تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي هراسمنٽ جا وڌندڙ واقعا

عامر انصاري‎

تعليمي ادارا، جيڪي ڪنهن به سماج جي مستقبل جي روشني، شعور ۽ ترقي جا مرڪز سمجهيا ويندا آهن، پر اڄ ڪيترين نياڻين لاءِ خوف، درد، تڪليف ۽ موت جا کوهه بڻجي چُڪا آهن. اُهي جڳهيون، جيڪي علم، ادب ۽ شعور جي مرڪز هجڻ گهرجن، اڄ نياڻين جي اُميدن، خوابن ۽ مستقبل جا قاتل بڻجي ويون آهن. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، جتي علم جي روشني ٻرڻ گهرجي، اُتي اونداهي، ظلم، خوف ۽ بي وسي ڇانيل آهي. نياڻيون، جيڪي گهرن مان اُميدن جا ڏيئا کڻي نڪرنديون آهن، اُتي ئي اُنهن ڏيئن کي وسايو وڃي ٿو. اُنهن جا خواب ٽٽندا آهن، اُنهن جا ارمان ختم ٿي وڃن ٿا، اُنهن جون خوشيون معدوم ٿي وڃن ٿيون، ۽ اُنهن جو مستقبل اُجاڙجي وڃي ٿو.

هڪ نياڻي جڏهن گهر کان ٻاهر قدم رکي ٿي، ته هوءَ رُڳو پَنهنجي لاءِ نه، پر پَنهنجي سَڄي خاندان جي اُميدن ۽ خواهشن جو بار کڻي نڪرندي آهي. ماءُ جي اکين ۾ دُعا هوندي آهي، پيءُ جي دل ۾ فخر هوندو آهي، ڀائرن جي نظر ۾ تحفظ هوندو آهي. هرڪو چاهي ٿو ته هوءَ پڙهي، اڳتي وڌي، پَنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ۽ پَنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪري. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪيترين نياڻين لاءِ اُهو سفر روشنيءَ ڏانهن نه، پر اهڙي اونداهيءَ ڏانهن وڃي ٿو، جتي خوف، ذلت ۽ اذيت کانسواءِ ڪُجهه به ناهي. هر صبح جڏهن هوءَ اسڪول يا ڪاليج لاءِ نڪرندي آهي، ته گهر وارن جي دلين ۾ هڪ اڻڄاتل ڊپ هوندو آهي ڇا مُنهنجي ڌيءَ محفوظ رهندي؟ ڇا هوءَ خوش هوندي؟ ڇا هوءَ واپس اچي سگهندي؟ اُهو انتظار گھرڀاتين لاءِ هڪ اهڙو درد بڻجي ٿو، جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. فون جي هر گهنٽي تي دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي، دروازي جي هر کڙڪڻ تي اکين ۾ اُميد ۽ دل ۾ خوف گڏجي وڃن ٿا. جڏهن هڪ نياڻي دير سان واپس اچي ٿي، ته ماءُ جا هٿ ڪُنجيون ڀري اکين تي اچي وڃن ٿا، پيءُ جي دل ۾ پريشاني جا هزارين سوال جنم وٺن ٿا.

تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ بليڪ ميلنگ، هراسمنٽ ۽ نفسياتي اذيت، هڪ اهڙو زهر آهي، جيڪو ھوريان ھوريان نياڻين جي زندگيءَ کي تباهه ڪري ٿو. ڪنهن وٽ سندن تصويرون، ڪنهن وٽ سندن وڊيوز، ڪنهن وٽ سندن ذاتي راز اُهي سڀ هٿيار بڻجي نياڻين کي مجبور ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. هر پيغام، هر فون ڪال، هر نظر، اُنهن جي اندر خوف ۽ اضطراب پيدا ڪري ٿو، اُنهن کي پَنهنجن احساسن ۽ سوچن سان اڪيلو ڇڏي ٿو. هڪ نياڻي، جيڪا اڳ خوش مزاج ۽ پرجوش هوندي هئي، هاڻي خاموش ٿي وڃي ٿي. سندس چهري تان مُرڪ غائب ٿي وڃي ٿي، سندس اکين ۾ اداسي ۽ بي وسي ءَ جو ساڻ وٺندڙ اونداهو اُڀري وڃي ٿو. هوءَ ماڻهن کان ڪٽجي وڃي ٿي، پاڻ ۾ ٽُٽي وڃي ٿي، ۽ اندر ئي اندر مسلسل ڏک، تڪليف ۽ اذيت محسوس ڪندي رهي ٿي. اُهو درد، جيڪو کيس خاموش رکڻ تي مجبور ڪري ٿو، اڪثر وقت کيس زندگيءَ جو آخري قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ٿو. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن، خبر اچي ٿي فلاڻي نياڻي ”خودڪشي“ ڪري ڇڏي. پر حقيقت اُها آهي ته اُها خودڪشي ناهي، پر هڪ قتل آهي. اُهو قتل آهي مسلسل ذهني ۽ نفسياتي اذيت جو، اُهو قتل آهي بليڪ ميلنگ ۽ هراسمنٽ جو، اُهو قتل آهي ادارن جي بي وسي جو ۽ سماج جي بي توجهه هجڻ جو. اُهو قتل آهي اُنهن سڀني احساسن جو، جيڪي نياڻي جي اندر جڙي رهيون، پر ڪنهن به صورت ۾ کين ٻڌڻ يا بچائڻ جو ڪو موقعو نه مليو. گهر ۾ ماتم جو منظر ناقابل بيان هوندو آهي. ماءُ جون دانھون ٽٽي وڃن ٿيون، پيءُ جي اکين مان ڳوڙها لڳاتار وهڻ لڳن ٿا، ڀائر پَنهنجي ڀيڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن، پر طاقت رکن ٿا ته ڇا ڪري سگهن ٿا؟ گهر جون ڀتيون ڄڻ روئڻ لڳن ٿيون، هر ڪنڊ ۾ سندس يادون گونجڻ لڳن ٿيون. هوءَ ڪمرو، هوءَ ڪتاب، هوءَ بيگ اَڃا موجود آهن، پر هوءَ پاڻ موجود نه آهي.  گھرڀاتي، جيڪي هر وقت پَنهنجي ڌيءَ جي واپسي جو انتظار ڪندا رهيا، هاڻي اڻڄاتل ڏک ۽ بي وسيءَ ۾ ڦاسي پيا آهن. اُهو رڳو هڪ ڪهاڻي ناهي، پر اهڙيون ڪيترين ئي ڪهاڻيون هِن سماج ۾ دفن ٿي چڪيون آهن. نائلا رند، ڊاڪٽر نمرتا ڪماري، ڊاڪٽر سنيھا ڪيسواڻي ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جهڙا نالا صرف ڪردار ناهن، پر اُهي زندھه درد جا باب آهن. اُهي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جتي سوال اڄ به زندھه آهن، پر جواب اَڃا تائين گم آهن.

