ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي۔پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هڪ سال اڳ پاڪستان ڀارت جو سندور مٽائي ڇڏيو هو، معرڪه حق صرف هڪ جنگ نه پر قوم جي اتحاد، حوصلي ۽ پاڪستان سان محبت جي داستان آهي۔هن چيو ته هڪ سال اڳ قوم جنهن بهادري، ثابت قدمي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، اهو تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو، معرڪه حق اهو ثابت ڪيو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نه ٿي ڏسي سگهي۔هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن هميشه پنهنجين جانين جو نذرانو ڏئي وطنِ عزيز جي دفاع کي ناقابلِ تسخير بڻايو آهي، اسان پنهنجن شهيدن ۽ غازين جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين۔هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي وقار لاءِ سڄي قوم سيسو پلٽيل ديوار بڻجي وڃي ٿي، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ملڪ جي سلامتي، جمهوريت ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي ملڪي دفاع ۽ عوامي ڀلائي لاءِ جدوجهد قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي۔هن چيو ته معرڪه حق جي جذبي کي زندهه رکندي ملڪ ۾ امن، ترقي، برداشت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ گهرجي۔