اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت (MOU) جون اهم شقون سامهون آيون آهن، جن ۾ جوهري پروگرام، اقتصادي پابندين ۽ آبنائي هرمز بابت معاملا شامل آهن. رپورٽ ۾ هڪ سينيئر ايراني عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ايران جوهري هٿيار نه ٺاهڻ ۽ نه حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته انتهائي افزوزا يورينيم جي ذخيرن کي ملڪ اندر ئي گهٽ سطح تي آڻڻ بابت به اصولي اتفاق ٿيو آهي، جنهن جي طريقيڪار تي ايندڙ 60 ڏينهن اندر وڌيڪ ڳالهيون ٿينديون.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ايراني تيل تي لاڳو پابندين ۾ محدود مدي لاءِ نرمي آڻيندو، جنهن سان ايران کي تيل وڪڻڻ ۽ آمدني حاصل ڪرڻ جي اجازت ملندي. ساڳئي وقت حتمي معاهدي تائين ايران تي نيون اقتصادي پابنديون به لاڳو نه ڪيون وينديون. تجويز ڪيل معاهدي تحت ايران آبناءِ هرمز کي سمورن واپاري جهازن لاءِ فوري طور کوليندو، جڏهن ته آمريڪا سامونڊي ناڪابندي ختم ڪندو. ان کانسواءِ آمريڪا ايران جا 25 ارب ڊالر منجمد اثاثا به آزاد ڪندو، جن ۾ نقد ادائيگيون، مالي سهولتون ۽ ڪريڊٽ لائينون شامل ٿي سگهن ٿيون.
ٻئي پاسي اڃا تائين واضح ناهي ته جنگ جي خاتمي بابت معاهدي تي صحيحون اڄ ٿينديون يا نه. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعوا ڪئي آهي ته معاهدي تي آچر ڏينهن صحيحون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته ايراني فوج ۽ ايراني عملدارن ان دعوا کي رد ڪندي چيو آهي ته ايراني سفير اڄ ڪنهن به معاهدي تي صحيحون نه ڪندا. ايراني عملدارن موجب ٽرمپ 14 جون تي پنهنجي سالگرهه جي موقعي تي تقريب رکڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين کان متضاد بيانن سبب صورتحال اڃا غير يقيني آهي.