سنڌ جي اندر تمام وڏا تماشا ٿي رهيا آهن، هڪڙا ماڻهو اهڙا آهن جن کي سنڌ جو وجود نٿو وڻي ،اصلي مالڪن جي اشاري تي سنڌ جي خلاف زهر اوڳاڇيندا رهن ٿا پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جڏهن انهن جي سنڌ دشمن عمل خلاف مزاحمت ٿئي ٿي ته انهن کي پنهنجي موقف تان واپس ٿيڻ ۾ ڪا دير ناهي لڳندي، جهڙي طرح تازو گورنر هائوس سنڌ جي وحدانيت کي چيلينج ڪيو، کلئي عام انهن سنڌ جي ورهاڱي کي فوڪس ڪري ائين محسوس ڪيو ته سڀ سنڌي انهي واحيات موقف کي مذاق سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏيندا پر انهن کي ڪجهه لمحن ۾ ئي خبر پئجي وئي ته سنڌ جو شعور ستل ناهي، هاڻي اهي سنڌ جي وجود جا دشمن سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ کي ڪجهه گهٽائڻ چاهن ٿا ته جيئن ٻيهر وري نئين انداز ۾ نئين ڊڪٽيشن تحت ڪا سازش ڪري سگهن، سوشل ميڊيا به عجيب جهان آهي، اها خبر ناهي هوندي ته جيڪو ماڻهو فيس بڪ تي لائيو اچي سنڌ جي دردن سان ڀريو پيو آهي، انهيءَ جو اندرون خانا وجود سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪيترو خطرناڪ آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شعوري ۽ فڪري رستي جي مامرن کان با خبر هوندو آهي ته انهي کي خبر پئجي ويندي آهي ته جيڪو شخص ڳالهائي ٿو، انهي ۾ ڪيتري سچائي آهي، ڇاڪاڻ ته انهي جي سموري پس منظر کي سامهون رکڻو هوندو آهي.
سنڌ جي گورنر ٽسوري جنهن نموني گورنر هائوس کي سنڌ جي خلاف سازشن جو مرڪز بڻايو ۽ اصلي واڳ ڌڻين به اهو ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي ست ڪروڙ ماڻهن کي مات ڏيڻ جهڪائڻ هاڻي انهن جي وس جي ڳالهه ناهي، ڪارپوريٽ فارمنگ جو اشو هجي، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي لڳائڻ جو مامرو هجي، ڌارين جي يلغار جو مسئلو هجي، انفرا اسٽرڪچر جي بربادي هجي،بيروزگاري جو عذاب هجي يا صحت جي سهولتن جو فقدان هجي، بدترين حڪمراني هجي يا قومي وجود سان واڳيل ٻيا مسئلا هجن، انهن تي سنڌ جا ماڻهو اوچتو ڀڙڪو ڏيئي ٻاهر نڪري ٿا اچن، عوامي مزاحمت جي پر امن مزاحمت هن وقت سموري دنيا جو اهم مورچو آهي، انهيءَ پر امن جدوجهد ۽ مزاحمت جي ڪري ئي سنڌي ماڻهن کي شاندار ڪاميابيون ملي رهيون آهن، پر اسان جي صفن جي اندر هڪڙا چالاڪ ۽ مڪار ماڻهو ويساهه گهاتي ڪري سمجهندا آهن ته سموري قوم بيوقوف آهي، تازو جڏهن سنڌ جي گورنر کي سنڌ جي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پيو ته هن کي يوٽرن وٺڻو پيو. لڪي ويو ۽ هن وقت به اسان سڀني سنڌي ماڻهن کي هن جي وجود مان نسلي ڪٽرپڻي جي ڌپ اچي رهي آهي، انهيءَ ماحول ۾ هن جي تعريف ڪرڻ جو مطلب آهي ته سنڌي ماڻهن جي موقف جي ترديد ڪري پنهنجا ذاتي ۽ خصيص مفاد حاصل ڪيا وڃن، هر ماڻهو جو ڪردار آهي، هرڪو پنهنجي دڪان جو هوڪو ڏيندو آهي پر عمر ڪوٽ ۾ سنڌي نياڻين سان وحشت واري واقعي تي گورنر جون همدرديون وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جنهن ۾ گورنر چئي ٿو ته عمر ڪوٽ جي نياڻين کي ڪراچي جي هڪ ڪالوني ۾ اسي گز جا پلاٽ ڏنا ويندا، اهڙي ماحول ۾ جڏهن سنڌ جي گورنر سان سنڌي ماڻهن جي نفرت عروج تي آهي، انهيءَ نفرت کي ميٺ محبت ۾ بدلائڻ جو اختيار ڪنهن فرد کي ڪنهن ڏنو آهي.
