پاڪستان کي تيل،بجلي ۽ گئس جي مقامي اگهن کي لاڳت مطابق برقرار رکڻو پوندو:آءِ ايم ايف

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان لاءِ 1.3 ارب ڊالرن جي قسطن جي منظوري سان گڏ ئي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته شين جي قيمتن ۾ لاٿ چاڙهه واري ماحول دوران پاڪستان کي پيٽرول، بجلي ۽ گئس جون مقامي قيمتون اصل لاڳت مطابق برقرار رکڻيون پونديون، جڏهن ته غريب ۽ ڪمزور طبقن کي هدف بڻائي امداد فراهم ڪئي ويندي۔آءِ ايم ايف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته توانائي شعبي ۾ سڌارا لازمي آهن، ڪرپشن خلاف ادارن  کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو پوندو، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ ڪاروباري ماحول ۾ غير ضروري رڪاوٽن ۽ ضابطن جي خاتمي جهڙن ڍانچائي سڌارن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو۔ پاڪستان بابت عالمي مالياتي اداري جي اندازن موجب 2027ع ۾ جي ڊي پي واڌ 3.5 سيڪڙو رهڻ، 2026ع ۾ جي ڊي پي جي 1.6 سيڪڙو جي برابر بنيادي بجيٽ سرپلس حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته زرِمبادلا جا مجموعي ذخيرا جون 2026ع تائين 17.5 ارب ڊالرن تائين پهچڻ ۽ مهانگائي ٻيهر وڌي 8.4 سيڪڙو تائين وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ضروري شين جي بلند ۽ غير مستحڪم عالمي قيمتن واري ماحول ۾ توانائي شعبي جي مالي حالت ۾ تازو آيل بهتري برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته پيٽرول، بجلي ۽ گئس جون مقامي قيمتون اصل لاڳت مطابق مقرر ڪيون وڃن، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪمزور واهپيدارن کي هدف بڻائي امداد فراهم ڪئي وڃي۔خرچن ۾ گهٽتائي ۽ نااهلين جي خاتمي لاءِ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان توانائي شعبي جي پائيداري محفوظ رهندي ۽ پاڪستان جي مقابلي جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو۔آءِ ايم ايف مالي سال 2027ع لاءِ پاڪستان جي جي ڊي پي واڌ 3.5 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته مهانگائي ٻيهر وڌي 8.4 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ زرِمبادلا جا مجموعي ذخيرا جون 2026ع تائين 17.5 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جي اميد آهي۔آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي تحت ٽئين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽينيبلٽي فيسلٽي (RSF) تحت ٻئي جائزي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي لڳ ڀڳ 1.1 ارب ڊالر ۽ 22 ڪروڙ ڊالر فوري طور جاري ڪيا ويندا۔ اهڙي طرح ٻنهي پروگرامن تحت پاڪستان کي مجموعي طور لڳ ڀڳ 4.8 ارب ڊالر ملي چڪا آهن۔آءِ ايم ايف موجب وچ اوڀر جي جنگ باوجود پاڪستاني اختيارين سڌارن واري پروگرام تي مضبوطي سان عمل جاري رکيو، جنهن سان معاشي استحڪام برقرار رهيو ۽ ٻاهرين مالي حالتون بهتر ٿيون۔ بيان ۾ چيو ويو ته وچ اوڀر جي جنگ مان پيدا ٿيندڙ ڌڪن سبب اها اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي ته پاڪستان مضبوط معاشي پاليسيون جاري رکي ۽ پائيدار ترقي لاءِ ڍانچائي سڌارن کي تيز ڪري۔پاليسي ترجيحن ۾ معاشي استحڪام برقرار رکڻ، سرڪاري ناڻي کي مضبوط بڻائڻ، مقابلي ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو، سماجي تحفظ ۽ انساني وسيلن کي بهتر بڻائڻ، سرڪاري ادارن  جا سڌارا، عوامي خدمتن ۾ بهتري ۽ توانائي شعبي جي بحالي شامل آهن۔آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان جو 37 مهينن تي ٻڌل اي ايف ايف پروگرام، جنهن جي منظوري 25 سيپٽمبر 2024ع تي ڏني وئي هئي، معيشت کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.