هونئن ته اسان جي ملڪ جي سڄي پوليس جي ساک عوامي سطح تي سٺي ناهي رهي ۽ اها عوام دشمن توڙي انساني حقن جي تذليل جي حوالي سان بدنام رهي آهي. ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ بي گناهه ماڻهن کي ماري ڇڏڻ، روڊن رستن تي شريف ماڻهن کي تنگ ڪرڻ، گهرن تي چڙهايون ڪرڻ وقت چادر ۽ چؤديواري جو خيال نه ڪرڻ ۽ اتي دهشت گردن وانگر ڪارروايون ڪرڻ سبب اسان جي پوليس عوام جي دلين ۾ جڳهه نه بڻائي سگهي آهي.
پر ڪن شهرن جي پوليس ڪجهه گهڻو ئي بدنام آهي انهن ۾ عمرڪوٽ جي پوليس به شامل ٿيڻ لڳي آهي جنهن جي ريڪارڊ تي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار قتل جو به داغ لڳل آهي مٿان وري ٽيون ڏينهن عمرڪوٽ ۾ سولنگي برادرين جي قديمي گهرن تي ٿيل عمرڪوٽ جي پوليس جي بدنامي ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. هي ٽيون ڏينهن جو واقعو آهي. عمرڪوٽ جي پوليس رپورٽن موجب بااثرن جي چرچ تي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي سولنگي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي. ڪيترن ئي سالن کان رهندڙ سولنگي برادري جي گهرن کي خالي ڪرائڻ لاءِ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس، اٽالن ۽ عورت پوليس اهلڪارن سان پهتي ۽ گهر خالي ڪرائڻ لاءِ سولنگين تي تشدد ڪيو، عورتن کي وچ روڊ تي گهليو ويو، سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري کين بي آبرو ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جي دعويٰ هئي ته عدالت سولنگين جا گهر خالي ڪرڻ جا حڪم ڏنا هيا تنهن ڪري سندن گهرن خالي ڪرائڻ لاءِ ان قسم جي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور هياسين.
عمرڪوٽ پوليس جي ان وحشياڻي ڪارروائي خلاف نه رڳو سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي پر سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ قوم پرست جماعتن پڻ سخت ردعمل ظاهر ڪيو. ٻيو ته جيئن ئي اهو واقعو ٿيو ته فوري طور تي عمر ڪوٽ پريس ڪلب آڏو سياسي ۽ سماجي ڌرين ڌرڻو ڏنو. سوشل ميڊيا تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي نامياري دانشور نصير ميمڻ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عمرڪوٽ جي پوليس آهي يا چنگيزي لشڪر- ايڏي طاقت ته هن ڪڏهن ڌاڙيلن تي به استعمال ناهي ڪئي.
بهرحال اها تمام سٺي ۽ واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي ته سخت عوامي احتجاج ۽ ردعمل کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي سولنگين کي گهرن مان ڪڍڻ، عورتن تي تشدد ۽ تذليل ڪندڙ ڊي ايس پي سميت مڙني پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري آءِ جي آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته عورتن سان زيادتي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. سو ان ڪيس جو هڪ مثبت پاسو عوامي ردعمل جو آهي ته ٻيو پاسو ان جو نوٽيس وٺڻ آهي.
