سچل سائين جي سر زمين تي پيش آيل دکدائڪ واقعو

خيرپور ضلعي جي تاريخي ۽ روحاني اهميت رکندڙ علائقي درازا شريف جي ويجهو ڳوٺ وريو واهڻ ۾ پيش آيل تازو خوني واقعو نه رڳو هڪ قبيلائي جهيڙي جو نتيجو آهي، پر اهو سنڌي سماج جي هڪ وڏي الميي، قانون جي ڪمزوري، قبائلي ذهنيت جي مضبوطي ۽ حڪومتي ناڪاميءَ جو کليل اظهار پڻ آهي. جتي هڪ طرف درازا شريف، صوفي بزرگ سچل سرمست رح جي مزار آهي، جيڪا محبت، انسانيت ۽ رواداري جي پيغام سان سڃاتي وڃي ٿي، ان جي ٻي طرف رت وهي رهيو آهي ۽ انسانيت جي سڀني قدرن کي لتاڙي قتل عام جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. ڳوٺ وريو واهڻ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني جي باهه هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي شدت سان ڀڙڪي اٿي جو پنج انساني جانيون ضايع ٿي ويون، جن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي، جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻن ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ ان وقت وڌي وئي جڏهن سرڪي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن نوجوان ڀائرن، پيارو سرڪي ۽ نعمان سرڪي کي يرغمال بڻايو ويو. انهن جي بازيابي لاءِ جڏهن ڪوششون ڪيون ويون ته ڳالهه ڳالهين مان نڪري سڌي فائرنگ تائين پهچي وئي. نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته يرغمال بڻايل نوجوانن کي به بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه وڌيڪ ڏکائيندڙ آهي ته اهي نوجوان، جيڪي ڪنهن حد تائين بيگناهه هئا، انهن کي صرف ان ڪري نشانو بڻايو ويو جو اهي هڪ مخصوص ڌر سان لاڳاپيل هئا. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو، جنهن ۾ يرغمال بڻايل نوجوانن جون آخري گهڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون،

اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آهي ته آخر اهڙا واقعا بار بار ڇو پيش اچن ٿا؟ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ قبائلي يا برادري بنيادن تي هلندڙ تڪرار، جن کي عام طور تي قبيلائي جهيڙا سڏيو وڃي ٿو، اڄ به هلندڙ آهن. اهي تڪرار نسل در نسل منتقل ٿين ٿا ۽ هر نئين نسل کي هڪ نئين جنگ ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا. سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ اڄ به ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهو مورچا بندي ڪري رهندا آهن، ڄڻ ته اهي ڪنهن جنگي ميدان ۾ هجن. اهڙي ماحول ۾ ٻار تعليم کان محروم رهجي وڃن ٿا، عورتون خوف جي ماحول ۾ زندگي گذارين ٿيون ۽ عام ماڻهو پنهنجي روزمره جي زندگي به سڪون سان نٿا گذاري سگهن. وريو واهڻ جو واقعو به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جتي ڪجهه ڪلاڪن تائين علائقو مڪمل طور جنگي ميدان بڻيل رهيو. اهو پڻ ڏسڻ وٽان آهي ته صوفي ازم جي مرڪزن، جهڙوڪ درازا شريف، جتي محبت، برداشت ۽ انسانيت جا سبق ڏنا ويندا آهن، اتي اهڙي قسم جي تشدد جو جنم وٺڻ هڪ وڏو تضاد آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اسان صرف انهن بزرگن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ تائين محدود ٿي ويا آهيون يا انهن جي تعليم کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به شامل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟

حڪومت جي ذميواري آهي ته هو اهڙن تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ نه رڳو قانوني ڪارروائي ڪري، پر سماجي سطح تي به آگاهي مهم هلائي. تعليمي ادارن، ميڊيا ۽ مذهبي اڳواڻن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ماڻهن ۾ برداشت، رواداري ۽ قانون جي احترام جو شعور پيدا ٿئي. صرف پوليس ڪارروائين سان مسئلو حل نه ٿيندو، جيستائين سماجي روين ۾ تبديلي نه ايندي. ان سان گڏوگڏ، انصاف جي نظام کي به مضبوط ڪرڻو پوندو. جڏهن ماڻهن کي بروقت ۽ منصفاڻو انصاف نه ملندو، ته هو پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جنهن جو نتيجو اڪثر تشدد جي صورت ۾ نڪرندو آهي. وريو واهڻ جو واقعو به ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جڏهن حڪومت پنهنجي ذميوارين ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي ته پوءِ ماڻهو پاڻ انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪو عمل اڪثر وڌيڪ تباهي آڻي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سماجي تنظيمون گڏجي هڪ اهڙو نظام جوڙين، جنهن ۾ اهڙن تڪرارن کي ابتدائي مرحلي تي ئي ختم ڪيو وڃي.

وريو واهڻ جو واقعو رڳو پنج ماڻهن جي قتل جو واقعو ناهي، پر اهو هڪ اهڙو الميو آهي جيڪو اسان جي سماج جي ڪيترين ئي ڪمزورين کي بي نقاب ڪري ٿو. جيڪڏهن اڄ به اسان ان مان سبق نه سکيو، ته شايد سڀاڻي اهڙا واقعا وڌيڪ شدت ڪري  ويندا، اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌ جي ڌرتي، جيڪا محبت ۽ امن جي علامت آهي، اڄ رت سان رڱجي رهي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي هن ڌرتيءَ سان محبت ڪريون ٿا، ته پوءِ اسان کي گڏجي ان کي تشدد، نفرت ۽ دشمنيءَ کان پاڪ ڪرڻو پوندو ۽ اها ذميواري اسان سڀني تي برابر لاڳو ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.