اڄڪلهه سنڌ جي نهري ڪچي باراني ۽ ٿر جي علائقن جي ٻيلن ۽ وڻن جي جاري واڍي ٻيلي کاتي توڙي ضلعي انتظاميا جي نااهلي جا چٽا نشان آهن۔ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جتي جتي به وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف سازش جو هڪ حصو آهي جنهن تحت سنڌ جون زرخير زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا تحت ڪارپوريٽ فارمنگ تي عمل ڪرائيندڙ ڌرين حوالي ٿي چڪيون آهن يا اهي ايندڙ وقت ۾ انهن حوالي ڪيون وينديون جتي ڪارپوريٽ فارمنگ جو بنياد وڌو ويندو ۽ امڪاني مزحمت کي روڪڻ جا به سانباها آهن۔
ڪارپوريٽ فارمنگ گرين پاڪستان واري نعري هيٺ هڪ رٿا آهي جنهن تحت ملڪ جي خاص ڪري سنڌ جي ڇهن ضلعن جي لاوارث پيل غيرآباد زمينن توڙي ٻيلن جو بنياد کي پاڙ کان ختم ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ واري نعري هيٺ جديد زراعت جي استعمال هيٺ آڻي پاڪستان کي سائو ستابو خوشحال بڻائڻ آهي۔ هن رٿا کي نجي ۽ سرڪاري حصيداري تحت اڳتي وڌائڻ جو ارادو آهي جنهن ۾ نار ۽ عرب ملڪن خاص ڪري سعودي عرب ۽ ابوظهبي جي حڪومتن پڻ دلچسپي ڏيکاري آهي۔ عام ماڻهن خاص ڪري سنڌ جي قومپرست ڌرين ۽ حڪومت مخالف سياسي ڌرين جو موقف آهي ته هن رٿا سان سنڌ جو عام آبادگار متاثر ٿيندو سنڌ گهڻو پوئتي هلي ويندي تنهنڪري اها رٿا واپس وٺي سنڌ جي ڇهن ضلعن ۾ پيل لاوارث ۽ غيرآباد سرڪاري زمينون بي زمين هارين توڙي بيروزگار زرعي گريجوئيٽن ۾ ورهائي کين فصل پوکڻ لاءِ ڏئي پاڻي ٻج دوائن زرعي اوزارن ۽ ٽريڪٽرن جي بنا وياج آسان قرضن تي مُهياي ڪئي وڃي۔
هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي. ماضي ۾ به سنڌ جا ٻيلا وڍي اتان جون زمينون سنڌ جي بااثر توڙي سگهارين ڌرين ۽ ڀوتارن حوالي ڪيون ويونهيون جنهنڪري سنڌ ۾ ٻيلن جو اوائلي تاريخي قومي وجود ته ختم ٿي چڪو آهي پر سنڌ ۾ آلودگي ۽ گرمي جو درجو وڌيو آهي ساڳي وقت سنڌ جي معاشي حالتن ۽ خوشحالي کي پڻ وڏو ڌچڪو لڳو آهي۔ ٻيلن مان حاصل ٿيندڙ عمارتي ڪاٺ ماکي کير مکڻ چوپايو مال جهنگلي جيوت پنهنجو وجود وڃائي ويٺي آهي۔
ڪچي ڪاڇي ٿر مان ٻيلن ۽ وڻن جي واڍي ۽ ليز تي ڏيڻ سبب بيروزگاري ۽ غربت وڌي وڃڻ سبب اتان لڏپلاڻ ٿي اتان جو چور ڌاڙيل ۽ ٻيا ڪاٽڪو شهرن تائين پهتو جن شرافت جو برقعو اوڍي شهرن جو امن تباهه ڪيو شهر ٻهراڙين جو تاثر ڏيڻ لڳيون پئسن وارن ۽ شرفاء جو اغوا ٿيڻ لڳو جنهن سان سنڌ بدامني جي خوف ۾ جڪڙجي وئي۔ حالت اها ٿي جو بري ڀلي ماڻهو جي سڃاڻپ کان هليا وياسين جن شهرن اندر قبضا ڪرڻ شروع ڪيا جيڪي هن وقت به شهرن ۾ سرڪاري عمارتن ۽ پلاٽن تي ناهائزجاري و ساري آهن انتظاميه خبر رکندي به بي خبر رهي ٿي خون خرابو وڌي ويو آهي۔ سرڪاري ملڪيتن تي قبضه ڪندڙ قبضا خور هڪٻي جو رت وهائين ٿا جنهن سان شهرن ۾ حراس پکڙجي ٿو۔ سنڌ جي ٿر ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي قيمتي زرعي زمينن تي به قبضا آهن جنهن سان خود رياست کي اربين رپين جو نقصان پهتو آهي۔ هن وقت باقي وڃي گهوٽڪي سکر جا ٻيلا بچيا آهن جن جون زمينون به اتان جي سردارن وڏيرن ۽ ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ آهن اتان جو عام آبادگار متاثر ٿيو آهي۔
ڪارپوريٽ فارمنگ تي سنڌ جو ماڻهو ناراض ناهي پر انهن کي خدشا آهن ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ سنڌ جي عام ماڻهو ۽ هاري طبقي جي پورهيت کي ڪهڙو فائدو ٿيندو۔ ڇا هن طبقي کي اهڙي گڏيل پوکي جو حصيدار بڻايو ويندو ? ڇا انهن کي ڪو روزگار ملندو يا زمينن جو معقول معاوضو به ملندو يا نه جيڪي انهن کان کسيون وينديون ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ استعمال ٿينديون۔ ڪارپوريٽ فارمنگ جنهن بنياد تحت آندي پئي وڃي ان بابت اهي خبرون آهن ته جتي جتي به اها قائم ٿيندي اها هڪ ته مڪمل طور سائنسي بنيادن تي زرعي خودڪار مشينري تحت عمل ۾ ايندي نوان ڳوٺ ۽ نوان شهر قائم ٿيندا جنهن ۾ اتان جي بنيادي زرعي پورهيتن جو عمل دخل گهٽ هوندو جيڪڏهن هوندو به ته اهي گهڻو ڪري پنجاب يا ٻاهرين ملڪن مان گهرايا ويندا جيڪي زراعت ۾ مهارت رکندڙ هوندا۔ ڪارپوريٽ فارمنگ کي هلائڻ وارا زرعي سائنسدان به ٻاهرين صوبن ۽ پرڏيهه مان گهرائي مقرر ڪيا ويندا مقامي سائنسدانن مان ڪو هڪ اڌ مقرر ڪيو وڃي ته اها ٻي ڳالهه آهي۔ ڪارپوريٽ فارمنگ مان گهڻو ڪري سايون ڀاڄيون ميوو ڪپهه ساريون ڪڻڪ عالمي معيار تحت پئدا ڪئي ويندي۔ چوپائي مال ماکي ۽ مڇي جي جديد طرز تي پالنا ڪئي ويندي جيڪا ايڪسپورٽ ٿيڻ ڪري ملڪ خاص طور تي سنڌ جي ماڻهن کي ڪو سڌو فائدو نه پهچندو۔ اهي به اطلاع آهن ته ڪارپوريٽ فارمنگ وارا علائقا عام ماڻهن لاءِ بند ۽ محفوظ رکيا ويندا جيڪي علائقه غير جيان محسوس ٿيندا ڪو به عام ماڻهو اهڙن علائقن ۾ وڃي نه سگهندو۔
سنڌ جي ٺٽي حيدرآباد دادو لاڙڪاڻو نوشهروفيروز نوابشاهه خيرپور سکر شڪارپور گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد جا دريائي ٻيلا مشهور رهيا آهن جتي شڪارگاهه به هوندا هئا جيڪي هن وقت باقي ناهن رهيا سواءِ جاگيردارن سردارن ۽ ڀوتارن جي ڪيٽين جي جن سان درياه جي پاڻي وارا قدرتي لنگهه بند ٿي چڪا آهن ٻوڏن دوران پاڻي جي وهڪرن ۾ رڪاوٽ پئدا ٿئي ٿي حفاظتي بندن تي دٻاء وڌڻ ڪري اهي ٽٽي پون ٿا جنهن سان شهري علائقن ۾ تباهي اچي ٿي۔
