ڪراچي(رپورٽر) بلوچ ۽ سنڌي قوم پرستن لاءِ پابندي پيل عورت مارچ عورتن جي حقن، نعرن ،گيتن ۽ رقص ۾ سمنڊ ڪناري وٽ ڪالهه شام جو منعقد ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي عورت اڳواڻ شيما ڪرماني، شهزادي راء ۽ٻين ٻين عورت ۽ کدڙن فقيرن جي اڳواڻن ڪئي، مارچ ۾ عورتن، ڇوڪرين جي شرڪت کان سواءِ وڏي تعداد ۾ کدڙا فقير پڻ شامل هئا، ان موقعي تي عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عورتن جي حقن لاءِ 8 سالن کان ٿيندڙ مارچ ۾ سدائين سرڪار جي اجازت وٺي قانوني گھرجون پوريون ڪندا آھيون ـ ھن ڀيري مارچ ڪرڻ ۾ الاھي رڪاوٽون وڌيون ويون۔ مارچ کان اڳ پريس ڪلب ٻاھران تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ھاڻي اين او سي ۾ عجيب شرط لاڳو ڪيا ويا آھن۔ جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھن۔ ھن چيو ته صوبي ۾ پي پي پي جي جمھوري حڪومت آھي مون تي ٿيل تشدد جي معافي گھري وئي پر ڪنهن جي چوڻ تي تشدد ٿيو اھو نٿو ٻڌايو وڃي ـ ھن چيو ته ھي مارچ عورتن تي ٿيندڙ تشدد، مڙس ھٿان ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ معاشري پاران ساڻن ٿيندڙ ناانصافين خلاف مارچ آھي، هن وڌيڪ چيو ته عورت مارچ عورتن جي نمائندگي ڪري ٿو،شانتي کي سندس ئي مڙس وحشي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو۔ جنهن سبب ھو فوت ٿي وئي۔ خواجا سرا اڳواڻ شھزادي راءِ چيو ته ھي ـ ان موقعي تي عورتن جي حقن بابت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته پڌرشاهي نظام جو جنازو پڻ ڪڍيو ويو، عورت مارچ ۾ سماجي اڳواڻ صنم نور پنهنجي زبان تي تالو ۽ چپن تي زنجير ھڻي شريڪ ٿي،عورت مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شادي ٿيل عورتن سان سندن مڙسن پاران ٿيندڙ جنسي زيادتين خلاف قانونسازي ڪري۔ پورھيت عورتن کي مناسب اجورو ڏئي۔ ڪاروڪاري جي خاتمي لاءِ اثرائتي قانونسازي ڪئ وڃي