عوام کي هر بار آزمائش جا نتيجا اڳرا به نڪري سگهن ٿا

هن ملڪ جو غريب ماڻهو هاڻي رڳو مهانگائيءَ سان نه، پر پنهنجي وجود بچائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هر نئون ڏينهن ڪا نئين تڪليف کڻي اچي ٿو۔ ڪڏهن بجليءَ جو بل ماڻهن جي ننڊ ڦٽائي ٿو ڇڏي ته ڪڏهن اٽي ۽ کنڊ جا اگهه دل ڏڪائي ڇڏين ٿا ۽ هاڻي وري پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٿيل تازي واڌ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آهي، حڪومت رات جي اونداهيءَ ۾ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ صبح ٿيڻ تائين لکين ماڻهن جي زندگي وڌيڪ ڏکي بڻجي چڪي هئي۔ حڪمرانن لاءِ شايد اهو رڳو چند رپين جو اضافو هجي، پر هڪ مزدور، هاري، رڪشا ڊرائيور ۽ پگهاردار ماڻهوءَ لاءِ اها رقم سندس ٻارن جي ماني، اسڪول فيس ۽ گهر جي چلهه سان جڙيل آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن سبب اهو فيصلو ڪرڻو پيو، پر سوال اهو آهي ته جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهڻو ناهي وڌيو ته پوءِ عوام تي ايترو وڏو بار ڇو وڌو ويو؟ حقيقت ته اها آهي ته حڪومت وري ساڳيو پراڻو رستو اختيار ڪيو آهي؛ پيٽروليم ليوي وڌائي عوام مان اربين روپيا ڪڍيا آهن، يعني حڪومت سڄو بار وري به غريب عوام جي مٿان وجهي ڇڏيو آهي.

آخر هن ملڪ ۾ قرباني صرف عام ماڻهو ڇو ڏئي؟ وڏا واپاري، جاگيردار، شوگر مل مالڪ، وڏيرا ۽ ارب پتي ڪاروباري ڇو هر ڀيري بچي وڃن ٿا؟ ڇو حڪومتن کي هميشه غريبنجي کيسي تي ئي ڌاڙو هڻڻ آسان لڳي ٿو؟ آءِ ايم ايف جي نالي تي ماڻهن کي مهانگائيءَ جي باهه ۾ اڇلايو وڃي ٿو، پر حڪمران طبقي جون مراعتون، پروٽوڪول ۽ عياشيون ساڳيون برقرار رهن ٿيون۔ جڏهن هڪ مزدور موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائي ٿو ته سندس ذهن ۾ اهو ئي خيال هجي ٿو ته هاڻي گهر جو خرچ ڪيئن هلندو؟ هڪ هاري جڏهن ٽريڪٽر ۾ ڊيزل وجهرائي ٿو ته کيس اڳواٽ خبر آهي ته فصل مان ڪجهه به نه بچندو۔ رڪشا هلائيندڙ هجي يا ڪو ننڍو دڪاندار، هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته پيٽرول جي قيمت وڌڻ جو مطلب آهي هر شيءِ جو مهانگو ٿيڻ۔ سبزيون، اٽو، کنڊ، کير، دوائون، ٽرانسپورٽ، اسڪول جون فيسون، سڀ ڪجهه عوام جي پهچ کان پري ٿيندو ويندو۔ پر حڪمرانن جي دنيا شايد الڳ آهي۔ انهن جا محل روشن آهن، انهن جا پروٽوڪول جاري آهن، سرڪاري گاڏين ۾ پيٽرول جا خرچ قومي خزاني مان پورا ٿين ٿا۔ انهن جا ٻار ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهن ٿا، علاج دبئي ۽ يورپ ۾ ڪرائن ٿا ۽ عوام کي وري صبر ۽ قربانيءَ جا سبق ڏنا وڃن ٿا۔ جيڪڏهن ملڪ بحران ۾ آهي ته پوءِ قرباني صرف غريب ڇو ڏئي؟ ڇا حڪمرانن جو ڪو فرض ناهي؟

