ڪراچي (رپورٽر) ڪورنگي شاهه فيصل ڪالوني پل شهرين لاءِ غير محفوظ بڻجي وئي ، جتي شهرين موجب 12 کان 15 هٿياربند ماڻهن تي ٻڌل گروهه رڪاوٽون وجهي روڊ بلاڪ ڪري مسافرن کي ڦريو، شهرين موجب هفتي جي رات پل تي اڻڄاتل ماڻهن ناڪو لڳائي ڪيترن ئي ماڻهن کي هٿيارن جي زور تي ڦريو، جنهن سبب سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ پل تي بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ ڏٺو ويو ته مبينا جوابدار گروهن جي صورت ۾ اچي روڊ بند ڪري گاڏين کي روڪين ٿا، متاثر شهرين وزيراعليٰ سنڌ، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، ٻئي پاسي ڪجهه ذريعن موجب جوابدار ويجهن ڳوٺن سان لاڳاپيل آهن ۽ واردات بعد آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا، شرافي گوٺ ٿاڻي جي حدن ۾ واقع هن پل بابت ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو موجب واقعي واري رات 2 کان 3 هٿياربند يا لٺين سان ليس ماڻهو پل تي آيا هئا، جن هڪ گاڏي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر گاڏي موڙي فرار ٿي ويا، پوليس به فائرنگ ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته سندس دعويٰ موجب ڪنهن به شهري کان ڦر نه ڪئي وئي، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.