اڄ لڳ ڀڳ 55 سالن کان پوءِ پاڪستان تي وري اهو ئي موقعو آيو آهي جيڪو ملڪ جي تقدير بدلائي سگهي ٿو. ها، اهو 1970ع واري ڏهاڪي جو زمانو هو جڏهن پاڪستان تاريخ جو هڪ اهم باب لکيو. ان وقت نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ سرد جنگ پنهنجي عروج تي هئي. ان دور ۾ پاڪستان جي صدر جنرل يحيٰ خان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ هڪ خفيه سفارتي رستي جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو تاريخ ۾ ”پاڪستان چينل“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ئي سلسلي ۾ 1971ع ۾ آمريڪي پرڏيهي وزيرِ هينري ڪسنجر چين جو هڪ ڳجها پر تاريخي دورو ڪيو.
جيڪڏهن تفصيل سان ڏسجي ته ان وقت آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن پهريون اڳواڻ هو جيڪو چين ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ چاهيندو هو. هن پنهنجي چونڊ مهم دوران به ان خواهش جو ڪيترائي ڀيرا اظهار ڪيو هو. صدر چونڊجڻ کان پوءِ 1969ع ۾ هن پاڪستان جي ان وقت جي صدر يحيٰ خان کان چين سان ڳجها رابطا قائم ڪرڻ لاءِ مدد گهري. انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪا جو نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر هينري ڪسنجر 9 جولاءِ تي پاڪستان جي وساطت سان خفيه مشن تي بيجنگ ويو ۽ 11 جولاءِ تي واپس آيو. ڪسنجر جي انهيءَ ڳجهي دوري کان ايندڙ سال فيبروري ۾ صدر رچرڊ نڪسن چين جو سرڪاري دورو ڪيو. اهڙي طرح عالمي سياست ۾ آمريڪا ٻن ڪميونسٽ قوتن جي وچ ۾ اختلافن مان فائدو وٺڻ واري حڪمت عملي شروع ڪئي. ان عمل دوران هر ڳالهه کي انتهائي راز ۾ رکيو ويو.
ان حوالي سان پاڪستان جي ان وقت جي سفير آغا هلالي جي پٽ، ظفر هلالي، جيڪو پاڻ به سفارتڪار رهيو آهي، ٻڌائي ٿو ته جڏهن ڪسنجر چين جي دوري لاءِ روانو ٿي رهيو هو ته ساڳئي وقت هڪ نقلي ڪسنجر کي مري موڪليو ويو ته جيئن اهو تاثر پيدا ٿئي ته هو آرام لاءِ مري وڃي رهيو آهي نه ته ڪنهن خفيه مشن تي. ان سان گڏ هڪ بوئنگ جهاز ۾ سفري سهولتن ۽ حفاظتي انتظامن جو به ذڪر ڪيو ويو، ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته جڏهن 11 جولاءِ تي جهاز چڪلاله ايئرپورٽ تي لهندو ته مهمانن کي گهمائي ڦيرائي گيسٽ هائوس وٺي وڃبو ته جيئن لڳي ته هو مري مان واپس آيا آهن.
بهرحال، ان دوري کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بحال ٿيا ۽ هڪ ٻئي جي صدرن ۽ وزيرن دورا ڪيا. يقيناً اهو پاڪستان جي مدد سان ئي ممڪن ٿيو، جنهن پنهنجي اثر رسوخ سان چيني قيادت کي ڳالهين لاءِ قائل ڪيو. البته ان وقت چين به آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ چاهيندو هو. آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن ۾ پاڪستان جي ان ڪردار، خفيه سفارتڪاري ۽ اعتماد سازي کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. ان دوري کان پوءِ ڪميونسٽ بلاڪ جي اڀريل طاقت ۾ ورهاست پيدا ٿي ۽ آهستي آهستي اهو بلاڪ ڪمزور ٿيڻ لڳو. هاڻي سوال اهو آهي ته پاڪستان، جنهن هن ڳجهي مشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کي ان خدمت جي بدلي ۾ ڇا مليو؟ حالانڪه ان وقت پاڪستان هڪ اهڙو ڪارنامو انجام ڏنو هو جنهن سان آمريڪا ۽ چين ٻنهي کي وڏو فائدو ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ڪسنجر کي خدشو هو ته پاڪستان ان خدمت جي بدلي ۾ وڏا مطالبا ڪندو، پر پاڪستان ڪجهه به نه گهريو. هن ان جو ذڪر پنهنجي ڪتاب “On China” ۾ به ڪيو آهي. جڏهن ته ان وقت پاڪستان جا اندروني حال به خراب هئا. مشرقي پاڪستان ۾ حالتون خراب ٿي رهيون هيون، ڀارت جي حمايت يافته تنظيم مڪتي باهني اتي سرگرم هئي. پاڪستان چاهي ها ته آمريڪا کان چئي ڀارت کي مداخلت کان روڪي سگهي ها. شايد ڪشمير جو مسئلو به حل ڪرائي سگهي ها يا ڪو وڏو معاشي معاهدو ڪري سگهي ها. پر افسوس ته ان وقت جي حڪمرانن ذاتي فائدا حاصل ڪيا ۽ پاڪستان خالي هٿ رهيو.
