ماتلي ۾ گئس ۽ بجلي جي هٿرادو کوٽ

آزاد غلام رسول مزاري

رمضان المبارڪ ۔رحمتن، برڪتن ۽ مغفرتن جو مهينو هتي جي رهواسين لاءِ آزمائش جو ٻيو نالو بڻجي ويو آهي۔ سحريءَ کان افطاريءَ تائين عبادت ۽ روزمرهه جي ضرورتن جو جيڪو نظام هجڻ گهرجي، اهو لوڊشيڊنگ جي بي ترتيب ۽ بي رحم لهرن ۾ ٽٽندو وڃي ٿو۔ ماڻهو نه مڪمل عبادت ڪري سگهن ٿا، نه سک سان پنهنجا ڪم ڪار سنڀالي سگهن ٿا۔ چوويهه ڪلاڪن مان جيڪڏهن ڇهه ڪلاڪ به بجلي نصيب نه ٿئي ته ان کي رڳو لوڊشيڊنگ نٿو چئي سگهجي۔اهو ته ڄڻ زندگيءَ جي ڦيٿي کي زوري روڪڻ برابر آهي۔ جڏهن اونداهي گهٽين ۾ لهندي آهي، تڏهن رڳو بلب نه وسامندا آهن، پر اميدن جا ڏيئا به اجهامي پوندا آهن۔ دڪاندار پنهنجي دڪانن ۾ ويٺل، پنکڙين جيان ڦهلجندڙ گرميءَ ۾ پسينن سان ڀڄي وڃن ٿا؛ فريزرن ۾ رکيل سامان خراب ٿيڻ لڳي ٿو؛ شاگردن جا ڪتاب بند ٿي وڃن ٿا؛ بيمار ماڻهو گرميءَ ۾ بيزار ٿين ٿا۔ درزي، جيڪي عيد جي ڏينهن لاءِ سلائيءَ ۾ مصروف هجڻ گهرجن، مشينن جي بيجان هئڻ سبب مايوسيءَ جا شڪار بڻجن ٿا۔ سندن هٿن جي هنر کي بجليءَ جي هڪ سوئچ سان ڳنڍي ڇڏيو ويو آهي ۽ جڏهن اهو سوئچ بند ٿئي ٿو ته روزگار جا در به بند ٿي وڃن ٿا۔

شهرين جون آڱريون الزام طور تي حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني ڏانهن کڄن ٿيون۔ ماڻهن جو چوڻ آهي ته لوڊشيڊنگ نه منظم شيڊول موجب آهي، نه شفاف انداز ۾؛ ڪڏهن بنا اطلاع بجلي بند، ڪڏهن اوچتو بحال، ته ڪڏهن ڪلاڪن تائين بي خبريءَ جو راڄ۔ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن مسئلو فني آهي ته حل ڇو نٿو ملي؟ ۽ جيڪڏهن هٿرادو آهي ته ان بي حسيءَ جو بار آخر ڪير کڻندو؟

رمضان ۾ سحريءَ جي تياري هڪ عبادت جهڙي هوندي آهي۔ گهرن ۾ اونداهيءَ مان روشنيءَ ڏانهن سفر ڪندي عورتون چولها ٻارين ٿيون، ٻار سمهيل اکين سان جاڳن ٿا، ۽ دسترخوان تي سادگيءَ ۾ به برڪت نظر اچي ٿي۔ پر جڏهن چولهي ۾ باهه بدران ٿڌي هوا نڪري، جڏهن برتن خالي گرميءَ جي انتظار ۾ بيهي رهن، تڏهن اهو منظر دل کي ڏکاري ڇڏي ٿو سئي سدرن گئس ملڪ ۾ گئس جي فراهميءَ جو ذميوار ادارو آهي، پر ماتلي جي رهواسين جو شڪايت آهي ته رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ به گئس جو پريشر ايترو گهٽ آهي جو ماني پچائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو۔ افطاريءَ کان اڳ تيارين ۾ دير، سحريءَ ۾ افراتفري، ۽ روزيدارن لاءِ اضافي مشڪلاتون۔ اهي سڀ مسئلا ڪنهن به مهذب سماج لاءِ سوال بڻجن ٿا۔ روزگار گهٽجي ٿو ته گهرن ۾ تڪرار وڌن ٿا؛ تڪرار وڌن ٿا ته سماجي سڪون ٽٽي پوي ٿو۔ هڪ معمولي نظر ايندڙ لوڊشيڊنگ دراصل هڪ وڏي سماجي الميي جو پيش خيمو بڻجي سگهي ٿي۔ اها بي حسي ماڻهن کي احتجاج ڏانهن ڌڪي ٿي، پر جڏهن احتجاجن جو به ڪو نتيجو نه نڪري، تڏهن مايوسي دلين ۾ جڙون کوٽي ويهي رهي ٿي۔ شهرين جو مطالبو ڪو غيرمعمولي ناهي۔ هو رڳو منصفاڻي ۽ باقاعده فراهمي چاهين ٿا۔ جيڪڏهن مسئلا حقيقي آهن ته صاف لفظن ۾ شيڊول جاري ڪيو وڃي؛ جيڪڏهن کوٽ آهي ته ان جو شفاف جائزو عوام آڏو رکيو وڃي۔ ڇو ته بجلي ۽ گئس ڪا عياشي ناهي. اهي جديد زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.