سنڌ جون مظلوم نياڻيون ۽ طبقائي بيحسي

وارث رضا

مان پنهنجي ديس جي وڏيرن، جاگيردارن، سردارن ۽ طاقتور ماڻهن جي فرسوده رسمن، رواجن ۽ ڪوڙي غيرت جي نالي تي قربان ٿيندڙ انهن مظلوم، بي وس نياڻين جي قتل، اغوا ۽ جيئري دفن ٿيڻ جا ڏک سهندي سهندي هاڻي اهڙي رياست ۾ اوچي ذات لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي به خواهش نٿو رکان. هن ديس ۾ اين جي او مافياز کان پوءِ هڪ عجيب رواج نڪري آيو آهي، جو هاڻي اوچي ذات جون عورتون مختلف پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندي عورتن جي حقن جون چيمپيئن بڻيل نظر اچن ٿيون، ته ڪڏهن وري اهي اعليٰ طبقي جون عورتون پنهنجي ئي طبقي جي عدالت جي توهين ڪندڙ عورت لاءِ سراپا احتجاج بڻيل ڏسجن ٿيون۔

جڏهن ته اسان وٽ اعليٰ طبقن جي غلام ميڊيا، اوچي ذات جي ڪنهن عورت جي گرفتاري کي انساني حقن جي لتاڙ جو نعرو بڻائي سڄو ملڪ مٿي تي کڻي ٿي، پر انهن پٺتي پيل علائقن جي رواجن ۾ جڪڙيل مظلوم عورتن جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي، جڏهن ته حقيقت ۾ انهن ئي عورتن جا حق سماج کي بدلائڻ جي طاقت رکن ٿا۔ منهنجي ديس جون اهي عورتون آهن، جيڪي ڏاند گاڏي هلائيندي يا واٽ تي هلندي به ٻار ڄڻي وٺن ٿيون، پوءِ به مضبوط ۽ سگهاري ٿي هر ذميواري نڀائين ٿيون، هر هلائڻ کان وٺي گهر سنڀالڻ تائين سڀ ڪم ڪن ٿيون۔ پر ان سڀ جي باوجود به انهن مظلوم عورتن کي ڪڏهن سردار، ڪڏهن وڏيرو، ڪڏهن ڪو طاقتور ماڻهو فرسوده رسمن ۽ ڪوڙي غيرت جي نالي تي ڳڙڪائي وڃي ٿو۔

ٻئي پاسي عورتن جي حقن جون دعويدار ايئرڪنڊيشن گاڏين ۾ سينگار جا سڀ تقاضا پورا ڪندي اهم شاهراهن تي ظاهر ٿين ٿيون، ميڊيا ۾ انساني بي حرمتي جا ماتم ٿين ٿا ۽ پوءِ وڏي اهتمام سان اعليٰ طبقي کي نوازيندڙ وزير انهن اوچي ذات جي عورتن سان معافي تلافي ڪري، عورتن جي حقن جي سربلنديءَ جي نالي تي کين عزت سان آزاد ڪرائي ڇڏين ٿا۔ اهڙيءَ ريت اعليٰ طبقي جي عورتن جو هي سڄو تماشو شهرت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي وڃي ٿو۔ اڄ منهنجي ذهن جي منظرنامي ۾ سنڌ جي انهن نياڻين جون محروميون ۽ بيوسيون هڪ اهڙو درد بڻجي ويون آهن، جنهن مان اڳ ۾ پونءَ نڪرندي هئي، پر هاڻي عورتن ۽ انساني حقن جون دعويدار تنظيمون، انهن اعليٰ تعليم جي خواهشمند نياڻين سان جيڪا بي حسي اختيار ڪيون ويٺيون آهن، تنهن منهنجي درد کي زخم بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي بس رت وهي رهيو آهي۔

مون کي اڄ به ياد آهي ته قاسم آباد حيدرآباد جي هڪ گهر ۾ نائله لغاري جي ڪلاس فيلو پنهنجي درد ۽ يونيورسٽي جي بي حس عورت اڳواڻن جي رويي جي شڪايت ڪندي هئي۔ مان اڄ تائين سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پنکي سان ٽنگيل نائله لغاري جي لاش ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پوتيءَ سان خودڪشي ڪندڙ نمرتا جو لاش به نه وساري سگهيو آهيان۔ مون کي اهي لمحا به ياد آهن، جڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي عورت وائيس چانسلر نمرتا کي انصاف نه ڏيڻ لاءِ هر وس ڪوشش ڪئي، ۽ پوءِ اعليٰ طبقي سان تعلق هجڻ ڪري عورتن جي حقن جون نمائندگيون ڪندڙ عورتون به سندس خاموش حمايت ۾ بيهي رهيون ۽ نمرتا جي قتل کان اک ٻوٽي ويٺيون۔ رڳو ايترو ئي نه، پر جڏهن اسان سنڌ جي مذهبي وڏيري هٿان اغوا ٿيل رينڪل ڪماري جي گهر رپورٽنگ لاءِ وياسين ۽ ڪجهه ماڻهن کي اسان جي نمرتا بابت جاچ جو علم ٿيو، ته اسان کي باقاعده چيو ويو ته هن معاملي جي وڌيڪ کوجنا نه ڪريو، ڇو ته هي معاملو ڪجهه ٻيو آهي.

