو لمحو آهي۔ يا ته اها پنهنجي حڪمراني کي مؤثر بڻائي، شهري مسئلن کي ترجيح ڏئي، ۽ ڪراچيءَ کي واقعي عالمي شهر بڻائڻ لاءِ قدم وڌائي، يا پوءِ تاريخ ان کي هڪ اهڙي ضايع ٿيل موقعي طور ياد رکندي، جيڪو رڳو هڪ شهر نه، پر سڄي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي پيو۔
منهنجي ڄاڻ موجب فيصلا ڪندڙ حلقا ڪراچي بابت ڪجهه سوچي رهيا آهن۔ ڪراچيءَ جي دانهن هاڻي وڌيڪ دير تائين دٻائي نٿي سگهجي۔