تازو ئي، جيءُ کي جنھجوڙيندڙ واقعو سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، ٽي وي چينل ۽ اخباري دنُيا ۾ وڏي شدت سان گونجي رهيو آهي، جنهن نه رُڳو ماڻهن جي دلين کي ڏُکائي ڇڏيو آهي پر سماج جي بي وسي، ناانصافي ۽ اخلاقي زوال تي به ڪيترائي سنجيده سوال اُٿاري ڇڏيا آهن. اھڙو ئي واقعو ميرپور خاص ۾ ٽئين سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر فهميده لغاري سان پيش آيو جيڪا محمدي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندي پَنهنجي زندگي وڃائي ويٺي اُهو هڪ اهڙو سانحو آهي، جيڪو سماج جي بي وسيءَ کي ننگو ڪري ڇڏي ٿو. جنھن کي هراسمنٽ ۽ تنگ ڪيو پئي ويو. هِن پَنهنجي تڪليف پَنهنجي گهرڀاتين، دوستن ۽ استادن سان شيئر ڪئي، پر سندس آواز کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو. جڏهن هڪ نياڻي جي دانهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ته پوءِ اُها دانهن اندر ئي اندر طوفان بڻجي وڃي ٿي، ۽ اُهو طوفان سندس زندگي کي لوڏي ختم ڪري ڇڏي ٿو. اسان جي سماج ۾ اُھو الميو بار بار ورجائجي رهيو آهي جڏهن هڪ نياڻي ڳالهائي ٿي، ته اسان شڪ ڪريون ٿا، جڏهن هوءَ خاموش رهي ٿي، ته اسان اُن کي نظرانداز ڪريون ٿا، ۽ جڏهن هوءَ دُنيا ڇڏي وڃي ٿي، ته پوءِ اسان افسوس جا لفظ ڳوليون ٿا. پر اُهو افسوس ڪنهن ڪم جو ناهي، جڏهن هڪ زندگي وڃائجي وڃي ٿي ۽ پوءِ ٻيھر زندگي واپس نٿي اچي سگهي.

اُهو سڀ ادارن جي ساک بچائڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ اُهو سماج جي تباهي جو سبب بڻجي ٿو. جيڪڏهن ادارا پاڻ سچ کي لڪائيندا، ته پوءِ انصاف ڪٿان ملندو؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان خاموشي ٽوڙيون. هر دانهن کي ٻڌو وڃي، هر آواز کي اهميت ڏني وڃي، هر شڪايت کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. نياڻين لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جتي هو خوف کان آزاد ٿي سکيا حاصل ڪري سگهن. استادن کي به پَنهنجو ڪردار سمجهڻو پوندو هو رُڳو علم ڏيڻ وارا نه، پر اعتماد جا محافظ به آهن. گھرڀاتين کي به پَنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هو پَنهنجي نياڻين سان اهڙو رشتو جوڙين، جتي هو بي خوف ٿي پَنهنجو درد بيان ڪري سگهن. سماج کي به پَنهنجو رويو بدلائڻو پوندو متاثر کي الزام ڏيڻ بدران سندس ساٿ ڏيڻ گهرجي. جيستائين اسان گڏجي هن ظلم خلاف نه بيهنداسين، تيستائين نياڻين جا خواب ٽٽندا رهندا، سندن مستقبل اُجڙي ويندو، ۽ سماج ۾ اونداهه پکڙيل رهندي. هر خاموشي هڪ نئين ظلم کي جنم ڏئي ٿي. جيڪڏهن اڄ به اسان جاڳي نه، ته سڀاڻي شايد وڌيڪَ نياڻيون پَنهنجون زندگيون وڃائينديون، وڌيڪَ گهرن ۾ ماتم ٿيندو، ۽ وڌيڪَ گھرڀاتين جو انتظار هميشه لاءِ اڌورو رهندو. نياڻين جا خواب بچائڻ لازمي آهي، سندن عزت بچائڻ لازمي آهي، سندن مستقبل بچائڻ لازمي آهي. ڇو ته جڏهن هڪ نياڻي محفوظ هوندي، تڏهن ئي هڪ سماج محفوظ هوندو ۽ جڏهن سماج محفوظ هوندو، تڏهن ئي مستقبل روشن ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.