هاڻي ڪهڙي ڪهڙي ڏک تي روئجي؟ ڪنهن تي دانهن ڪجي ۽ ڪنهن تي خاموش رهجي؟ منهنجي ديس جي مظلوم عورت سان قبائلي، سرداري ۽ وڏيرائي نظام جون اهي زنگ لڳل روايتون ايتريون ته بي رحم آهن، جو بلوچستان جي ٻارن واري ماءُ بانو کي به سرداري بچائڻ لاءِ سندس ئي ڀاءُ هٿان غيرت جي نالي تي بيابان ۾ گوليون هڻي قتل ڪرايو ويو  ۽ جڏهن هن سانحي تي ملڪ جي حساس ماڻهن ڌاڙ گهوڙا ڪئي ته بلوچستان جي سردار وزيراعليٰ قاتلن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ جون وڏيون دعوائون ڪيون، پر رڳو ڏيکاءُ لاءِ لاڳاپيل سردار کي عزت سان گرفتار ڪري وري عزت سان آزاد به ڪرائي ڇڏيو۔ افسوس ته ان کان به وڌيڪ اهو ٿيو، جو بلوچستان ۾ ڏينهن ڏٺي جو گولين سان پروڙ ڪري ماريل بانو جي حق ۾ اهو زوردار احتجاج به نظر نه آيو، جنهن جي اميد هئي۔

هن سال جي شروعاتي مهينن کان ئي پنجاب جي گجرات ۾ ماءُ پاران پنهنجن ٽن ٻارن کي باهه ڏئي مارڻ، لاهور ۾ ماءُ هٿان ٽن ٻارن جو ذبح ٿيڻ  ۽ ملتان ۾ ٽن ٻارن کي قتل ڪري ماءُ جي خودڪشي جهڙا واقعا، حڪومت پنجاب جي بهتر قانون ۽ حڪمرانيءَ جي دعوائن تي ڪاري داغ وانگر آهن۔ عورتن يا انساني حقن جون تنظيمون انهن ٻارن يا انهن مائرن جي خودڪشي تي ڇو احتجاج نٿيون ڪن؟ هي سماجي نا برابريءَ جو اهڙو سوال آهي، جنهن جي چڻنگ ڪنهن به وقت اعليٰ طبقن کي به ساڙي سگهي ٿي۔

نياڻيون پيءُ جي گلستان جا گل هونديون آهن۔ شايد انهيءَ احساس تحت سکر سنڌ جي روهڙي تعلقي جي ڳوٺ شاهه بخش جي امداد علي پنهنجي گل جهڙي نياڻيءَ جو نالو  گلان رکيو هوندو، ته جيئن سندس گل جهڙي  گلان جي موجودگي گهر ۾ خوشبو پکڙي رهي۔ پر کيس ڪهڙي خبر هئي ته سندس مهڪندڙ  گلان فرسوده روايتن جي ور چڙهي ويندي۔

امداد کي اهو به يقين هو ته جيستائين  گلان جو پيءُ زندهه آهي، دنيا جي ڪا به عدالت سندس نياڻيءَ کان زبردستي فيصلو نٿي مڃرائي سگهي۔ انهيءَ اعتماد تي  گلان دارالامان موڪلڻ واري عدالتي فيصلي کي تبديل ڪرايو ۽ پنهنجي سموري مرضي پيءُ حوالي ڪري ڇڏي۔ پوءِ  گلان وڏي ڀروسي سان پنهنجي پيءُ سان گڏ هلي ويئي۔ پر ڪنهن کي خبر هئي ته شاهه بخش ڳوٺ جي فرسوده سرداري ۽ وڏيرائي سماج جو غلام ذهن رکندڙ سندس سفاڪ مڙس سڪيلڌو پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ وڏي فخر سان اهو اعتراف به ڪندو ته: هي غيرت جو معاملو آهي ۽ اسان وٽ رسم آهي ته غيرت تي عورت کي قتل ڪرڻو پوندو۔ مون کي هن قتل تي فخر آهي، ۽ ان سان اسان جي نڪ مٿي ٿي ويو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ عورتن جي حقن ۽ تحفظ جا سڀ قانون موجود آهن، جن تي عمل ڪرائڻ رياست ۽ حڪمران طبقن جي پهرين ذميواري آهي۔ پوءِ آخر اهي حڪمران طبقا يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا صرف اعليٰ طبقن جي عورتن جو ئي دفاع ڇو ڪن ٿا؟ ڇا حڪومت کي خبر ناهي ته نياڻي بنا ڪنهن فرق جي سڀني جي گڏيل هوندي آهي؟ نياڻيءَ جي حفاظت ۽ احساس رکڻ سڄي سماج، خاص طور انهن باشعور سڏائيندڙ ماڻهن ۽ اين جي اوز جي ذميواري آهي، جيڪي عورتن جي حقن ۽ انساني بقا لاءِ آواز اٿارڻ جا دعويدار آهن۔ ڇا ڪو ٻڌائيندو ته غيرت جي نالي تي قتل ٿيل روهڙي جي انهيءَ  گلان لاءِ ڪيترا احتجاج، مظاهرا يا مارچ ٿيا؟ يا ميڊيا تي ان سفاڪ عمل خلاف ڪيتريون وڊيوز وائرل ڪيون ويون؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.