اڄ جي جديد دور ۾ رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ ڄاڻڻ ڪافي ناهي رهيو، پر ڊجيٽل خواندگي يعني ڪمپيوٽر، اسمارٽ فون، انٽرنيٽ ۽ آن لائين وسيلن جو محفوظ ۽ اثرائتو استعمال سکڻ انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي۔ هي مهارت نه رڳو تعليم کي بهتر بڻائي ٿي، پر مستقبل جي روزگار ۽ ذاتي ترقي لاءِ به بنيادي حيثيت رکي ٿي۔ خاص طور سنڌ جي ڇوڪرين لاءِ ڊجيٽل دنيا هڪ نئين اميد ۽ موقعن جو در کولي ٿي، جتي هو تعليم، ڄاڻ ۽ خودمختياري حاصل ڪري سگهن ٿيون۔
سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ جتي اسڪولن تائين پهچ ڏکي آهي، عورت استادن جي کوٽ آهي ۽ سماجي رڪاوٽون به موجود آهن، اتي ڊجيٽل اوزار ڇوڪرين لاءِ وڏي تبديلي آڻي سگهن ٿا۔ آن لائين تعليمي پليٽفارم، موبائل ايپس ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود مواد، انهن کي گهر ويٺي سکڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا۔ COVID-19 دوران جڏهن سڄي دنيا ۾ تعليم آن لائين ٿي وئي، تڏهن اهو واضح ٿي ويو ته شهري علائقن جا شاگرد ته ڪنهن حد تائين تعليم جاري رکي سگهيا، پر سنڌ جي گهڻين ڳوٺاڻين ڇوڪرين کي انٽرنيٽ ۽ ڊوائيسز جي کوٽ سبب مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سان تعليمي فرق وڌي ويو۔
ڊجيٽل خواندگي ڇوڪرين کي رڳو تعليم تائين محدود نه ٿي رکي، پر انهن لاءِ روزگار جا نوان دروازا به کوليندي آهي۔ آءِ ٽي، اي ڪامرس، فري لانسنگ ۽ ڊجيٽل ڪاروبار جهڙا شعبا اهڙا آهن، جتي گهر ويٺي به ڪم ڪري سگهجي ٿو۔ اهڙي طرح ڇوڪريون معاشي طور خودمختيار بڻجي سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي به مدد ڪري سگهن ٿيون۔ ان سان گڏوگڏ، اهي آن لائين اسڪالرشپس، ڪورسز، صحت بابت ڄاڻ ۽ مالي سهولتن تائين به رسائي حاصل ڪري سگهن ٿيون، جيڪا سندن زندگيءَ ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿي۔
تنهن هوندي به، سنڌ ۾ ڇوڪرين جي ڊجيٽل تعليم کي ڪيترين ئي رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ ڳوٺن جي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، جتي نه ڪمپيوٽر ليب آهي، نه بجلي ۽ نه ئي انٽرنيٽ۔ ان کان علاوه، ڪيترائي استاد پاڻ به ڊجيٽل مهارتن کان واقف ناهن، جنهن سبب هو جديد ٽيڪنالاجي کي پڙهائي ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا۔ سماجي سطح تي به ڪيترن خاندانن ۾ ڇوڪرين کي موبائل يا انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي آهي، جنهن سان انهن جي سکيا ۽ ترقي محدود ٿي وڃي ٿي۔ ٻولي به هڪ اهم مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري آن لائين مواد انگريزي يا اردو ۾ موجود آهي، جيڪو سنڌي ڳالهائيندڙ ڇوڪرين لاءِ سمجهڻ ڏکيو آهي۔ ان سان گڏوگڏ، اسمارٽ فون ۽ ڊيٽا پيڪيجز جي قيمت به ڪيترن ئي گهرن لاءِ برداشت کان ٻاهر آهي۔ انهن مسئلن جي باوجود، ڪجهه مثبت قدم به کنيا پيا وڃن۔ سنڌ حڪومت ۽ مختلف ادارا تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عالمي اداري يونيسيف جي سهڪار سان ڪجهه اسڪولن ۾ ڊجيٽل سکيا جا تجربا ڪري رھيا آهن، جتي شاگردياڻين کي ٽيڪنالاجي ذريعي سکڻ ۾ آساني ٿي آهي۔ ساڳي طرح سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ ٻين سماجي ادارن طرفان به ڪميونٽي سطح تي آگاهي ۽ تربيت جا پروگرام هلائي رهيا آهن، جيڪي آهستي آهستي مثبت نتيجا ڏئي رهيا آهن۔
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڊجيٽل تعليم کي هر ڇوڪري تائين پهچائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي۔ سستي اسمارٽ فون اسڪيمون ۽ ڊيٽا پيڪيجز متعارف ڪرايا وڃن، خاص ڪري شاگردياڻين لاءِ۔ عورت استادن کي ڊجيٽل مهارتن جي تربيت ڏني وڃي ته جيئن هو جديد طريقن سان پڙهائي ڪرائي سگهن۔ محفوظ ڊجيٽل سکيا مرڪز قائم ڪيا وڃن، جتي ڇوڪرين کي اعتماد سان انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي۔ سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري تعليمي مواد تيار ڪيو وڃي ته جيئن سکيا وڌيڪ آسان ۽ مؤثر بڻجي سگهي۔ ان کان علاوه، ٽيليڪام ڪمپنين جهڙوڪ Jazz، Telenor ۽ Zong سان گڏجي سهولتون وڌايون وڃن ۽ انٽرنيٽ کي عام ماڻهن لاءِ سستو بڻايو وڃي۔ ڇوڪرين جي تعليم جاري رکڻ لاءِ وظيفا ۽ سهولتون پڻ مهيا ڪيون وڃن، جڏهن ته اسڪولن ۾ سائبر سيڪيورٽي بابت آگاهي پڻ ڏني وڃي ته جيئن والدين ۽ ڇوڪريون بنا خوف جي ڊجيٽل دنيا سان جڙجي سگهن۔
سو اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته ڇوڪرين جي تعليم ۽ ڊجيٽل خواندگي ۾ سيڙپڪاري سنڌ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي۔ هڪ تعليم يافته ۽ ڊجيٽل طور مضبوط عورت نه رڳو پنهنجي زندگي سنواري ٿي، پر سڄي سماج کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي۔ جيڪڏهن اسان اڄ به هن مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو، ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي پوئتي ڌڪي ڇڏينداسين۔ تنهن ڪري هاڻي وقت آهي ته حڪومت، سماج ۽ هر فرد گڏجي عملي قدم کڻي، جيئن سنڌ جي هر ڇوڪري پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائي سگهي ۽ ڊجيٽل دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهي۔