مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) راولاڪوٽ ۾ ڪالعدم قرار ڏنل جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن پاران پوليس جي بڪتربند گاڏيءَ تي فائرنگ ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي. ذريعن موجب راولاڪوٽ جي عيدگاهه واري علائقي ۾ بڪتربند گاڏي تي 30 کان وڌيڪ گوليون هنيون ويون، جڏهن ته گاڏي تي گولين جا نشان به واضح طور ڏسي سگهجن ٿا.
ميڊيا رپورٽس موجب ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ جي هڪ آڊيو به سامهون آئي هئي، جنهن ۾ مبينا طور ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ والاريل ڪشمير حڪومت جمون ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو هو. ٽئي ڏينهن اڳ تنظيم پاران معاهدي جي مبينا ڀڃڪڙي کانپوءِ اڳ ۾ ختم ڪيل ڪيس ٻيهر بحال ڪيا ويا هئا. والاريل ڪشمير جي قانون ۽ انصاف کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب احتجاجي مظاهرن سبب واپس ورتل 177 ايف آءِ آرز به ٻيهر بحال ڪيون ويون آهن.
You might also like