لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي سهيل انور سيال، سنڌ حڪومت جي ترجمان بلند خان جوڻيجو ۽ ٻين اڳواڻن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. ان موقعي تي ايم پي اي سهيل انور سيال چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر جي هدايتن تي سڄي سنڌ ۾ معرڪه حق جي حوالي سان تقريبون ٿيون،هن چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري کي ووٽ جي طاقت سان وزيراعظم بڻائينداسين، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪڏهن به ذاتيات تي سياست نه ڪئي آهي، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي ڪائي ڳالهه نه ٿي لڪي سگهي جيڪي ذاتيات تي سياست پيا ڪن انهن جي سڀني کي خبر آهي، ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي ذاتيات تي نه ڳالهائڻ گهرجي، هن چيو ته مولانا ناصر خالد محمود سومرو موجب ته حڪومت اسٽبلشمينٽ جي بيساکين تي بيٺل آهي ته پوءِ جي يو آءِ ۾ ويٺل ماڻهو ويهي چون ٿا ته کين عهدن جي آڇون ٿي آهيون جڏهن ته چونڊن ۾ اڃان وقت آهي. جي ڊي اي جون ٻه سيٽون آهن اهي به دعوا ٿا ڪن ته کين وزارتن جون آڇون ٿي رهيون آهن پر پيپلز پارٽي ووٽ جي طاقت تي يقين رکي ٿي ۽ پيپلز پارٽي بي اعتمادي جي رٿ به ووٽ جي طاقت سان ڪامياب بڻايو، في الحال مخالف 2029ع جي عام چونڊن جو انتظار ڪن جنهن ۾ بيليٽ جي ذريعي ئي فيصلو ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو به نمائندو پارٽي نه پيو ڇڏي جيڪي پيپلز پارٽي جي نشان تي چونڊجي آيا آهن. هن چيو ته سنڌ سان ڪٿي به زيادتي ٿيندي ته اسان اتي سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏئي ڀرپور احتجاج ڪنداسين، سنڌ جي وڏي وزير موٽروي ۽ ٻين منصوبن جي لاءِ هميشه ڳالهايو آهي، بلاول ڀٽو زرداري به وفد جي صورت ۾ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي ته جيئن سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگهن پر موٽروي وفاق جو منصوبو آهي، موٽروي واري وزير عبدالعليم کان پڇا ڪيو وڃي ته موٽروي گهوٽڪي کان پوءِ ڇو نه ٿو ٺهي جيڪا ذميواري وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. اميربخش ڀٽو جي پارٽي ليڊرشپ سان 2 کان 3 ملاقاتون ٿيون آهن مان ان ڳالهه جو گواهه آهيان ته انهن ملاقاتن ۾ صرف ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي نه ڪي مقامي سياست جي حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.