اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي سي ايل اجي انٽرنيٽ سروس استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ بري خبر سامهون آئي آهي جنهن ۾ کين هڪ هفتو انٽرنيٽ هلائڻ ۾ ڏکائي ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب ڪمپني پاران بيان جاري ڪيو ويو آهي ته سب ميرين ڪيبل جي مرمتي ڪم سبب انٽرنيٽ جي رفتار آهستي ٿي سگهي ٿي. 11 کان 18 مئي تائين سب ميرين ڪيبل جي مرمت جو ڪم جاري رهندو. ان دوران شام جي وقت انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته عالمي ڪيبل ڪنسورشيم پاران سب ميرين ڪيبل جي مرمت لاءِ ڪم ڪيو ويندو.