ان عوامي احتجاج مان اهو به ثابت ٿيو ته عوامي دٻاءُ جو اثر پوندو آهي. جڏهن ته اسان وٽ اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون هيون جو عوام جو حڪومتن، عدالتن ۽ پوليس تان مڪمل طور تي ويساهه کڄي ويو هو. عام طور تي اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته دانهون ڪرڻ، احتجاج ڪرڻ، ايف آءِ آرون داخل ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. ٻيو ته عوام جيڪڏهن ڏوهارين سان منهن مقابل ٿيندو هو ته انهن جي پنهنجي جان کي خطرو هوندو هو تنهن ڪري اهي ماڻهو ڏوهي وارداتن کي رپورٽ ئي نه ڪندا هيا جو کين حڪومتي نظام مان ڪو آسرو نه هوندو هو. اها به حقيقت آهي ته اسان جو آئيني ۽ قانوني توڙي پوليس ۽ عدالتن جو نظام ئي اهڙو جڙيل آهي جنهن مان فريادين کي گهٽ پر ڏوهارين کي وڌيڪ فائدا ۽ رعايتون مليل هونديون آهن. اسان ان حوالي سان هتي ڪيترائي ايڊيٽوريل لکيا آهن جن ۾ ان ڳالهه تي به حيرت جو اظهار ڪندا رهيا آهيون ته هتي قاتلن کي به پيسن تي ضمانتون ملن ٿيون جيڪو نه هئڻ گهرجي ان نتيجي ۾ ٿيندو ايئن آهي ته ڏوهارين ۽ قاتلن کي خبر هوندي آهي ته اهي ڪا به خوني واردات ڪندا ته کين پيسن عيوض آزاد ٿيڻ جي ضمانت ملي ويندي. ائين عدالتن مان به ڏوهارين ، قاتلن چورن ۽ ڦورن کي رليف ملي ويندو آهي جنهن ڪري عام ماڻهوءَ جو ملڪي انصاف تان ارواح کڄي ويو آهي
پر ڪجهه سالن کان ان معاملي ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي. هاڻي عوامي احتجاجن جو نوٽيس وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ته جنهن سان عوام ۾ وري اهو اتساهه پيدا ٿيڻ لڳو آهي ته ظلم ۽ زيادتي خلاف ضرور آواز اٿارجي يا اٿارڻ گهرجي. ان حوالي سان هڪ سٺو مثال عمرڪوٽ واري واقعي جو حڪومتي سطح تي نوٽيس وٺڻ وارو آهي جيڪو يقينن عوامي رد عمل ۽ احتجاج جو ئي نتيجو آهي. جيڪڏهن هر سطح تي اهو احتجاجي ردعمل ظاهر نه ڪجي ها ته ممڪن آهي ته عمرڪوٽ جي پوليس کي اها انسانيت کي لڄائيندڙ ڪارروائي ڦٻي وڃي ها پر هاڻي ان عوامي احتجاج جي فتح سان يقينن پوليس جي زيادتين تي اثر پوندو ۽ اڳتي پوليس اهڙيون ڪاهون ڪندي سئو ڀيرا سوچيندي.
سو اهو ته سٺو ٿيو جو حڪومت عمرڪوٽ واقعي ۾ پوليس گرديءَ جو نوٽيس ورتو آهي ۽ اٿاريل سولنگي برادري کي واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي پر هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ اهڙو انتظام ڪري ته جيئن اڳتي پوليس دهشت گردن وانگر اهڙيون ڪارروايون نه ڪري سگهي جڏهن ايئن ٿيندو تڏهن ئي اصل تبديلي جي اميد پيدا ٿيندي. ٻيو ته عدالتون برابر قبضا ڇڏائڻ جو حڪم ڏينديون آهن پر ان حڪم ۾ ڇا اهو چيل هوندو آهي ته قبضو ڇڏائڻ لاءِ پوليس ڀلي دهشت گردن وانگر ڪارروائي ڪري، ماڻهن تي دهشت گردن وانگر تشدد ڪري، عورتن جي تذليل ڪري کين روڊن تي ڀلي گهلي؟ جيڪڏهن ڪا ڌر ڪنهن پلاٽ يا ڳوٺ ۾ غير قانوني طور ويٺل آهي ۽ اها ڌر ڪنهن به جائز يا ناجائز سبب اتان نه ٿي اٿي ته بجاءِ ان جي ته پوليس سندن گهر ڊاهي، مٿن تشدد ڪري ۽ تذليل ڪري اٿاري بهتر اهو ٿيندو ته پوليس عدالت کي رپورٽ پيش ڪري ته قبضو ختم ڪرڻ لاءِ پرتشدد ڪارروائي ڪرڻي پوندي پوءِ ڏسجي ته عدالت ڇا ٿي چوي، قانون ڇا ٿو چوي ۽ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ٻين ملڪن جو قانون ان حوالي سان ڇا ٿو چوي. جڏهن ته ملڪي قانون ته ڪنهن سنگين ڏوهه ۾ ملوث يا قتل جي جوابدار تي به تشدد تي اجازت نٿو ڏئي. مطلب ته ان مسئلي جو ڪو پرامن حل کي ڏسڻ گهرجي ته جيئن پوليس کي پوليس گرديءَ جو موقعو نه ملي سگهي.