گهوٽڪي جي سياست ۽ سنڌ جو تبديل ٿيندڙ منظرنامو

اياز لطيف دايو

جيتوڻيڪ گهوٽڪي ضلعي ۾ سڀ وڏا جاگيرداري گهراڻا پيپلز پارٽي ۾ آهن ۽ انهيءَ جي باوجود انهن جا ذاتي اختلاف به عروج تي آهن، گهوٽڪي ضلعي جي ٻين تعلقن کي ڇڏي ڪري صرف گهوٽڪي تعلقي تي نظر وجهندا سين ته هن وقت ٻن گروپن جي سياست هلي رهي آهي، ڌاريجو گروپ ۽ راجا خان مهر گروپ، ٻنهي گروپن پنهنجون عملي ۽ سوشل ميڊيا جون سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن، ائين لڳي ٿو سيڪنڊ ورلڊ وار بعد گهوٽڪي ۾ به سوشل ميڊيا جي نفسياتي ٿرڊ ورلڊ وار شروع ٿي چڪي آهي،اقتداري شراڪت داري سبب هن وقت گهوٽڪي ۾ ڌاريجو گروپ جو پلڙو ڀاري آهي،پي پي طرفان گهوٽڪي جو چونڊيل ايم پي اي راجا خان مهر آهي،جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهي ته سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سردار علي محمد خان مهر آزاد اميدوار طور ايم اين اي جي تڪ تان ڪامياب ٿيو جنهن کي جهانگير ترين ۽ ٻين منٿون ڪري نه صرف تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪرايو پر کيس اينٽي نارڪوٽڪس جو قلمدان ڏيئي کيس وڏ وزارت پڻ ڏني وئي، جيڪو 4 آڪٽوبر 2018 کان وٺي پنهنجي وفات جي تاريخ 19 مئي 2019 تائين انهي منصب تي رهيو پر زندگي ساڻس گهڻو وفا نه ڪئي ۽ هو 52 ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو، سندس خالي ٿيل سيٽ تي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي خواهش هئي ته سندس ڀاڻيجو مرحوم علي محمد خان مهر جو  اڪيلو فرزند احمد علي خان مهر پي پي جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪري پر علي گوهر خان مهر ۽ راجا خان مهر جي خواهش هئي ته سندن ڀائٽيو ايم اين اي ٿي تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ساڳي مرحوم والد واري وزارت حاصل ڪري، جنهن ڪري ٻنهي ڀائرن جا پيپلز پارٽي سان اختلاف پيدا ٿيا، جنهن جو گهڻو سياسي فائدو ڌاريجو گروپ کي مليو.

گهوٽڪي ميونسپل جي چيئرمين شپ، عادلپور ٽائون ڪاميٽي جي چيئرميني، سينيٽري ۽ صوبائي وزارت پڻ انهن کي ملي، مهر گروپ جا اڪثر خاص ماڻهو اقتداري بدليل فضا ۾ علي گوهر خان مهر ۽ راجا خان مهر جو ساٿ ڇڏي ڌاريجو گروپ ۽ محمد بخش خان مهر جي سياسي صفن ۾ شامل ٿي ويا، انهن ۾ ڄام فيض محمد لکڻ، غلام مصطفي خان ابڙو، سردار بگن خان ڪلادي، اختر خان سنگھڙ،محمد اسماعيل ڌانڌو،راڻا مشتاق راجپوت، سليم خان ڪلوڙ، رئيس محمد رفيق خان چاچڙ، لالو انصاف خان پٺاڻ، اعجاز واسو ۽ ٻين ڪافي ذاتين ۽ قبيلن جا ماڻهو شامل آهن، اهي سڀ نوي واري ڏهاڪي کان خان ڳڙهه جي سياست جا وفادار هئا پر جڏهن خود خان ڳڙهه جي سياست ۾ ڏار پيا ۽ سوٽن جي اندر سياسي اختلافن جي شروعات ٿي ته انهي جو اهم فائدو اينٽي خان ڳڙهه ڌرين ڀرپور نموني ورتو، هن وقت چيو پيو وڃي ته راجا خان مهر جا پي پي قيادت ۽ پنهنجي سوٽن سان معاملا ٺهي ويا آهن، انهن جي به پاڻ ۾ سياسي  ويجهڙائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ راجا خان مهر جون صدر آصف زرداري سان ڏاڍي خوشگوار ماحول ۾ ملاقات جون تصويرون وائرل ٿيون، وري بلاول ڀٽو زرداري پنجاب مان واپسي تي رات جو خان ڳڙهه ۾ معمول موجب محمد بخش خان مهر وٽ رات ترسيو ۽ ٻئي ڏينهن تي گڊو روانو ٿيو ته سندس گاڏي ۾ محمد بخش خان مهر ۽ راجا خان مهر ساڻس گڏ هئا، جنهن ڪري سندس ڪيمپ جي ماڻهن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ئي هو ٻيهر وزارت جو منصب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، راجا خان مهر کي وزارت ملي يا نه ملي اهو انهن جي پارٽي قيادت تي منحصر آهي پر راجا خان مهر جي نظر مستقبل جي سيٽ تي آهي، جيڪا پي پي ٽڪيٽ ملڻ کانسواءِ هو کٽي سگهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.

