ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ فيصلائتي مرحلي ۾

رياض چانڊيو

ايران اسرائيل/ آمريڪا جنگ کي لڳ ڀڳ چاليھه ڏينھن گذري چڪا آھن صدر  ٽرمپ جنھن ايراني تھذيب کي تباھ ڪرڻ جون ڌمڪيون پئي ڏنيون  ته ايران جي تھذيب جو مڪمل خاتمو ڪنداسين سندس ان قسم جي ڌمڪين کي سڄي دنيا نفرت جي نگاھ سان ڏٺو ۽ مذمت ڪئي  ته صدر ٽرمپ جو ھي بيان ھڪ قوم ۽ ملڪ جي  لاءِ قابل مذمت آھي نھايت شرمندگي وارن لفظن تي ٻڌل آھي ايستائين  ته ھو گارين تي به لھي آيو ۽ ھن پنھجي سوشل اڪائونٽ تي ايرانين کي گاريون ڏنيون. ھن وقت ايران 50 سيڪڙو تباھ ٿي چڪو آھي لک کن ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن ريلوي پلون اسٽريڪچر سندس فيڪٽريون ڪارخانا فوجي ۽ عوامي تنصيبات مڪمل تباھ ٿي چڪيون آھن ايران بحيثيت ملڪ پنجاھ سيڪڙو ختم ٿي ويو آھي پر ھو فوجي اسٽيٽجي جي لحاظ کان جنگ ۾ بيٺو رھيو ھو. جيتوڻيڪ آمريڪا اسرائيل يا عربن کي شڪست نه پيو ڏئي سگھي پر ھمت سان بيٺل رھيو ان بيھڻ جي ڪري ھن آبنائي ھرمز تي مڪمل گرفت ڄمائي رکي عرب ملڪ توڙي دنيا جا ٻيا ملڪ  جيڪي 20 سيڪڙو توانائي ان رستي ذريعي استعمال ڪن ٿا انھن کي ايران ويھاري ڇڏيو ان بيھڻ جي ڪري ھن روسي ۽ چيني مدد يا ٽيڪنالاجي حاصل ڪئي سندس ان بيھي رھڻ آمريڪي صدر کي حواس باختا ڪري ڇڏيو جنھن جي سڄي سياست ٻڏي وئي

آمريڪا جي اندر  ميڊيا سول سوسائٽي ۽ ڏاھپ پھريون ڀيرو پنھنجي ھن ھوش مان نڪتل ھڪڙي نفسياتي مريض صدر جي خلاف ٻاھر نڪري آئي  ته ھي آمريڪا جي وجود جو ويري صدر آھي تنھن ڪري جيڪي ڪالھه ھن جا مددگار ھئا اھي سڀ کيس ڇڏي ويا. ان حد تائين  ته ڊيموڪريٽ چيو ته ھن ( ٽرمپ ) کي فورن صدارت تان لاٿو وڃي 3 سئو کان مٿي نفسيات جي ماھر ڊاڪٽرن راء ڏني  ته ھي شخص صدارت جي عھدي تي فائز رھڻ جي لائق ناھي. ھن گلف وار ۽ مڊل ايسٽ جي جھيڙي ھن جي سياسي ڪردار کي ٻوڙي ڇڏيو آھي. دراصل ھو سياستدان ھو ئي ڪونه حادثاتي طور آيو ھو يورپ جي قابل ليڊرشپ پھريون دفعو ھن بدحواس صدر کان ڌار ٿي بيٺي. آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي فوجي طاقت سيڪيولر آمريڪا جھموريت پسند آمريڪا ۽ انساني حقن جي پڌرنامي وارو آمريڪا اھو ھن جي سازشي ۽ جنگي ذھن کان پري بيٺو رھيو قابل نفرت رويو رکندڙ ٽرمپ دنيا ۾ اڪيلو ٿي چڪو آھي  اھو ئي سبب ھو  ته ھو ڌمڪين ۽ ڀڀڪين تي لھي آيو البت  عرب توڙي اسرائيلي ھن سان گڏ بيٺا رھيا يورپ ۽ دنيا ھن کان ڌار ٿي بيٺي ھن سڄي عرصي دوران چين ۽ روس پنھجو ڌنڌو بچائڻ ۽ ڌنڌو وڌائڻ واري ڪم سان لڳا رھيا

