اسٽيبلشمينٽ سان اختلافن جو تاثر ختم،پ پ هائبرڊ نظام سان گڏ رهندي

اسلام آباد(گوهر بٽ)هاڻي ڪجهه ماڻهو صدر آصف علي زرداري بابت افواهه پکيڙي رهيا هئا ته اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف آهن. پر ڪالهه فيلڊ مارشل پنهنجي تقرير ۾ واضح طور تي صدر، وزيراعظم، ڪابينا، صوبائي حڪومتن ۽ سياسي جماعتن جو شڪريو ادا ڪيو.ان مان واضح ٿئي ٿو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪا وڏي ٽڪراءَ واري صورتحال موجود ناهي.پيپلز پارٽي وفاق سان گڏ هلڻ چاهي ٿي ۽ سسٽم کي خراب ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.ساڳي طرح مسلم  ليگ نون به موجوده نظام کي جاري رکڻ جي حق ۾ آهي.ڪجهه ماڻهو صرف افواهه پکيڙي ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ سياسي پارٽيون صورتحال جي نزاڪت کي سمجهي رهيون آهن.ملڪ ۾ نظام مجموعي طور تي هلندڙ آهي، ۽ اميد آهي ته حالتون بهتر ٿينديون رهنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.