جيڪڏهن پ پ کيس مستقبل ۾ سيٽ به ڏيندي تڏهن به کيس ڌاريجن سان ۽ پنهنجي سوٽن سان مڪمل سياسي ڪمپرومائيز ڪرڻو پوندو، هن وقت ڌاريجو گروپ گهوٽڪي جي سياست ۾ پنهنجي مڪمل گرپ حاصل ڪري چڪو آهي، اهم قبيلا، ذاتيون ۽ چڱا مڙس ڌاريجي گروپ مان مطمئن آهن، پر اها به حقيقت آهي ته علي گوهر خان مهر جي حمايت کانسواءِ ڌاريجو گروپ جي پنو عاقل جي سيٽ حاصل ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائي درپيش اچي سگهي ٿي، مستقبل جي اقتداري سياست تي ڪو تبصرو ڪري نٿو سگهجي، حالتن جي حساب سان جوڙ توڙ اتحاد ٿيندا آهن، جيڪي سڄي سياست جو پاسو بدلائي ڇڏيندا آهن،اقتداري سياست ڪندڙ ڌريون ڪڏهن به عوامي حمايت جي سهاري تي اليڪشن ۾ کٽڻ جو تصور ڪري نه سگهنديون آهن ،ڇاڪاڻ ته انهن جي سياست سان سماج جي مسڪين ماڻهن جو ڪو سروڪار ناهي هوندو، اسان جي ملڪ جو وڏو الميو ئي اهو رهيو آهي ته جن کي عوام چاهيندو آهي، اهي يا ته ڦاسي جي تختي تي هوندا آهن يا وري جيل ۾ سلاخن پويان قيد هوندا آهن، اسان جي ملڪ ۾ اقتداري سياست جا فيصلا اڳ ۾ ڳجهي ڪاريڊور ۾ ٿيندا هئا، هاڻي کليل نموني اها خبر پئجي ويندي آهي ته ڀائو وارا ڪنهن سان گڏ آهن، رات جي پيٽ ۾ انهي ڌر جو پلڙو ڀاري ٿي ويندو آهي، اڪثريت اقليت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، اقليت وري مغل شاهي تخت تي براجمان ٿي ويندي آهي، ڪٺ پتلي حڪمران پنهنجي طور تي ڪو به فيصلو ڪري ناهن سگهندا، اهو قصو انهي وقت کان وٺي جاري آهي جڏهن هن ملڪ جي قيام جي شروعات ۾ ئي گورنر جنرل غلام محمد بنگال ڄائي مولوي تميز الدين کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو هو، انھي وقت جي فيڊرل ڪورٽ گورنر جنرل جي اهڙي عمل کي جائز قرار ڏنو هو ۽ مزي جي ڳالهه اها ته گورنر جي اهڙي عمل خلاف مولوي جڏهن انهي وقت جي سنڌ جي چيف ڪورٽ ۾ اهڙي برطرفي کي چيلينج ڪيو هو ته انهي وقت جي انگريز جج جارج ڪانسٽنٽائن گورنر جنرل جي  غير جمهوري ۽ آمراڻي فيصلي کي هڪ ئي سٽ ۾ ڪالعدم قرار ڏيئي جمهوري حڪومت کي بحال ڪري ڇڏيو هو.

