شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد ۽ قرباني

تحرير: عامر انصاري

ھو جيڪو اُتر سنڌ جي گرم هوائن جي علائقي سان رتوديرو سان تعلق رکندڙ سنڌ ڌرتي جو يگانو الست عاشق شھيد بشير خان قريشي جنھن جي مٿان تاريخ وڏي ٿيڻ جي پڳ رکي ڇڏي جيڪو سنڌ جي پڳ جو ڀرم رکندي ادب، نياز نوڙت ۽ بي لوث سان پَنهنجو قد ڪاٺ وڌيڪَ اوچو ڪري ڇڏيو جنھن سبب ھُن کي سنڌ جو ھر ٻار ٻچو عزت ۽ احترام سان وڏو چئي مخاطب ٿيندو هو، ھو جيڪو لکين ماڻهن جي ھجوم ۾ پري کان پَنھنجي سادگي ۽ سچائي سان سُڃاتو ويندو ھو ھُن وٽ ميھار جيان ڪا بانسري ڪونه ھئي، نه وري ڀٽائي جيان تنبورو ھو، جو ھو اُنھن سُرن ۽ سازن سان سنڌي قوم کي گڏ ڪري، ھو سنڌ جو ڌنار ھو ڇاڪاڻ ته هِن سنڌي قوم کي هڪ ڌڻ وانگر سنڀاليو.

 شھيد بشير خان قريشي کي سنڌ جو ڌنار اُن ڪري سڏيو ويندو هو، جو هو پَنهنجي سنڌي قوم کي هڪ ڌنار وانگر سنڀاليندو، اُنهن جي رهنمائي ڪندو ۽ اُنهن کي هڪ هنڌ گڏ رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس ڪيترائي نوجوان اھڙين خوبين کي ڏسي قومي تحريڪ سان جُڙيا ۽ پَنهنجي حقن لاءِ آواز بُلند ڪرڻ لڳا. هِن هميشه پرامن جدوجهد تي زور ڏنو ۽ چيو ته سنڌي قوم جي آزادي علم، شعور ۽ اتحاد سان حاصل ٿيندي آهي. سندس تقريرن ۾ هڪ عجيب جادو هوندو هو، جيڪو ٻڌندڙن جي دلين کي ڇُهي ويندو هو. هو سادي لفظن ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندو هو ۽ عام ماڻهوءَ کي سمجهڻ جهڙو انداز اختيار ڪندو هو. هو تقريرون ضرور ڪندو هو، پر اُنهن تقريرن ۾ صرف نعرا نه هوندا هئا، پر سوال هوندا هئا اهڙا سوال، جيڪي هر ماڻهوءَ کي پَنهنجي اندر جهاتي پائڻ تي مجبور ڪندا هئا. هو پڇندو هو: ”اسان ڪير آهيون؟ اسان جو حق ڇا آهي؟ ۽ اسان پَنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون؟“ اُهي سوال رُڳو لفظ نه هئا، پر هڪ فڪري انقلاب جي شروعات هئا. سندس سياسي ۽ فڪري سفر جيئي سنڌ قومي محاذ ”جسقم“ نالي قومي تحريڪ سان جُڙيل رهيو، جتي هِن سنڌي قوم جي ترجماني ڪندي قومي تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪي هڪ نئون فڪري لاڙو پيدا ڪيو.

هو سائين جي ايم سيد جي نظريي جو فڪري جو سچو وارث هو، جنهن سنڌ جي قومي سڃاڻپ کي هڪ نظرياتي بُنياد ڏنو پاڻ عدم تشدد جي واٽ تي ھلندي سنڌي ماڻهن کي گڏ کڻي هلڻ جي حامي ڀري هئي. شھيد بشير خان قريشي اُن فڪر کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري پيرين پنڌ جھر جھنگ نڪري نوجوانن تائين سنڌ جو پيغام سائين جي ايم سيد جي روشني سنڌي ماڻهن تائين پُهچايو جيڪي سنڌ جو مستقبل ھئا. هِن سنڌي ماڻهن کي پَنهنجي سڃاڻپ، ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو. سندس نظر ۾ سنڌ صرف هڪ جاگرافيائي علائقو نه، پر هڪ زندهه تهذيب ۽ هڪ الڳ قوم هئي. هو ماڻهن کي گڏ رکندو هو، اُنهن کي حوصلا ڏيندو هو، ۽ کين سنڌ حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سيکاريندو هو. ھو ڪنهن هڪ علائقي يا طبقي جو اڳواڻ نه هو، پر سَڄي سنڌ جو اڳواڻ هو. هو هر ماڻهو کي پَنهنجو سمجهندو هو، چاهي اُهو غريب هجي يا امير، شهري هجي يا ڳوٺاڻو ھجي. ھُن وٽ سنڌي قوم کي ڏيڻ لاءِ عزت، احترام، پيار، چميون ۽ ڀاڪر ھوندا ھئا جيڪي نوجوان ۽ پوڙهي جي ڳل تي سنڌ جي نقشي جيان چٽجي وينديون هيون. ھو مائرون جو سھارو، نياڻين جو فخر ۽ مظلومن جو ساٿي هو ھِن وٽ ڪا وڏي ملڪيت نه هئي، نه ئي هُن پَنهنجي زندگي ۾ دولت گڏ ڪئي ھِن وٽ سنڌي قوم ئي ملڪيت ۽ دولت ھئي جنھن جي آڌار تي سنڌ ڌرتي عالمي ڪيس وڙھي پيو.