پاڪستان جي سفارتي سائيز معاشي سائيز ۽ دنيا ۾ ھن جو جيڪو قد ڪاٺ آھي ان جي اھا ليول ئي ناھي  ته ھو ايران آمريڪا ۽ اسرائيل کي ھڪ ٽيبل تي ويھاري سگھي. تاريخي طرح ھن ڳالھه کي ورجايون ٿا ته جڏھن ماضي ۾ چين ۽ آمريڪا جون ڳالھيون ڪرائڻيون پيون تڏھن به اھو رول ان ڪري  ته  چائنيز قيادت ۽ چائنا جو ملڪ سوويت يونين کان جدا ٿئي ان جدا ڪرڻ آمريڪا ۽ چين کي ملائڻ وارو  لاءِ پاڪستان ادا ڪيو ھو صدر نڪسن جيڪو ڪردار ادا ڪيو. ان جي پرڏيهي وزير ھنري ڪسينجر خاموشي سان اسلام آباد لٿو ۽ ھن کي بيجنگ پھچايو ويو اھو سفارتي ڌنڌي وارو پاڪستان جو رول به آمريڪا ٺاھيو ان کان پوءِ سوويت يونين جو افغانستان ۾ داخل ٿيڻ بعد پاڪستان کي جيڪو فوجي ۽ جھادي ڪردار ڏنو ويو ھو اھو ڪردار به سڄو سارو آمريڪنس پاڻ ڊزائين ڪيو ھو آمريڪي سي آئي اي ۽ پينٽاگان ۽ سڄي ويسٽ گڏجي عربن جي دولت کڻي جنرل ضياءَ جي مارشلا جي فوجي معاشي ۽ ٻي ھر قسم جي مدد ڪئي وئي ھٿيار منشيات ۽ ٻيا سڀ ڌنڌا ارپيا ويا افغانستان جو سوويت يونين سان وڙھڻ ۽ ان ۾ ٽپي پوڻ جو جيڪو رول ھو اھو به پاڪستان کي آمريڪا ڏنو ھو اھو رڪارڊ تي موجود آھي خود آمريڪي يونيورسٽيون مذھبي جھاد جو لٽريچر تيار ڪنديون رھيون پاڪستاني ايئر فورس کڻي ايندي رھي پاڪستاني ايئر فورس سان لاڳاپيل اھم آفيسر ايئر مارشل رھندڙ سلطان ايم حالي جنھن ” نيا دور ” پروگرام ۾ چيو آھي  ته اسان ئي ھي سڄو جھادي مواد آمريڪي يونيورسٽين مان تيار ٿيل کڻي اچي ھتي جھادين کي تيار ڪندا ھئاسين.

