چين، روس، قطر ۽ ايران طرفان پاڪ، افغان ڇڪتاڻ تي ٽياڪڙي جي آڇ

ڪراچي (م ڊ) چين، روس، قطر ۽ ايران پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي  ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، چين پنهنجن سفارتي ذريعن وسيلي تڪرار ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان کان سواءِ قطر ۽ ايران پڻ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان پنهنجا اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪن، ايران ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي، روسي پرڏيهي وزير چيو آهي ته جيڪڏهن درخواست ڪئي وئي ته پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ ثالثي تي غور ڪري سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به پاڪ افغان تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون نڀائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.