آمريڪي تجويزن تي پاڪستان ذريعي جواب ڏنو آهي:ايران

تهران(عوامي آوازنيوز)ايران چيو آهي ته جنگ جي خاتمي بابت آمريڪا جي تازي تجويزن تي پنهنجو جواب اڄ پاڪستان ذريعي  موڪليو ويو آهي۔ايراني پرڏيهي وزارت اڳ چيو هو ته هو آمريڪي پيشڪش جو جواب “مڪمل جائزي ۽ آخري صلاح مشوري” کان پوءِ ڏيندا۔ايراني سرڪاري خابرو اداري  موجب مجوزه منصوبي تحت هن مرحلي تي ڳالهين جو مرڪزي موضوع علائقي ۾ جنگ جو خاتمو هوندو۔واضح رهي ته گذريل هفتي آمريڪا ايران کي نئين تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته هو تهران جي جواب جا منتظر آهن۔آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميا جي تازي تجويز هڪ صفحي تي ٻڌل 14 نڪتن تي مشتمل هئي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.