2007 تائين سنڌ جي وجود کي آپريشن ٿيٽر ۾ رکي ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن،پر هن ملڪ جا سرجن 27 ڊسمبر 2007 تي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرائي پنهنجي حڪمت عملي ۾ مڪمل طور ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن، 2008 کان بعد واري پيپلز پارٽي جو هر وزير مشير ،ايم پي اي، ايم اين اي، ننڍي کان ننڍو عهديدار ڪرپشن جي دولت سان مالا مال ٿي چڪو آهي،1988 کان وٺي عالمي ساک رکندڙ ڪنهن اهڙي شفاف اداري کان رينڪنگ ڪرائي مٿان کان هيٺ تائين سڀني پيپلز پارٽي وارن جي ملڪيتن، ڏيهي توڻي پرڏيهي اثاثن،فيڪٽرين ،زرعي زمينن، لگزري گاڏين ۽ انهن جي ڪرپشن ڪرائيم پارٽنرز جي سروي ڪرائي وڃي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا ۽ سنڌ جي بربادي جو سبب واضع ٿي سامهون ايندو، پر اهڙي سروي جي ضرورت ئي ناهي، انهن جي هڪ هڪ ڪرپشن جو فائيل محفوظ اسٽرانگ روم ۾ موجود آهي، وقت اچڻ تي اهي سڀ فائيل اسان جي سامهون هوندا ۽ ڀائو وارا شيخن پويان اصلي ماکي جي انتظار ۾ هوندا ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي قيام کان وٺي اصلي واڳ ڌڻين وقتي ۽ ڪرايي جي حڪمرانن کي ٽشو پيپر وانگر پئي استعمال ڪيو آهي ۽ چوڻ وارا چئي رهيا آهن ته پ پ  جو چيپٽر پورو ٿي چڪو آهي، انهن کان ڪارپوريٽ فارمنگ ،ڪارونجهر ،سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ، اسان جي جياپي جو هڪڙو ئي ذريعو سنڌو درياهه سميت ڪوئلي، سون ،گيس، پيٽرول ۽ سڀني کاڻين جا سمورا حق قانوني طور لکرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيا ويا آهن، سنڌ جو مستقبل فلسطين کان وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي، پ پ جي اقتدار ڌڻين سنڌ کي اهڙن المين جي پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي جهڙو ارغونن، ترخانن ۽ مغل شاهي جي فرمان روائي ۾ ٿيندو هو، سنڌ ۾ ڪا به اهڙي سياسي ڌر موجود ناهي جيڪا انهن جي خلاف ڪنهن مزاحمت جي پوزيشن ۾ هجي، سڀني ڌرين کي پنهنجي حصي پتي تي کسي ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ انفرادي مزاحمت موجود آهي، جنهن مان ڪا خاص اميد ناهي، اها مزاحمت منزلن جو تعين ڪري جدوجهد کي منظم انداز جو رستو ڏيئي نٿي سگهي،پيپلز پارٽي ڀلي خوشفهمي ۾ هجي ته ايندڙ وقت ۾ بلاول کي وزير اعظم ڪري ڇڏيندا ، انهن کي اقتداري حصي پتي جو آخري مزو ضرور چکائيندا ،انھي کان بعد ابتي ڳڻپ شروع ٿي ويندي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو مستقبل بيحد خوفناڪ هوندو، سنڌ جي وسيلن ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جي وارثي انهن وٽ قانوني شڪل ۾ موجود هوندي، جنهن کي وقت جي ڪنهن به ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري سگهڻ جي ڪنهن ۾ به همت نه هوندي، گهوٽڪي جي سياسي ڌرين مان گهڻن کي اهو سياسي سينرو نظر اچي ٿو جنهن ڪري هو انهي ڏينهن جي انتظار ۾ آهن ۽ جڏهن مستقبل ۾ پيپلزپارٽي پارٽي بدران اقتدار جو آشيرواد ڪنهن ٻي ڌر کي ملي ويندو ته پوءِ عام تاثر اهوئي آهي  ته احتساب جو عمل شروع ٿيندو پر انهي سموري صورتحال مان گهوٽڪي جي ماڻهن کي ڪوئي فائدو نه پهچندو، گهوٽڪي جي صنعتي ادارن کان وٺي سڀني وسيلن تي سڌي طرح قبضي جو قانون موجود هوندو،پرامن احتجاج ۽ مزاحمت جي حق کان هن وقت به محروم رکيو ويو آهي ۽ مستقبل ۾ ته انهي جو تصور به نه ٿي سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.