سنڌ ۾ امڪاني برساتون: پُٺ تي پيل غريب ماروئڙا ۽ حڪومت جا اڻپورا انتظام

سنڌ ۾ هر سال جيان هن ڀيري به امڪاني برساتن جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي هڪ طرف موسم جي خوبصورتي ۽ زراعت لاءِ رحمت بڻجن ٿا، ته ٻئي طرف غريب ۽ وسيلن کان محروم ماڻهن لاءِ زحمت جو سبب پڻ بڻجن ٿا۔ خاص ڪري اهي ماروئڙا، جيڪي اڳ ئي معاشي تڪليفن، بيروزگاري ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، برساتن جي صورت ۾ نئين آزمائش کي ڀوڳڻ تي مجبور ٿين ٿا۔

سنڌ جي گهڻن علائقن ۾ اڃا تائين مناسب نيڪال جو نظام موجود ناهي۔ ٿوري برسات به شهرن ۽ ڳوٺن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿي۔ روڊ رستا تلائن جو منظر پيش ڪن ٿا، جڏهن ته ڪچن گهرن ۾ رهندڙ غريب خاندانن لاءِ ته ڇت به خطري ۾ اچي وڃي ٿي۔ برساتون انهن لاءِ رڳو پاڻي نه، پر پريشاني، بيمارين ۽ بي گهر ٿيڻ جو پيغام بڻجي وڃن ٿيون۔

ٻئي پاسي حڪومت پاران هر سال دعوائون ته ڪيون وڃن ٿيون ته هن ڀيري مڪمل تياريون ڪيون ويون آهن، پر عملي طور تي اهي انتظام اڻپورا ۽ ڪمزور نظر اچن ٿا۔ نيڪالي جا نالا صاف ناهن، ايمرجنسي ريسپانس جو نظام غير فعال آهي، ۽ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ڪو واضح لائحه عمل نظر نٿو اچي۔ نتيجي طور، هر سال ساڳيو منظر ورجائجي ٿو ۽ عام ماڻهو ئي تڪليفون ڀوڳين ٿا۔ خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي، جتي نه مناسب رستا آهن ۽ نه ئي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهولتون موجود آهن۔ برساتن سبب فصلن کي نقصان پهچڻ سان هارين جو معاشي نظام به لوڏي وڃي ٿو، جيڪو اڳ ئي مشڪلاتن جو شڪار آهي۔

وقت جي ضرورت آهي ته حڪومت رڳو اعلانن تائين محدود نه رهي، پر عملي قدم کڻي۔ نيڪالي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي، هنگامي حالتن لاءِ موثر پلان ترتيب ڏنو وڃي، ۽ غريب ماڻهن کي اڳواٽ تحفظ ۽ سهولتون مُهيا ڪيون وڃن۔ جيڪڏهن هاڻي به سنجيدگي نه ڏيکاري وئي ته برساتون هڪ ڀيرو ٻيهر غريب ماڻهن لاءِ مصيبت بڻجي وينديون۔

سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري غريب ماروئڙا هاڻي رڳو واعدن نه، پر عمل جا منتظر آهن۔ حڪومت کي گهرجي ته هو پنهنجي ذميوارين کي محسوس ڪري ۽ عوام کي هن امڪاني آفت کان بچائڻ لاءِ فوري ۽ موثر قدم کڻي۔

عزيزالله خاصخيلي دادو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.