ڇا آمريڪا هارايل جنگ ڳالهين ۾ کٽڻ چاهي ٿو؟

شهزاد حسين ڀٽي

فيبروري 2026ع ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي وڏي پيماني تي گڏيل هوائي حملا ڪيا۔ پهرين 12 ڪلاڪن اندر هنن ايران جي 900 کان وڌيڪ اهم هنڌن کي نشانو بڻايو۔ انهن حملن ۾ فوجي ۽ جوهري تنصيبات سميت اهم ڍانچي کي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي سميت مرڪزي قيادت کي به ماريو ويو۔ ايران به خطي ۾ موجود آمريڪي تنصيبات، اسرائيل ۽ آمريڪا جي اتحادي ملڪن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا شروع ڪيا ۽ آبنائي هرمز کي سامونڊي آمدرفت لاءِ بند ڪري ڇڏيو۔ ان کان پوءِ اهڙو بحران پيدا ٿيو جنهن ايندڙ چاليهه ڏينهن تائين خطي ۾ تباهي مچائڻ سان گڏ سڄي دنيا ۾ تيل ۽ گيس جي کوٽ پيدا ڪئي ۽ عالمي معيشت لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي۔ آمريڪا ۽ اسرائيل بنيادي طور هن جنگ جا ٽي هدف مقرر ڪيا هئا۔ پهريون اسلامي رجيم جي تبديلي، ٻيو جوهري تنصيبات جو خاتمو ۽ ٽيون ميزائل پروگرام کي محدود ڪرڻ۔

1979ماضي ۾ آمريڪي صدرن ايران خلاف طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو، پر جڏهن ٽرمپ پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيو ته هن سخت موقف اختيار ڪندي 2015ع وارو جوهري معاهدو ختم ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ ايران ان معاهدي تحت عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي نگراني کي به قبول ڪيو هو۔ آخرڪار هن ڀيري اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو صدر ٽرمپ کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ڪيترن مهينن جي خفيه رٿابندي کان پوءِ ايران تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي پهرين ئي ڏينهن علي خامنه اي سميت پنجاهه کان وڌيڪ اهم شخصيتون مارجي ويون۔

سوال اهو آهي ته ڇا اهو مقصد حاصل ٿيو جنهن لاءِ هي سڀ ڪجهه ڪيو ويو؟ جواب آهي نه۔ اڃا تائين ايران ۾ رجيم تبديل نه ٿي آهي۔ آمريڪا، اسرائيل ۽ انهن جي اتحادي ملڪن کان صحيح اندازو لڳائڻ ۾ غلطي ٿي وئي۔ انهن سمجهيو ته ايراني عوام حڪومت خلاف بغاوت ڪندو، پر ائين نه ٿيو۔ ايران اڳواٽ تياري ڪري رکيو هو ۽ اهڙو دفاعي نظام قائم ڪيو جنهن چاليهه ڏينهن تائين ملڪ جو ڀرپور دفاع ڪيو ۽ مخالف ڌر کي ڪا وڏي حڪمت عملي ڪاميابي حاصل نه ڪرڻ ڏني۔ آمريڪي صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم دعويٰ ڪن ٿا ته هنن ايران جي جوهري مرڪزن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڳالهين ۾ ايران کان جوهري پروگرام ختم ڪرڻ، هٿيار حاصل نه ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻ ۽ افزودہ يورينيم حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڇو ڪيا پيا وڃن؟

حقيقت اها آهي ته ايران وٽ علم، ٽيڪنالاجي ۽ سائنسدان موجود آهن، جيڪي هن پروگرام کي جاري رکڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جيتوڻيڪ ماضي ۾ ڪيترن سائنسدانن کي قتل به ڪيو ويو آهي۔ ايران جو موقف آهي ته ان جو جوهري پروگرام اين پي ٽي معاهدي مطابق جائز آهي ۽ اهو پنهنجو سول جوهري پروگرام جاري رکڻ جو حق رکي ٿو۔

جنگ جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جو پلڙو ڳرو لڳو ۽ ايران کي وڏو نقصان ٿيو، پر پوءِ ايران به خطي ۾ آمريڪي تنصيبات ۽ اسرائيل تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا۔ اسرائيل جو دفاعي نظام ڪيترن حملن کي روڪي سگهيو، پر شدت ۽ تسلسل سبب نقصان ٿيو ۽ ڪو به علائقو مڪمل طور محفوظ نه رهيو۔ ايران ڪيترائي ڀيرا ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ۽ جنگبندي تائين اهي جاري رهيا۔ سي آءِ اي جي رپورٽ موجب ايران جي صرف هڪ ٽين ميزائل طاقت کي ئي نقصان پهتو۔ اندازن موجب ايران وٽ هزارين ميزائل ۽ جديد ڊرون موجود آهن، خاص طور خودڪش ڊرون، جيڪي هن جنگ ۾ اهم ثابت ٿيا۔ ان ڪري اهو چوڻ ته ايران جو ميزائل پروگرام مڪمل طور تباهه يا محدود ٿي ويو آهي، درست ناهي۔ ايران ڪيترن سالن کان انهن حالتن لاءِ تياري ڪري رهيو هو۔

آمريڪا ۽ اسرائيل طاقت جو مڪمل استعمال ڪرڻ باوجود پنهنجا هدف حاصل نه ڪري سگهيا۔ نه رجيم تبديل ٿي، نه نظام مفلوج ٿيو ۽ نه ئي عوام بغاوت ڪئي۔ البت سول ڍانچي کي سخت نقصان پهتو، عام شهري مارجي ويا ۽ ملڪ کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، پر ايران پنهنجي موقف تي قائم رهيو۔ آخرڪار چاليهه ڏينهن جي شديد ويڙهه کان پوءِ سڀ ڌريون عارضي جنگبندي تي راضي ٿي ويون ۽ ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ تجزئي نگارن موجب آمريڪا جنگ ۾ خاطرخواهه ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو، تنهن ڪري هاڻي هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڳالهين جي ميز تي ڪاميابي حاصل ڪري۔ ان مقصد لاءِ هو دٻاءُ ۽ سخت بيان بازي استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته هو پنهنجي شرطن مڃرائڻ جي پوزيشن ۾ آهي۔

ٻئي طرف ايران به پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ سخت شرطن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين جو پهريون دور به نتيجا ڏيڻ کان سواءِ ختم ٿيو۔ آمريڪا دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ايران جي سامونڊي ناڪابندي به ڪئي، جڏهن ته ايران واضح ڪيو آهي ته ناڪابندي ختم ٿيڻ کان سواءِ هو ڳالهين ۾ شامل نه ٿيندو۔ حاصل ڪلام اهو آهي ته ممڪن آهي ايران عارضي طور ڪجهه رعايتون ڏئي، پر ڊگهي عرصي تائين پنهنجو جوهري پروگرام بند ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿو اچي۔ آمريڪا چاهي ٿو ته جنگ ۾ حاصل نه ٿيل هدف ڳالهين ذريعي حاصل ڪيا وڃن، جڏهن ته ايران جنگ ۾ حاصل ڪيل برتري کي وڃائڻ نٿو چاهي۔ جيڪڏهن آمريڪا واقعي هن تڪرار مان نڪرڻ چاهي ٿو ته کيس ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻي پوندي، جڏهن ته ايران کي به ڳالهين جا دروازا کليل رکڻا پوندا ته جيئن هن تڪرار جو مستقل ۽ پائيدار حل ڳولي سگهجي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.