حيدرآباد (پ ر)سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي نائب صدر ڪامريڊ علي نواز ڏاھري جي صدارت ھيٺ ڊي ٽين پليجو ھائوس تي ٿيو، جنھن ۾ آگاھي ڏني وئي ته سنڌي ھاري تحريڪ طرفان نصرپور، پڊعيدن، نوشھرو فيروز، وارھ، مورو، ڊگھڙي، نئون ڪوٽ، سجاول، واھي پانڌي سانگھڙ، ميرپور ساڪرو، ٽنڊوباگو ۽ گولاڙچي ۾ ھاري آبادگار ڪانفرنسون ٿيون جنھن ۾ ھارين ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ھارين جي عالمي ڏھاڙي تي به ھاري تحريڪ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اجلاس ۾ڊاڪٽر دلدار لغاري، دريا خان زئور، بلاول لاشاري، رياض پيچوھو يعقوب کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته حڪمرانن زراعت کي تباھ ڪري ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل پئي ڪري، پيٽرول قيمتن ۾ اضافو عوام دشمن قدم آھي. جنھن سبب غريب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، اڳواڻن چيو ته حالت اي جنگ ۾ به حڪمرانن جون عياشيون ۽ پروٽوڪول ختم نٿا ٿين ٻي پاسي سرمائيدار پٽروليم جي اگھه ۾ واڌ سبب ڀاڻ ٻج زرعي دوائيون ۽ ٻيو سامان مهانگو ڪري ڇڏين ٿا، اڳواڻن چيو ته ٽنڊي محمد خان ۾ غربت سبب عورت طرفان ٻن ٻارڙن سميت واھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ افسوسناڪ عمل آھي واقعي جو ڪيس حڪمرانن تي داخل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ھاري تحريڪ طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مھانگائي خلاف ڄي سنڌ ۾ 14 مئي تي احتجاج ڪيو ويندو.