سامونڊي ساحلي علائقن ۾ تمر جا ٻيلا اهميت رکن ٿا پر ڊيلٽا جي خشڪ ٿي وڃڻ ڪري اهي به هن وقت تباهه حال آهن مڇي پلو ۽ عمارتي ڪاٺ ختم ٿيندو پيو وڃي جنهن سان به ڪاٺ جي صنعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي۔ سنڌ ۾ ٻيلن جي خاتمي واڍي ۽ ڊيلٽا جي سوڪهڙي کانپوء سنڌ کي هاڃيڪار نقصان پهتو آهي خاص ڪري ماحول تي وڏو اثر پيو آهي گرمي جو درجو وڌي چڪو آهي سيارو گهٽيو آهي جنهنڪري سنڌ ۾ مختلف قسمن جي بيمارين جو ڦهلاءِ وڌيو آهي خاص ڪري چمڙي خارش جگر گڙدن نمونيا دل جون بيماريون ته عام جام آهن جنهن سان سنڌ ۾ اموات جو انگ وڌيو آهي جو اسپتالن جو انگ مريضن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي۔ ٻيلن جي وڍجي وڃڻ چوپايو مال گهٽجڻ سبب ڪچي ڪاڇي ٿر ۽ ڪوهستان مان جيڪو اصلي کير ماکي مکڻ ملندو هو اڻلڀ ٿيڻ ڪري ماڻهو ملاوتي شين جي واپرائڻ تي مجبور به آهن ۽ مهانگائي سبب خريد به ڪري نٿا سگهن ۽ وڌندڙ پريشانين ڪري دماغ ۽ ڪينسر جهڙين بيمارين ۾ مبتلا آهن جنهن لاءِ به حڪومت کي ڪجهه سوچڻو پوندو۔
جيڪڏهن ملڪ ۽ سنڌ کي سائو ستابو ۽ عوام کي خوشحال رکڻ جي نيت آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي عوامي سطح ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي نه ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪجي جنهن ۾ سنڌ جي مهارت رکندڙ زرعي سائنسدانن ماهرن آبادگارن هارين کي به شامل ڪرڻ گهرجي انهن جي وسيع تجربن کان فائدو وٺڻ گهرجي جنهن سان اهو به ٿيندو ته بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو ۽ اجايون نفرتون پنهنجي موت پاڻ مري وينديون ٻٻر لوء جهڙا ڌرڻا جنم نه وٺندا ۔ هن ڏس ۾ سنڌ جي اوائلي دور جي ڪوآپريٽو کاتي کي فعال ۽ نئين جدت سان بحال ڪرڻو پوندو جنهن تحت سنڌ جا آبادگار پنهنجي خواهش ۽ مرضي موجب ڪارپوريٽ فارمنگ طرف وڃي سگهندا جنهن تي ڪنهن کي به ڪا شڪايت نه رهندي ۽ سنڌ ۾ معياري وڌيڪ پئداوار ڏيندڙ فصل ميوو ۽ ڀاڄيون پوکي سگهبيون ۽ آبادگار توڙي پورهيٿ به معاشي طور خوشحال ٿيندو ۽ صوبي مان مهانگائي وارو عنصر پڄاڻي تي پهچندو۔
ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ٻيلا بحال ڪرڻ گهرجن وڻن جي واڍي بند ڪرائي وڃي ۽ درياهه ۾ پنهنجي حصي جو پاڻي ايترو اچي جو ڊيلٽا به نه سڪي جنهن سان آبادگار ملاح معاشي طور خوش رهندا۔ سنڌ جو ماحول بهتر ۽ خوشگوار رهندو موسمون پنهنجي وقت سر اينديون وينديون گرمي جو درجو گهٽ ٿيندو ڏکڻ ۽ اتر جون هوائون پنهنجي جوڀن سان گهلنديون سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچارو ڪر کڻندو۔