ھن وقت پاڪستان کي ڳالھين جو جيڪو رول ڏنو ويو آھي اھو رول به آمريڪنس پاڻ ڏنو آھي ائين جيئن نائن اليون تي آمريڪا تي ٿيل حملي کان پوءِ پاڪستان کي وري ٻي افغان جنگ ۾ رول ڏنو ويو ھو ” وار اگين ٽيرر ” جي نالي پاڪستان کي آڏو آندو ويو. ھن تازي  معاملي ۾ به ايران ھڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي ڇو ته ايران پاڻ ڳالھين جي ميز تي اچڻ جي  لاءِ آمريڪا ايران جي يورپي اتحادين کي جن سان ھن جو تعلق رھيو آھي خصوصن فرانس ۽ ترڪي کي چوندا رھيا پر ڪو به ٽرمپ جو ذمو کڻڻ  لاءِ تيار ڪونه ھو. نيٺ پاڪستان کي آمريڪي طاقتور ادارن اھو رول ڏنو ته جيئن ٽرمپ کي ۽ آمريڪا کي جيڪا اخلاقي طور به شڪست آئي آھي. ٽرمپ آمريڪي طاقت کي لوڏي ڇڏيو آھي ۽ آمريڪا ھن جنگ ۾ اڪيلو ٿي ويو آھي ان ڪري ان مان کيس باعزت نموني ٻاھر ڪڍجي اھو رول پاڪستان کي ڏنو ويو آھي. چين ان معاملي ۾ ايرانين سان گڏ بيھي رھيو. اھو ايران جيڪو چئي پيو ته مون کي نقصان ۽ ھرجاڻو ڀري ڏيو آئون آبنائي ھرمز نه کوليندس. مون کي آئيندا جنگ نه ٿيڻ جي گارنٽي ڏيو پر چين جي زور پوڻ جي ڪري ڇو ته چين جو ھن خطي ۾ وڏو مفاد آھي تيل حاصل ڪرڻ  جو مڊل ايسٽ ۾ عربن تي اثر رسوخ وڌائڻ جو ۽ مستقل کيس تيل کپي گلف ملڪن ۾ سندس واپار ۽ ڪاروبار ھلي سگھي ھن ( ايران ) مڃي ورتو آمريڪا اچي ڦاٿو نه  ته آمريڪا جو چين ڊگھو عرصو اتحادي رھيو آھي ۽ آمريڪي تعاون سان چين اھا طاقت حاصل ڪئي آھي. اڄ جيڪڏھن چين معاشي طاقت آھي  ته اھو آمريڪي مدد جي ڪري چين اچي ايراني قيادت کي چيو ته پاڪستان کي رول ڏيو ۽ ويھو ھنن ايرانين کي پنھجو وطن ۽ اقتداري رجيم بچائڻي برقرار رکڻي آھي ھو ڏسن پيا  ته اسان جو وطن تھس نھس پيو ٿئي ڇو ته جنگيون صرف تباھي آڻينديون آھن جيڪا ايران ڀوڳي چڪو جيڪا آمريڪا اسرائيل گڏجي اتي آندي آھي عرب ان ۾ شامل آھن پر گڏوگڏ اسرائيل ٽن جنگي محاذن تي وڙھيو آھي ھلندي جنگ دوران ٺن لبنان ۽ بيروت ۾ تباھي آندي آھي غزا ۾ وري ويڙھ شروع ٿي وئي آھي

پر ھن صورتحال ۾ لبنان جو جيڪو مسئلو آھي جنھن جي پاڪستان گارنٽي ڏني  ته اتي جنگبندي ٿيندي پر اتي جنگ بند ناھي ٿي ۽ نيتن ياھو اتي سڌي طرح ڳالھه ڪئي آھي پر ايران ڳالھين تان ھٽي نٿو ايران جو شرط ھو  ته لبنان ۾ جنگبندي ٿئي پر اتي مڪمل جنگبندي ٿي ناھي. سڄي دنيا جو زور آھي پر لبنان سان اسرائيل عليحدا ڳالھيون ڪري ٿو. ايران جون ڏنل گارنٽيون ناڪام ثابت ٿيون پر ھو ڳالھين جي ميز تي ويھي رھيو آھي ڇو ته ايران کي پنھجو وجود بچائڻو آھي. ھن جو تيل وڪرو ٿئي جنگ ھٽي ھن تان عالمي پابنديون ختم ٿين ھن کي اسپيس گھرجي ھن ھي بھتر موقعو سمجھيو آھي سڄي دنيا جو ضمير سڃي دنيا جي انساني حقن جون تنظيمون سول سوسائٽي خود آمريڪا جي اندر جھموريت پسند جنگ مخالف ۽ ٽرمپ مخالف قوتون طاقتور ٿيون آھن انھن جو خود ايراني قيادت فائدو وٺڻ پئي چاھي

