بيمار صحافي ذوالفقار راڄپر جي علاج لاءِ لاڳاپيل ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي

ذلفي چاچڙ

آئون، اٽڪل گذريل هڪ ڏهاڪي کان کيس ويجهڙائي کان سڃاڻان، ڇاڪاڻ ته لڳ ڀڳ ايتري ئي عرصي کان اسين هڪٻئي سان سوشل ميڊيا تي به جڙيل رهيا آهيون، جتي ڪنهن جي به شخصيت جو ڪو به پهلو ڪنهن کان مخفي ناهي رهندو. جهڙي طرح هڪ ڳوٺ جا رهواسي هڪٻئي جي سٺن عادتن توڙي بڇڙن افعالن کان واقف هوندا آهن اهڙي طرح اسين پڻ هڪ لحاظ کان هڪ ٻئي جا  ڳوٺائي آهيون، جنهن کي ”ڊجيٽل ڳوٺائي“ به چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته فيس بڪ سميت ٻيون سماجي رابطي واريون ويب سائيٽس ۽ سائنسي ايجادن سڄي دنيا کي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان گلوبل وليج ۾ رهندي ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان واقفيت ٿيندي رهي ٿي، جيڪي اڳتي هلي اسان جا ذاتي ۽ ويجها دوست بڻجي ويندا آهن.

عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته ڪنهن کي به پنهنجي موت جي اڳواٽ سُڌ ناهي پوندي، جيڪڏهن ڪنهن کي اها پروڙ پوي ها ته آئون فلاڻي ڏينهن يا مهيني ۾ مري ويندس ته هوند ڪير به ڪو ڪم ڪار نه ڪري سگهي ها ۽ خوف جي پاڇي هيٺ رهندي پنهنجي مرڻ جون گهڙيون ڳڻيندو رهي ها. پر جڏهن مان ذوالفقار راڄپر کي ڏسندو آهيان، ته اها ڳالهه مون کي سراسر بيڪار  ۽ فضول لڳندي آهي، ڇاڪاڻ ته ذوالفقار راڄپر جنهن حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ جنهن بيماري کي هو بهادري سان منهن ڏئي رهيو آهي، سا ڪا معمولي ناهي.

ميڊيڪل رپورٽن موجب موت جو فرشتو کيس نهايت ئي ويجهو کان تڪي رهيو آهي ۽ هو اهو سڀ ڪجهه سمجهندي، ڪڏهن به ڪو  خوف ناهي کاڌو ۽ نه ئي پنهنجي هيڻائي کي بهانو بڻائي صحافتي، سماجي ۽ سياسي ذميوارين کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس خودداري ڏسي آئون دنگ رهجي ويندو آهيان ۽ آئون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا خوددار انسان بنهه گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي زندگي جا ڪجهه ڏينهن وڌائڻ لاءِ ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ يا ڪنهن جو ٿورو کڻڻ  پسند ناهن ڪندا، اهڙن خوددار انسان ۾ ذوالفقار راڄپر پڻ هڪ آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هو پنهنجي خاندان توڙي ڪٽنب جي ڪروڙ پتي فردن جي به ڪڏهن  واهر ۽ وارثي نه ڪرڻ جي ڪنهن سان گلا گاڏڙ شڪايت ناهي ڪئي.البته پنهنجي ڪن ويجهن ۽ پراڻن دوستن کي سخت بيماري جي حالت ۾ پنهنجي علالت جي آگاهي ڏيندو رهندو آهي، نه ته عام حالتن ۾ هو پنهنجي بيماري کي ڳجهو رکڻ جي ئي ڪوشش ڪندو آهي.

