اسلام آباد/راولپنڊي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي عسڪري قيادت وزيراعظم کي پاڪستان افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خارجي فتني ۽ افغان طالبان رجيم جي ڳٺ جوڙ ۽ شرپسند ڪارروائي تي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي. افغان طالبان رجيم ۽ خارجي فتني جون پاڪستان خلاف ڪارروايون ناقابلِ قبول آهن. شهباز شريف چييو ته فيلڊ مارشل سي دعاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪستان ڪنهن به اڳرائي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿو. وزيراعظم افغان طلابان رجيم جي سرحدي علائقن ۾ حملن کي ناڪام ڪرڻ تي پاڪ فوج جي تعريف ڪئي ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي تي پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته سموري قوم ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.