هاڻي 2026ع ۾، جڏهن وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي شروع ٿي چڪي آهي ۽ اسلام آباد ۾ ڳالهين جو پهريون دور شروع ٿي چڪو آهي، جتي آمريڪي نائب صدر ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود آهن ۽ ايران جو وفد به آيل آهي، ساڳئي وقت بين الاقوامي ميڊيا به وڏي تعداد ۾ پاڪستان آئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺو آهي. جيڪڏهن پاڪستان ڌرين کي ڪنهن حتمي معاهدي تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اها واقعي هڪ تاريخي ڪاميابي هوندي ۽ پاڪستاني قيادت مبارڪباد جي مستحق هوندي.
اهو به سچ آهي ته پاڪستان جو ٽياڪڙي وارو ڪردار هڪ حساس جغرافيائي ۽ سياسي توازن جو اظهار آهي. هڪ طرف پاڪستان جي ايران سان لڳ ڀڳ 900 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي ۽ هتي وڏي شيعه آبادي پڻ آهي، جڏهن ته ٻئي طرف آمريڪا سان به تاريخي لاڳاپا آهن. پر هن ڀيري صورتحال 1970ع کان مختلف آهي. جيڪڏهن ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪتو ته پاڪستان جي معيشت سڌي طرح خطري ۾ پئجي سگهي ٿي، ڇو ته آبنائي هرمز ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ اڳ ئي پاڪستان ۾ توانائي جي کوٽ پيدا ڪري رهي آهي. تنهنڪري جيڪڏهن پاڪستان ڌرين کي ڪنهن معاهدي تي راضي ڪرائي ٿو ــ جنهن جا لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو امڪان ٻڌايا پيا وڃن، ڇو ته آمريڪا به جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو ۽ ايران به وڌيڪ جنگ نٿو چاهي ــ ته اهو پاڪستان لاءِ هڪ سنهري موقعو هوندو.
اهڙي صورت ۾ پاڪستان آمريڪا سان ڳالهائي پنهنجا قرض گهٽ ڪرائي سگهي ٿو، ٻين ملڪن سان معاشي معاهدا ڪري سگهي ٿو، برآمدات وڌائي سگهي ٿو. ان سان ڊالر واپس اچي سگهي ٿو ۽ رپيو مستحڪم ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن حڪمران ملڪ ۽ عوام لاءِ سنجيدگي سان سوچيندا ته تاريخ ۾ امر ٿي ويندا. جيڪڏهن اهي واقعي عوام جي خدمت ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ چاهين ٿا ــ بلڪه جيڪڏهن اهي عمران خان جي سياست مان نڪرڻ چاهين ٿا ــ ته اهو سندن لاءِ هڪ سنهري موقعو آهي. ڇو ته جڏهن تائين عوام کي رليف نه ملندو، تڏهن تائين وڏا وڏا منصوبا شروع ڪرڻ سان به ماڻهن جون دليون نٿيون کٽي سگهجن. پر جڏهن حڪمران سچائي سان عوام جي بهتري بابت سوچڻ شروع ڪندا ته ماڻهو پاڻ سندن طرف موٽي ايندا.
بهرحال، پاڪستان بار بار ثابت ڪيو آهي ته هو ڏکين حالتن ۾ به پنهنجي تاريخي ڪردار کي برقرار رکندي خطي ۾ استحڪام لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي. تنهنڪري پوري قوم دعاگو آهي ته ايران سان لاڳاپيل جنگ مڪمل طور ختم ٿئي ۽ ماڻهو ٻيهر معمول جي زندگي ڏانهن موٽي سگهن