 شھيد بشير خان قريشي جي زندگي تڪليفن سان ڀريل هئي. کيس بار بار روڪيو ويو، دٻايو ويو، سندس آواز کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. کيس جيلن جون اونداهيون ڏسڻيون پيون، روپوشي واري زندگي گذارڻي پئي اڪيلائيءَ جا لمحا ڀوڳڻا پيا. گھرڀاتين ۽ سنڌي قوم کان پري رھڻو پيو پر تنھن ھوندي به ھُن سائين جي ايم سيد جي فڪر ھٿ نه کنيو ڪيترائي قومي تحريڪ ۾ رھندڙ ماڻھو پنھنجيون قيمتون لڳائي اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجي زر ۽ ضمير جو سودو ڪيو پر شھيد بشير خان قريشي اُنھن سَمورن شين کان پاسيرو رھيو، هو ڪڏهن به مايوس ڪونه ٿيو نه ٽٽيو، نه جهڪيو. ڪيترين ئي راتين ۾، جڏهن دُنيا ستل هوندي هئي، تڏهن ھو جاڳندو هو سنڌ ڌرتي لاءِ سوچيندو هو، پَنهنجي ماڻهن لاءِ فڪر ڪندو هو. اُهي راتيون شايد تمام ڊگهيون هونديون، جن ۾ نه ننڊ هوندي، نه سڪون رُڳو هڪ اوسيئڙو هوندو، هڪ انتظار هوندو. اُهو انتظار ڪنهن هڪ شخص جو نه، پر هڪ خواب جو هو اھڙي سنڌ جو، جتي انصاف هجي، جتي محبت هجي، جتي هر ماڻهو آزاد هجي. پر ڪُجهه خواب اڌورا رهجي ويندا آهن، ۽ اُنهن جي اداسي نسلن تائين پکڙجي ويندي آهي. ھو سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ ھر اُن ناانصافين لاءِ اُٿي کڙو ٿي بيهندو ھو.

 ھو ڪراچي کان ڪيٽي بندر، ڪارونجهر کان ڪشمور تائين، سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ، وستي ۽ شهر ۾ هِن پنهنجي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي پرچار ڪئي هو رُڳو مسافر نه، پر ماڻهن ۾ اُميد، سُجاڳي ۽ جدوجهد پيدا ڪندڙ لکين دلين جو ترجمان جو. ھو سنڌ سان ھر اُن ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف هر مسئلي تي سندس آواز بُلند ڪندو رهيو سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، آدمشماري، ڇانوڻيون، وسيلن ڪوئلو، تيل، گيس، نوڪريون ۽ شهرن تي ڌارين ماڻهن جو قبضو هجي ته ھو هر محاذ تي بي خوف بيٺو سنڌو درياءَ تي ڊئم، ذوالفقارآباد ۽ ٻيٽن جي نيلامي ۽ سنڌ دشمن منصوبي جي خلاف به هِن ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ جي حقن جو دفاع ڪيو.

 جڏهن سنڌ اندر جڏهن قبيلائي جهيڙا ٿيندا هئا ۽ ماڻهو هڪ ٻئي جي رَتُ جا پياسا بڻجي ويندا هئا، تڏهن هو اَمن جو سفير بڻجي ميدان ۾ لهندو هو. هو ماڻهن کي پرچائڻ، قرآن پاڪ، شاھه جو رسالو ۽ نياڻيون وٺي ميڙ منٿ ڪري قبيلائي جھيڙن جي نفرتن کي ختم ڪرڻ ۽ محبت جو پيغام ڏيڻ لاءِ هميشه سڀ کان اڳڀرو هوندو هو. هو اهڙو اڏول مسافر هو، جيڪو ڪڏهن به نه ٿڪيو، نه جهڪيو، ۽ سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ بيھندو رھيو. جيڪو سنڌ دشمن قوتن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀندو ھو جنھن سبب ھُن کي ھڪ سازش تحت 7 اپريل 2012ع واري اڀاڳي راتِ ۾ ھڪ سازش تحت سنڌ ارڏي پُٽ شھيد بشير خان قريشي کي سقراط جيان زهر ڏئي، منصور جهڙو گونجندڙ آواز اسان کان ھميشه لاءِ کسي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.