پاڪستان جيئن ماضي ۾ چين/ آمريڪا ڳالھين ۾ ڪريڊٽ کنيو ھو اھو ساڳيو ڪريڊٽ کڻڻ ٿو چاھي  ته اسان جو اڪائونٽ وڌي ھن تي افغان ٻنھي جنگين دوران ڊالرن جو مينھن وٺو ھو ھن جنگ جي ذريعي به ھن موجودا سرڪار ۽ مجموعي طور پاڪستان جي سڄي رجيم خوش آھي  ته اسان کي مال ملندو. ھن مان پاڪستان ۾ رھندڙ مظلوم قومن ۽ انسانن کي ڪو فائدو ناھي ملڻو. 70 سالن کان ملڪ جي چيڪا فوجي ۽ سياسي قيادت رھي آھي انھنن ھميشـ ذاتي فائدا ورتا آھن ۽ نمائش ڪئي اٿن جنرل ايوب مزا ورتا جنرل يحييا خان فائدا ورتا جنرل ضياء الحق موجون ڪيون جنرل مشرف بينيفشري ھو ھي ھنن جي جنم ڪنڊلي رھي آھي  ته ھنن ۽ سندن حوارين ڊالرن جا ڍڳ ميڙيا آھن ڌنڌا ڪيا آھن سدائين شخصي مفادن جي پاسي رھيا آھن. ھي پنھجي ملڪ کي نه فيڊريشن ڪري ٿا ھلائين نه قومن جا حق ٿا قبول ڪن نه جھموريت قانون ۽ انصاف سان واسطو اٿن ھاڻ به موجودا رجيم موجون ڪندي پارليامينٽ جي خود مختياري عدليا جي آزادي پريس جي آزادي ممڪن ناھي ھي رجيم به سابقا رجيمن وانگر لٽ مار ڪندي انجواءِ ڪندي رھندي پر نتيجو ھي آھي  ته ايران جي جيڪا بيھڪ آھي اھا مڪمل طور خطي ۾ ڪمزور ٿي وئي آھي ۽ عرب اتحاد جيڪو گڏيل ھو ان کي اڳي ئي يمن جي جنگ سعودي عرب ۽ يو اي اي عليحدا ڪري بيھاريو

ھن صورتحال ۾ به يو اي اي جدا بيٺو آھي ۽ عربن کي پڪ ٿي وئي آھي  ته جن کي اڳي يقين ھو  ته اسان سان جنگ ٿيندي سعودي تي ايران حملا ڪيا متحدا عرب امارات تي حملا ڪيا ويا پر پاڪستاني باوجود سعودي سان دفاعي معاھدي جي ۽ معاشي تعلقات يو اي اي سان ھئڻ جي کين تحفظ فراھم نه ڪري سگھيو ان ڪري عرب پاڪستان کان ناراض آھن ٽرمپ ٻڏندڙ ٻيڙي آھي جتان ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو ھن جنگ ھن جي سياست ۽ وجود ختم ڪري ڇڏيو آھي جوڻ جو مطلب  ته ھي پاڪستان جي ڪا سفارتي ڪاميابي ناھي آمريڪي قيادت جو مليل رول آھي جيڪو ھو ادا ڪري پيو پاڪستان جو اخلاقي ۽ معاشي معيار ڪو به ناھي سڄي دنيا ڄاڻي ٿي  ته آمريڪا ھن کان ڪردار ادا ڪرائيندو آھي ھي ڪردار پيو ادا ڪري سندس ڪا فيصلاڪن پوزيشن ناھي ليڊرشپ وٽ ڪا ڏاھپ ڪو تدبر ۽ ويزن ناھي. ھي صرف ٽياڪڙ آھن جيڪي ويھارين ٿا ھن وقت ايران جي به مجبوري آھي  ته مٿس مڙھيل جنگ ختم ٿئي ۽ اھا جنگ مڙھيندڙن جي به مجبوري ٿي پئي آھي ۽ سڄي دنيا جو دٻاءُ آھي  ته ھو پويان ھٽن  ان ڪري  ته مسلم دنيا مسلم امـه  مسلم اتحاد مسلم ڀائيچارو اھو سڀ ڪجهه وائکو ٿي چڪو آھي  ته اھو ڍونگ آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.