مهانگائي خلاف احتجاج ۽ حڪومت جو غير جمهوري قدم

 مهانگائي خلاف احتجاج ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پر جڏهن اهڙي احتجاج کي روڪڻ لاءِ حڪومتي طاقت استعمال ٿئي ۽ شهر جي مرڪزي صحافتي اداري جي چوڌاري ناڪابندي ڪئي وڃي ته اهو معاملو رڳو هڪ سياسي پارٽي جي احتجاج کان روڪڻ واري معاملي تائين محدود نه رهندو آهي، بلڪه اهو جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ شهري حقن بابت هڪ وڏو سوال بڻجي ويندو آهي. تازو ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف اعلانيل احتجاج کي روڪڻ لاءِ حڪومت ۽ پوليس جيڪو طريقو اختيار ڪيو، تنهن ملڪي تاريخ بدترين آمريتن جي ياد تازه ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران ڏنل احتجاجي سڏ کي روڪڻ لاءِ ڪنٽينرن ذريعي ناڪابندي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ لٺبازي ڪري شهر ۾ ڪرفيو جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. صدر جو علائقو  جيڪو شهر جي سياسي، ڪاروباري ۽ صحافتي سرگرمين جو مرڪز آهي، اهو ميدان جنگ ۾ تبديل ٿي ويو. پوليس پاران زينب مارڪيٽ وٽ ريلي کي روڪڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ۽ لٺبازي ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته حڪومت مهانگائي  جهڙي اهم مسئلي کي سياسي ۽ خوش اسلوبي سان نبيرڻ بدران ان خلاف اٿندڙ آواز  کي طاقت وسيلي دٻائڻ جي  ڪوشش ڪري غير جمهوري ۽ آمريتي قدم کڻي رهي آهي.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سڌي طرح هر شعبي کي متاثر ڪري ٿي. ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌن ٿا، جنهن سان سامان جي قيمت وڌي وڃي ٿي ۽ نتيجي ۾ عام ماڻهو جي زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ سياسي پارٽين پاران احتجاج ڪرڻ  عام ڳالهه آهي، ڇو ته اپوزيشن جو بنيادي ڪردار ئي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ ۽ عوام جي آواز کي اجاگر ڪرڻ هوندو آهي. پر هتي اصل سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت کي احتجاج کي روڪڻ لاءِ اهڙي سخت حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي؟ يا وري ان کي سياسي عمل جو حصو سمجهي برداشت ڪرڻ گهرجي؟ ڪراچي پريس ڪلب جي ناڪابندي جو معاملو خاص طور تي اهم آهي، ڇو ته پريس ڪلب رڳو هڪ عمارت نه آهي، بلڪه اهو پاڪستان ۾ صحافتي آزاديءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران هن اداري ڪيترائي لاها چاڙها ۽ ڏکيا دؤر ڏٺا آهن، جن ۾ فوجي آمريتون به شامل آهن. پر جيئن صحافتي اڳواڻن نشاندهي ڪئي آهي ته ڪنهن به آمر پريس ڪلب جا رستا اهڙي طرح بند نه ڪيا هئا جيئن تازو چونڊيل حڪومت جي دؤر ۾ ڪيا ويا آهن. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪراچي پريس ڪلب تاريخي طور تي سياسي، سماجي ۽ شهري احتجاجن جو مرڪز رهيو آهي. مزدورن، شاگردن، استادن، وڪيلن ۽ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن هتي پنهنجا مطالبا پيش ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن هن هنڌ کي ئي بند ڪيو ويو ته پوءِ شهر ۾ اظهار لاءِ باقي ڪهڙو پليٽ فارم باقي بچندو؟

پاڪستان جي سياسي تاريخ تي نظر وجهجي ته احتجاجن کي طاقت سان دٻائڻ جي روايت گهڻي پراڻي آهي. مختلف دورن ۾ حڪومتن اپوزيشن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ انتظاميا کي استعمال ڪيو آهي. پر تاريخ اهو به ثابت ڪيو آهي ته اهڙي پاليسي گهڻي وقت تائين ڪارگر ثابت نه ٿيندي آهي. جڏهن عوامي مسئلا حل نه ٿيندا آهن ته احتجاجن جو دائرو وڌيڪ وڌي ويندو آهي. مهانگائي جو مسئلو به اهڙو ئي آهي. جيڪڏهن حڪومت رڳو احتجاجن کي روڪڻ تي ڌيان ڏيندي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده قدم نه کڻندي ته عوامي ناراضگي وڌندي رهندي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي اڳ ۾ ئي غربت ۽ بيروزگاري جا مسئلا موجود آهن، مهانگائي جو عذاب عام ماڻهو جي زندگي کي ناقابل برداشت بڻائي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت کي گهرجي ته هو پر امن احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي دشمن سمجهڻ بدران انهن کي عوامي راءِ جو اظهار سمجهي. جيڪڏهن ڪو سياسي ٽولو مهانگائي خلاف آواز اٿاري ٿو ته جمهوري اصولن مطابق ان کي ٻڌڻ گهرجي.

سو اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته ڪراچي پريس ڪلب جي ناڪابندي ۽ احتجاج تي پوليس جي سخت ڪارروائي هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. جمهوريت ۾ طاقت جو استعمال آخري آپشن هجڻ گهرجي، نه ئي پهريون قدم. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو صحافتي ادارن جي آزادي ۽ شهري حقن جو احترام ڪري، جڏهن ته سياسي پارٽين کي به احتجاج جي روايت کي ذميواري سان جاري رکڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ۾ برداشت ۽ ڳالهه ٻولهه جو ماحول پيدا ٿئي ته شايد اهڙن واقعن کي ٻنجو اچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.