مون کي اهو ڏسي ڏاڍو تعجب لڳندو آهي ته ذوالفقار  راڄپر کي پنهنجي بيماري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ سدائين ٻين جو اونو ۽ ڳڻتي رهندي آهي، هو غريبن  جي مدد لاءِ سدائين صاحب حيثيت دوستن کي سندن واهر جي اپيل ڪندو رهندو آهي، خاص طور تي اهي ڪٽنب جيڪي مهينن کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج تي ويٺل هوندا آهن، جن وٽ کائڻ ۽ پائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي هوندو ۽ هو بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺيان ويٺل هوندا آهن، پر هو پنهنجي صحت جي معاملي ۾ بنهه بي نياز ۽ بي پرواهه نظر ايندو آهي، جيڪو جگر جي خطرناڪ بيماري سان جهيڙي رهيو آهي، جنهن کيس نهايت ئي نٻل، هيڻو ۽ وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو ڪيترائي ڀيرا ڪراچي پريس ڪلب توڙي روڊ تي هلندي ڪري به پيو آهي، پر هو ان ڳالهه جو ڪنهن کي به احساس ٿيڻ ناهي ڏيندو ۽ نه ئي ان معاملي ۾ ڪنهن کي مدد لاءِ ٻاڏائيندو آهي، ايتري قدر جون جيڪڏهن ڪير سندس بيماري متعلق سوشل ميڊيا تي ڪو اسٽيٽس رکندو آهي، ته هو  ان کي به پسند ناهي ڪندو ۽ مٿس ڊليٽ ڪرڻ تي زور ڀريندو آهي.

توڙي جو ميڊيڪل سائنس موجوده دؤر ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي، جو تقريبن ڪا به بيماري لاعلاج رهي ئي ناهي، ماضي جو موتمار بيماريون، جنهن ڪيترن ئي قيمتي انساني زندگين جي خاتمي جو سبب بڻيون، اڄ اهي يا ته ’ماتا‘ (Smallpox)  جيان مڪمل طور تي ختم ٿي ويون يا وري ٽي بي جيان عام ۽ معمولي بيماريون بڻجي رهجي ويون، جنهن جو علاج عام ۽ مفت ۾ دستياب آهي. پر اها به تلخ حقيقت آهي ته اڃان به ڪجهه بيمارين جو علاج موجود هوندي به عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ پڻ ان قسم جي مرض ۾ ورتل مريضن جي علاج تي لکين روپيا خرچ اچن ٿا.

ذوالفقار راڄپر نظرياتي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن هئڻ سان گڏ هڪ سٺي ساک رکندڙ ۽ غير تڪراري صحافي پڻ آهي،  جنهن پنهنجي سڄي ڄمار صحافت  کي ارپي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي ڪيريئر ۾ جن ماڻهن کي آڱر مان جهلي صحافت جي ميدان ۾ متعارف ڪرايو، اڄ اهي لکان پتي بڻجي چڪا آهن، پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اهي ماڻهو به مالدار بڻجڻ کان پوءِ پنهنجي ان محسن کي وساري ڇڏيو ۽ بيماري دوران کيس ننڌڪڻو ڪري ڇڏيو ويو، جيڪا حد درجي جي احسان فراموشي چئجي. ان سان گڏ سندس ادب ۾ پڻ خاصو ڪم ٿيل آهي، خاص طور  تي ڪراچي جي تاريخ  جا هن جيڪي پيرا کنيا، ان پيچري تي هلي ٻين ماڻهن  ڪتاب لکي نالي سان ناڻو به ڪمايو ۽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا.

ذوالفقار راڄپر جهڙن ماڻهن جي ڪري ئي صحافت جي ساک ڪنهن قدر سلامت آهي، نه ته اڄ جيڪي صحافت ۾ لاڙا متعارف ڪرايا ويا آهن، سا صحافت جي ساک ڌوڙ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، حقيقت ۾ ذوالفقار راڄپر جهڙا ماڻهو قومن جو سرمايو هوندا آهن، جن کي اڪيلو ڇڏڻ دراصل پنهنجو پاڻ کي ئي اڪيلو ۽ ننڌڪڻو ڪرڻ جي مترادف ٿيندو. سو ان لاءِ  ذوالفقار راڄپر کي ان ڳالهه جو احساس ڏيارڻ ضروري آهي ته ساڻس گڏ بيهون ۽ سندس ڀرجهلا بڻجون، ڇاڪاڻ ته هو به سدائين قوم سان گڏ بيٺو رهيو آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جو  ڀرجهلو بڻيو رهيو، جنهن لاءِ هن ڪيئي صعوبتون برداشت ڪيون ۽ قيد پڻ ڪاٽيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.