عمر ڪوٽ ۾ وردي پائي جن وحشت جو رقص ڪيو، انهيءَ تي سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، ماڇي قبيلي جي ماڻهن کي پنهنجي گهرن مان ڪڍي هڪ سئو سالن کان ٺهيل اجهن کي ڊاهڻ ۽ عورتن سان تذليل ،وحشت ،جبر ۽ داداگيري جون وڊيوز جڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ته اهي صرف عمر ڪوٽ جون نياڻيون ناهن پر سنڌ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ جون نياڻيون آهن،هر گهر ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي،ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي واقعي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر عمر ڪوٽ جي ساڃهه وند ماڻهن پنهنجو پاڻ ملهائي ڏيکاريو، عمر ڪوٽ جي بيباڪ بهادر صحافي سٿ کي جس هجي جن جي وقت سر ڪوريج جي ڪري ماڇي عورتن سان ٿيندڙ جبر سموري دنيا جي آڏو سيڪنڊن ۾ فوڪس ٿي آيو،جيئن مزاحمت وڌي رهي هئي، تيئن ئي اقتداري ڌرين ۾ بيچيني وڌي رهي هئي،عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير سردار شاهه کي پنهنجي اهم ميٽنگ ڇڏي اچي وڊيو ميسيج ڏيڻو پيو ته انهي واقعي سان منهنجو ڪو تعلق ناهي، ايس ايس پي اسڪرين تي اچي موقف ڏيڻ لاءِ مجبور ٿيو ته هي ڪم ڪورٽ جي آرڊر تحت ٿيو آهي پر پوليس جو رويو غلط آهي، سنڌ جي آئي جي کي فوري طور تي واقعي ۾ ملوث ڊي ايس پي رينڪ تائين اهلڪارن کي معطل ڪرڻو پيو، ماڇي برادري جي متاثرين کي پنهنجي گهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ڇا هي سڀ شيون ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪنهن معجزي طور ٿي پيون، يقيني طور هي سنڌ جي مزاحمت ۽ جدوجهد جو هڪ نئون روپ آهي، انهيءَ موقعي تي سنڌ جي وجود جي دشمن سنڌ جي گورنر جي همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، انهيءَ اجرڪ جي ڦلڙين جي دشمن کي اجرڪن جا تحفا ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، آخر سنڌي ماڻهن جي جدوجهد، جاکوڙ ۽ مزاحمت وقت اهڙا مفاد پرست، هٻڇي ۽ وڪاميل ڪردار اوچتو ڇو ظاهر ٿي پوندا آهن، اهڙن ڪردارن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کي به سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهو بري ۽ ڀلي جي تميز محسوس ڪري چڪا آهن،ڪنهن به جدوجهد يا مزاحمت کي هو وڪرو ٿيڻ نه ڏيندا.
عمر ڪوٽ جي المناڪ وحشت جون حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن، انهن گهرن ۾ انهن جا ڪيترائي نسل رهيا آهن، انهن مسڪين ماڻهن کي ڌر بدر ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، پوليس جو لشڪر وٺي نياڻين کي سر عام گهلي انهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪرڻ جو حق انهن کي ڪنهن ڏنو آهي، انساني قدر مڪمل طور تي وحشت جي ور چاڙهيا ويا آهن، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي،اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ازلي دشمن گورنر جي همدردي جي اسان کي ڪا ضرورت ناهي، اسان جي سيني جا زخم اڃان تازا آهن، گورنر جو وجود سنڌي ماڻهن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي، سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي واسين جي مالڪي لاءِ موجود آهن، ڪيترائي سنڌ جا سڄڻ پنهنجي انهن ماڇي ڀائرن کي پلاٽ ڏيڻ سميت هر طرح جي ساٿ لاءِ تيار آهن پر اهم ڳالهه اها آهي ته هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي اجهن مان ڇو لڏي وڃن، انهن کي پنهنجي ساڳين گهرن ۾رهڻ جي لاءِ منصوبا بندي ڪئي وڃي.
