سنڌ ۾ قانون جي بالادستي بدران ڏاڍ جو راڄ ڇو قائم آهي؟

اها حقيقت ڪنهن کان به لڪيل ناهي ته هي ڌرتيءَ  هميشه پيار، محبت ۽ امن جو ڳڙهه رهي آهي. هيءَ اها ئي ڌرتي آهي، جنهن صديون اڳ محبت، رواداري ۽ انسان دوستي جا اهڙا قدر پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به اسان جي اجتماعي شعور جو حصو آهن. پر ساڳئي وقت اهو به سچ آهي ته جڏهن به انهن قدرن کان منهن موڙيو ويو آهي ته تڏهن سماج اندر انتشار، تشدد ۽ بدامني جنم ورتو آهي. اڄ سنڌ جنهن صورتحال مان گذري رهي آهي، اها به ڪنهن هڪ ڏينهن جو نتيجو ناهي، پر هڪ ڊگهي فڪري ۽ سماجي بحران جو نتيجو آهي. خير محمد آريجا ۾ پيش آيل واقعو به ان ئي بحران جي هڪ چٽي علامت طور سامهون آيو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي اجتماعي روين تي سنجيدگي سان سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو۔

خير محمد آريجا ۾ آريجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هوٽل جي هڪ بينچ تي ويهڻ جهڙي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ جوابدارن چاقن جا وار ڪري نوجوان رياض حسين آريجو کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اهو هڪ اهڙو الميو آهي جيڪو اسان جي سماج جي عدم برداشت ۽ قانون جي ڪمزوري کي بي نقاب ڪري ٿو. هڪ معمولي ڳالهه تان ڪنهن بيگناهه ماڻهو کي سرعام چاقن جا وار ڪري کيس  بيدردي سان ماري ڇڏڻ واري عمل مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ هاڻي ڳالهه ٻولهه، دليل ۽ برداشت جي جاءِ تي تشدد، غصو ۽ انتقام وٺي رهيا آهن. خبر موجب خادم حسين آريجو ۽ مقتول نوجوان وچ ۾ معمولي منهن ماري ٿي، جيڪا عام حالتن ۾ ڪجهه ئي لمحن ۾ ختم ٿي ويندي آهي، پر هتي اها ڳالهه چاقو جي آزاداڻي استعمال تائين پهچي وئي. جوابدارن سعيد آريجو ۽ سجاد آريجو پاران چاقن ۽ خنجرن جا وار ڪري نوجوان کي شديد زخمي ڪرڻ  وارو عمل هڪ اهڙو منظر پيش ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن به مهذب سماج لاءِ ناقابلِ قبول هجڻ گهرجي.

خير محمد آريجا ۾ پيش آيل  اهو واقعو  سنڌ ۾ ڪو پهريون ۽ نئون ناهي، پر ان کان اڳ ۾ به سنڌ جي  مختلف علائقن ۾ اهڙا  واقعا ٿيندي  ڏٺا ويا آهن، جتي معمولي تڪرار خوني جهيڙن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. اهي جهيڙا پوءِ قبيلائي دشمنين جي صورت ۾ سالن تائين جاري رهندا آهن. پنو عاقل، سکر، اوٻاوڙو، پير جوڳوٺ ۽ ٻين علائقن جا مثال اسان جي سامهون آهن، جتي ننڍين ڳالهين تان شروع ٿيل تڪرار ڏهاڪن تائين جاري رهيا ۽ سوين انساني جانيون ضايع ٿيون. انهن تڪرارن جي نبيرن لاءِ آخرڪار جرڳا ٿا، جن ۾ ڪروڙين رپين جا ڏنڊ لاڳو ڪيا، جنهن کان پوءِ جهيڙيندڙ ڌريون کير کنڊ به ٿيو وڃن. پر بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا اهڙي طريقي سان انساني زندگين جو ازالو ممڪن ٿي سگهي ٿو؟

حقيقت اها آهي ته جرڳو سسٽم، جيڪو ڪڏهن سماجي هم آهنگي لاءِ هڪ اهم ذريعو هو، سو اڄ ڪيترن ئي حالتن ۾ پنهنجي اصل روح کان پري ٿي چڪو آهي. ڪيترن ئي موقعن تي اهو انصاف جي بجاءِ طاقت جي توازن تي ٻڌل نظر اچي ٿو، جتي ڪمزور ڌريون پنهنجو حق وڃائي ويهن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ قانون جي بالادستي وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي ادارن جي ڪمزوري ان خال کي ڀرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ان سڄي صورتحال جا بنيادي سبب ڪيترائي آهن. سڀ کان اهم سبب قانون جي ڪمزوري ۽ انصاف جي فراهمي ۾ دير آهي. جڏهن ماڻهن کي يقين نه رهي ته کين وقت سر انصاف ملندو، تڏهن هو پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪي اڪثر تشدد ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. ٻيو وڏو سبب سماجي سطح تي برداشت جي کوٽ آهي. اسان جي سماج ۾ هاڻي اهو لاڙو وڌي رهيو آهي ته ماڻهو معمولي ڳالهه تي به جذباتي ٿي وڃن ٿا ۽ ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران ان جو اظهار تشدد ذريعي ڪن ٿا.

جيڪڏهن اسان پنهنجي روين، قانوني نظام ۽ تعليمي ڍانچي کي بهتر نه ڪيو، ته اهڙا واقعا وڌندا ويندا. حڪومت کي گهرجي ته هو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائي، پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي ۽ هر واقعي جي فوري ۽ شفاف ڪارروائي ڪري. تعليمي ادارن، ميڊيا ۽ سماجي اڳواڻن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نوجوانن ۾ برداشت، رواداري ۽ انساني قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. مذهبي اڳواڻن کي به گهرجي ته هو پنهنجي خطابن ۽ خطبن ذريعي ماڻهن کي امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏين.

سو  ان معاملي ۾ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اسان هڪ مهذب معاشري، قانون پسند ۽ پرامن سماج جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا يا وري اهڙي افراتفريءَ جو، جتي هر ماڻهو پنهنجي طاقت جي زور تي جيئن وڻيس تيئن ڪري، جنهن کي وڻيس تنهن کي قتل ڪري ڇڏي. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪري ذميوارن ماڻهن کي سخت کان سخت  سزا ڏني وڃي ته جيئن اسان جو سماج محفوظ رهي ۽ ملڪ ۾ جهنگ جو قانون هجڻ وارو تاثر  به ختم ٿي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.