سجاول(عوامي آواز نيوز)جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته جمعيت علماء اسلام سياست ۾ 1947 کان موجود آهي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين اسان جا ميمبر قومي اسيمبلي جا ميمبر به رهيا آهن، صوبائي اسيمبلي جا ميمبر به رهيا آهن، وزير به رهيا آهن، وڏا وزير به رهيا آهن، چيئرمين سينيٽ به رهيو آهي، وفاقي وزير به رهيا آهن،صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته 1947 کان وٺي اڄ تائين سڀ سياسي جماعتون ڪرپشن جي الزامن هيٺ رهيون آهن، ڪرپشن جا ڪيس به آهن، ڀتتي خوري جا الزام به آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ جا الزام ۽ ڪيس به آهن. پر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين منهنجي جماعت جي ڪنهن به ميمبر، وزير ته پري جي ڳالهه آهي، عام ڪارڪن تي به هڪ روپئي جي ڪرپشن جو الزام به ثابت نه ٿي سگهيو آهي. هڪ روپئي جي ڀتي خوري جو الزام به ڪو ثابت نه ڪري سگهيو آهي. ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪو به ڪيس اسان تي ثابت نه ٿي سگهيو آهي،هن چيو ته نيب ۾ اسان جو نالو ناهي، پاناما ۾ به نالو ناهي، وڪي ليڪس ۾ به نالو ناهي، ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي اداري جي فهرستن ۾ اسان جو نالو آهي. جيڪڏهن اسان سياست به ڪري رهيا آهيون پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين، ۽ اسان جو نالو نه نيب ۾ آهي، نه ڪنهن جاچ اداري ۾، نه عدالتن ۾، ته پوءِ اهڙن ماڻهن جو رستو نه روڪيو وڃي. اهڙن ماڻهن کي اقتدار ڏنو وڃي جن سياست ۾ رهي پنهنجو دامن صاف رکيو آهي، نه انهن کي جن جا محل ۽ بنگلا ڪرپشن سان ڀريل آهن، جيڪي ڪالهه سائيڪل تي هلندا هئا ۽ اڄ امير ترين بڻجي ويا آهن.ٻيو جواب اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي جمعيت علماء اسلام هارائي وئي آهي، جيڪڏهن واقعي سنڌ جا ماڻهو اسان تي اعتماد نٿا ڪن، ته 2018 کان اسان جون درخواستون عدالتن ۾ پيل آهن، اليڪشن ٽربيونلز ۾ پيل آهن، انهن جي ٻڌڻي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ هن چيو ته جيڪڏهن اسان هارايل آهيون ته معاملو سامهون اچي وڃي، سچ ۽ ڪوڙ واضح ٿي وڃي. بلاول ڀٽو به چوندو هو ته فارم به ڏيکاريو، ٺٽي ۾ به چيو هو ته فارم آڻيو، پوءِ اسان به چئون ٿا ته فارم آڻيو، حقيقت سامهون اچي ويندي ته ڪير کٽيو ۽ ڪير هاريو،هن چيو ته جيڪڏهن عوام اسان کي ووٽ نٿو ڏئي، جيڪڏهن جمعيت علماء اسلام کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ته پوءِ اليڪشن ٽربيونلز ٻڌڻي ڪن ته سڀ حقيقت سامهون اچي وڃي. ٽيون سال ٿي ويو آهي، پر ڪيسن جي ٻڌڻي نه ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اسان هاريل آهيون ته عوام پاڻ فيصلو ڪري ڇڏيندو،هن چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ، پئسو، ۽ خريد و فروخت وارو نظام هٽي وڃي ته اهي ماڻهو اقتدار ۾ نه هوندا. انشاءالله متبادل قيادت جمعيت علماء اسلام فراهم ڪندي. مهانگائي خلاف جيڪڏهن ڪا آواز اٿاري ٿي ته اها صرف اسان جي جماعت آهي. مان شڪرگذار آهيان ته ماڻهن کي مون تي اميد آهي، ۽ اسان انهن جي اميدن تي پورا لهنداسين،هن چيو ته ٻي ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف وارن کي سڀ کان وڌيڪ تڪليف آهي. ٽي سال ٿي ويا آهن عمران خان جيل ۾ آهي، پر ڪو به ڪارڪن سندس لاءِ ٻاهر نه نڪتو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي اڳواڻ لاءِ ٻاهر نه نڪري سگهن، اهي مون تي تنقيد ڪن ٿا. پنهنجي اڳواڻ کي ته ڇڏايو، پوءِ مون تي تنقيد ڪريو،هن چيو ته توهان جي اڳواڻ چيو هو ته جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا جي جنگ لڳي ته پيٽرول پنج سئو تائين پهچي ويندو. پنهنجي اڳواڻ کان پڇو ته اهڙي اڳڪٿي ڇو ڪئي وئي هئي،هن چيو ته منهنجي جماعت آهي، فيصلا به مان ڪندس ته ڪٿي جلسو ٿيندو، ڪٿي ڌرڻو ٿيندو، ڪٿي اجلاس ٿيندو. جماعت منهنجي آهي، ووٽ توهان ڏنو آهي. جڏهن توهان مون کي ڪامياب ڪيو آهي ته پوءِ سوال به مون کان ئي ڪيو. جيڪي منهنجي ووٽر آهن، اهي مون کان مطمئن آهن. سجاول ۾ به انهن لاءِ آواز اٿاريو آهي، ڪراچي ۾ به جلسو ڪري رهيو آهيان، ۽ اسلام آباد به وڃڻو پيو ته به انهن سان گڏ ويندس.جن مون کي ووٽ نه ڏنو آهي، اهي پنهنجي پارٽي کان سوال ڪن. جن ووٽ ڏنو آهي، مان انهن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندس. انشاءالله انهن جي جنگ وڙهندا رهنداسين.