هي ملڪ آخر ڪيئن هلي سگهندو، جتي هڪ غريب ماءُ ٻارن کي کير بدران پاڻي پياري سمهاري ٿي ۽ ٻئي پاسي حڪمرانن جي دعوتن تي لکين رپيا خرچ ٿين ٿا؟ هڪ مزدور ڏينهن رات پورهيو ڪري به گهر جو خرچ نٿو هلائي سگهي، جڏهن ته وزيرن ۽ مشيرن جون مراعتون گهٽ ٿيڻ بدران وڌنديون وڃن ٿيون۔ اهو فرق هاڻي ماڻهن جي دلين ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڙ پيدا ڪري رهيو آهي، جيڪو بهرحال حڪمرانن ۽ اشرافيه طبقي لاءِ سٺو ناهي. حڪومت هر ڀيري چوندي آهي ته آءِ ايم ايف جون شرطون آهن۔ پر ڇا آءِ ايم ايف اهو به چوي ٿو ته حڪمرانن جا پروٽوڪول ختم نه ڪيا وڃن؟ ڇا آءِ ايم ايف اهو چوي ٿو ته وڏن جاگيردارن ۽ واپارين کان مڪمل ٽيڪس نه ورتو وڃي؟ حقيقت اها آهي ته حڪمرانن لاءِ سڀ کان آسان ڪم غريب عوام تي بار وجهڻ بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اتي ڪا مزاحمت نٿي ٿئي۔

اڄ حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو وچولو طبقو به آهستي آهستي غريب بڻجندو پيو وڃي۔ پگهاردار ماڻهو هر مهيني قرض هيٺ اچي رهيو آهي۔ ڪيترائي ماڻهو ٻارن جي تعليم ڇڏائڻ تي مجبور آهن۔ اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ هاڻي خواب بڻجي ويو آهي۔ نوجوان بيروزگاريءَ ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار آهن۔ ڪيترن ئي گهرن ۾ چلهه ٻرڻ به مسئلو بڻجي ويو آهي۔

ملڪ جو هر شهر ۽ هر ڳوٺ مهانگائيءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي۔ ماڻهو بجلي جا بل ڀرڻ لاءِ زيور وڪڻي رهيا آهن۔ شاگرد فيسن نه هجڻ سبب تعليم ڇڏي رهيا آهن۔ اسپتالن ۾ دوائون ناهن، پر حڪمرانن جا پرڏيهي دورا جاري آهن۔ ترقيءَ جون دعوائون پنهنجي جاءِ تي، پر عام ماڻهوءَ جي زندگي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مشڪل بڻجي رهي آهي۔ اسان جو خيال آهي ته ملڪ صرف ٽيڪسن ۽ ليوين سان نه، پر انصاف سان هلي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن حڪمران واقعي عوام سان مخلص آهن ته پوءِ پنهنجا خرچ گهٽ ڪن۔ وزيرن ۽ مشيرن جون مراعتون گهٽايون وڃن۔ وڏن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي۔ غير ضروري سرڪاري خرچ بند ڪيا وڃن۔ پر افسوس، هتي هر ڀيري قرباني غريب کان ورتي وڃي ٿي ۽ آسائشي اميرن لاءِ محفوظ رهي ٿي۔

پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌايل اگهن رڳو سفر مهانگو ناهي ڪيو، پر ماڻهن جي زندگين مان سڪون به کسي ورتو آهي۔ حڪمران شايد اڃا به سمجهن ٿا ته عوام خاموش رهندو، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته بک، بيروزگاري ۽ ناانصافيءَ جي به هڪ حد هوندي آهي۔ جڏهن ماڻهن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ناهي بچندو ۽ ظلم انتها تي پهچندو آهي تڏهن مظلوم اٿي کڙو ٿيندو آهي، سندن صبر ۽ خاموشي طوفان ۾ بدلجي ويندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.