وقت جي اهم ضرورت اها به آهي ته سنڌ جي سڀني قوم پرست ڌرين ۽ وطن دوست ماڻهن کي سڀ اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن، ذاتي انائن جي ڳالهين مان انهن کي اڳتي وڌي اهو سمجهڻ گهرجي ته انهن جي ڌرتيءَ تي خطري جون گهنٽيون وڄي چڪيون آهن،انگريزن جي پاليسي وانگر اسان کي هاڻي ويڙهايو ۽ حڪومت واري پاليسي جي حوالي ڪيو ويو آهي، تاريخ ڪنهن جو به انتظار ناهي ڪندي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان کي گهڻي دير ٿي وڃي ۽ اسان پنهنجي وجود جي جنگ هارائي وجهون، انهيءَ لاءِ سوشل ميڊيا تي ايندڙ هر قسم جي غير اخلاقي سلسلي کي مڪمل طور تي روڪڻ جي لاءِ هڪڙو ضابطه اخلاق جوڙيو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ قومي ايجنڊا تي اسان جي سڀني سنڌ دوست ڌرين کي گڏ ٿيڻ گهرجي، اها وقت جي ضرورت آهي، سنڌ جي خلاف ڪات ڪهاڙا تيز ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ اقتداري مسند تي ويٺلن کي صرف پنهنجي ڪرپشن سان دلچسپي آهي، انهن جي ڪرپشن جمهوريت جو بهترين انتقام آهي، اگر انهن وٽ قومي اجتماعي سوچ هجي ها ته سنڌ جي وجود کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي والار سامهون نه هجي ها، سنڌ جا ذهين ترين نوجوان ڪروڙين روپيا نه هجڻ ڪري نوڪرين کان محروم نه رهن ها، سنڌو دريا تي ڌاڙي لڳائڻ جا سانباها نه ٿين ها، گهوٽڪي ضلعي ۾ اربين روپيا ڪمائيندڙ صنعتي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن جي بدران ڌارين جي يلغار نه هجي ها، تنهڪري اهڙي المناڪ صورتحال کان وڌيڪ اسان ڪهڙو انتظار ڪري رهيون آهن، جڏهن قومون پنهنجي وقت سر منصوبا بندي ڪري پنهنجي وجود کي بچائي ناهن سگهنديون پوءِ ڏکئي وقت ۾ سواءِ پڇتاءُ جي انهن ڪجهه به ناهي هوندو، هن نازڪ گهڙي ۾ سنڌ جا معدني وسيلا هٿن مان نڪري چڪا آهن، لولي لنگڙي نالي ۾ سنڌين جي حڪومت جي خاتمي لاءِ هڪڙي بٽالين ڪافي آهي، اچو ته گڏجي ڌرتي جي وجود کي بچايون، ڀٽائي جي فڪري شعور جي روشني ۾ پنهنجي مارو ماڻهن سان ڪا ڪريت نه ڪيون، اسان جي ڌرتي جو اهم مورچو پرامن جاکوڙ آهي،انهيءَ جاکوڙ جي لاءِ جڏهن ست ڪروڙ سنڌين وٽ ساڳيو سلوگن هوندو ته ڪنهن به وقت جي جابر کي هڪ ذري جي به همت نه ٿي سگهندي ته هو اسان جي عمر ڪوٽ جي نياڻين جي اهڙي طرح تذليل ڪري سگهي، اسان کي صرف پنهنجو مورچو مضبوط ڪرڻو آهي.