آمريڪا کي ايران جي سمورن هدفن تي حملي لاءِ ٻه هفتا گهرجن: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ايران ۾ موجود سمورن هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ آمريڪا کي صرف  2 هفتا گهرجن، هن چيو ته ايران فوجي طور تي شڪست کائي چڪو آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته صورتحال مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي، آزاد صحافي شريل اٽڪنسن کي ڏنل انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران خلاف آمريڪي ڪارروائين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران ۾ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو هدفن کي نشانو بڻائي چڪو آهي، جڏهن ته وڌيڪ هدف به موجود آهن جن کي ضرورت پوڻ تي نشانو بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪارروائي جاري رهي ته ٻن هفتن ۾ سمورا هدف مڪمل طور ختم ڪري سگهجن ٿا، آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران شايد صورتحال کي پنهنجي ذهن ۾ مختلف انداز سان ڏسي رهيو هجي پر حقيقت اها آهي ته هو فوجي طور شڪست کائي چڪو آهي، هن چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته معاملو مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي، بلڪه هي آخري مرحلا آهن، ساڳئي انٽرويو ۾ ٽرمپ نيٽو تي به تنقيد ڪندي ان کي ”ڪاغذي شير“ قرار ڏنو ۽ چيو ته اولهه اتحاد جا اتحادي ايران خلاف ڪارروائي ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.