شڪارپور ڀرسان ڄاڃين سان حادثو، 4 ڄڻا اجل جو شڪار، 20 زخمي

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور ڀرسان شادي جي خوشي ماتم ۾ تبديل، ميان صاحب درزي واھ وٽ ڄاڃين جي بس سان خوفناڪ حادثو نينگر سوڌو چار ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بلوچستان کان ميرپور ٻرڙو جي ڳوٺ رمضان چنو ويندڙ ڄاڃين جي بس ميان صاحب درزي واھ وٽ ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري ڪلٽي ٿي پئي، بس ۾ سوار ماڻھو پاڻي ۾ ٻڏي دٻجي ويا، علاقي واسين  بروقت حادثي جو اطلاع ريسڪيو ٽيمن  کي ڏنو  ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت بس ۾ سوار عورتن  ۽ ٻارڙن  کي ٻاھر ڪڍيو، حادثي سبب ھڪ ٻار سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، عورتن ٻارن سوڌو 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ فوتين کي فوري طور جيڪب آباد شڪارپور  جي  اسپتالن ۾ منتقل ڪيو  جتي  ھنگامي طور تي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي طلب ڪري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي، منتقل ٿيل زخمين کي فوري  طبي امداد ڏني وئي، زخمين ۾ چار ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته حادثي جي فوتين ۾ مريد، ظھور، نبي بخش، ٽي سالن جي سائره  ڌيءَ  محمد نواز شامل آهن، زخمين ۾  مسمات ريحانه رشد احمد، مسمات نويده، مسمات ريحانه، مسمات سميرا مسمات سونھن عبدالله ولد بشير احمد، عمر ، مسمات نصيبه، گلشير احمد، حسنين، مسمات عابدهفياض احمد فاروق احمد، مسمات زليخا، مسمات پرويز خاتون، مسمات وسائي ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي سبب  شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، حادثي وقت ماڻھو پنھنجن پيارن کي ڳوليندا رھيا، جڏھن ته پاڻي جي کڏ ۾ لھي ماڻھن وڏي ھمت ڪري بس جي زخمي ٿيل عورتن ۽ ٻارڙن کي ريسڪيو ڪيو جڏھن ته بس کي پاڻي جي کڏ مان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪرين مشين گھرائي بس کي پاڻي مان ٻاھر ڪڍيو ويو، حادثي وقت ايڌي رضاڪارن ۽ ريسڪيو 1122جون ٽيمون بروقت پھتيون جن زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ لاءِ اسپتالن ۾ پھچايو جڏھن ته حادثي وقت  ڪو به چونڊيل نمائندو واقعي واري هنڌ نه پھتو نه ئي اسپتال پھچي زخمين جي عيادت ڪئي، جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر شڪيل ابڙو حادثي وقت اسپتال پھچي پاڻ زخمين جي علاج بابت ڊاڪٽرن کي ھدايتون ڏيندو رھيو واقعي بابت ڊپٽي ڪمشنر سان رابطو ڪيو ويو جنھن سان رابطو نه ٿي سگھيو، ميان صاحب ٿاڻي جي وڏي منشي حاجي بڪيجو عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته حادثي ۾ ھڪ نينگر سميت چار ڄڻا فوت ۽ ويهھ ڄڻا زخمي ٿيا آهن حادثو بس جي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب پيش آيو آهي اسان بروقت زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو واقعي بابت جاچ ڪيون پيا ته واقعو ڪيئن پيش آيو، ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار شڪارپور ۾ ڄاڃين سان ڀريل بس جي کڏ ۾ ڪرڻ واري افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن چيو ته قيميتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي هو سوڳوار خاندانن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو، صوبائي گهرو وزير هدايت ڪئي ته گهوٽ ڪنوار سميت زخمي ٿيندڙ سمورن ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فوري طور فراهم ڪيون وڃن، هن انتظاميه ۽ ريسڪيو ادارن کي به حڪم ڏنو ته زخمين جي فوري علاج ۽ امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، اهڙا حادثا انتهائي ڏکوئيندڙ آهن ۽ متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي ويندي، حادثي ۾ زخمي ٿيل گھوٽ جي ويجھي عزيز غلام محمد چنو صحافين کي واقعي بابت ٻڌايو ته بلوچستان جي اوستا محمد واري علاقي مان شادي ڪري ڄڃ وٺي اچي رھيا ھئاسين ته گاڏي جي ٽاءِ راڊ ٽٽي گاڏي جو ٽائر نڪري ويو جنھن ڪري بس پاڻي جي کڏ ۾ وڃي ڪري بس ۾ گھوٽ ڪنوار ۽ عورتون ٻارڙا سوار ھئا بس ھيٺ مٿي ماڻھن سان ڀريل ھئي، ھن روئيندي ٻڌايو ته مان پاڻ پاڻي ۾ ٻڏل ھيس مقامي ماڻھن ھمت ڪري ماڻھن کي بس کان ٻاھر ڪڍي ماڻھن جي زندگي بچائي  بروقت ماڻھو ھمت نه ڪن ھا ته اڃا به وڌيڪ جاني نقصان ٿيئي ھا، حادثي کان پوءِ بس ۾ سوار  ھڪ معصوم نينگر پڻ گم آھي جيڪو اڃا تائين وارثن کي نه ملي سگهيو آهي وارثن طرفان پاڻي جي کڏ ۾ معصوم نينگر جي ڳولا وارو عمل جاري ھو جڏھن ته معصوم نينگر جي ھٿ نه اچڻ سبب وارثن ۾ روڄ راڙو متل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.