هُو جانشين مسندِ ذاتِ علي سيوھڻ ۾ آهي،
مشهور آهي جيڪو،اهو سخي سيوھڻ ۾ آهي۔
سنڌ جي سرزمين صديون کان صوفين، اوليائن ۽ درويشن جو مرڪز رهي آهي،جتي محبت، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام نسل در نسل منتقل ٿيندو رهيو آهيانهن روشن هستين مان هڪ درخشندہ نالو حضرت سيد عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر جو آهي،جيڪو نه رڳو سنڌ پر سڄي برصغير ۾ عشقِ الٰهي،صوفيانه فڪر ۽ روحاني آزادي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو
حضرت لعل شهباز قلندر جي ولادت بابرڪت مشهور قول موجب 538هه مطابق 1143ع ۾ آذربائيجان جي ڳوٺ مروند ۾ ٿي انهي نسبت سان کين مروندي سڏيو ويندو آهيسندن جو اصل نالو سيد محمد عثمان هو،جڏهن ته لقب لعل شهباز سان مشهوري ماڻيالله تعاليٰ کين کي اهڙو حسن ۽ جمال عطا ڪيو هو جو پيشاني جي اڳيان چانڊوڪي به گهٽ پئجي ويندي هئي سندن نسب تيرهين پيڙهي ۾ حضرت سيدنا امام جعفر صادق تائين پهچي ٿوپاڻ ساداتِ ڪرام مان هئا ۽ سندن جو نسب حضرت علي ڪرم الله وجهه سان وڃي ملي ٿو
سندس والد جو نالو سيد ڪبيرالدين هو، جيڪو پنهنجي دور جو وڏو عالمِ دين ۽ وليِ الله هوپاڻ خواب ۾ مولا علي جي زيارت ڪيائون ۽ عرض ڪيائين ته: يا اميرالمؤمنين! الله جي بارگاهه ۾ دعا فرمايو ته مون کي نيڪ ۽ صالح فرزند عطا ٿئي
حضرت علي بشارت ڏيندي فرمايو: الله توکي هڪ صالح فرزند عطا ڪندو،ان جو نالو محمد عثمان رکجو، ۽ جڏهن سندس عمر ٽي سئو چوراسي سال ٿئي ته کيس مديني منوره وٺي وڃي حضور ﷺ جي بارگاهه ۾ سلام عرض ڪجو،پوءِ اميرالمؤمنين حضرت عثمان غني جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏجو
سائين جي ولادت بعد سندن والد گرامي اهڙي طرح عمل ڪيو
سندن والدہ ماجدہ مروند جي حاڪم سيد سلطان شاهه جي نياڻي هئي،جيڪا نيڪ، عبادتگذار،قناعت پسند ۽ سخي دل واري هئي سندن جي والدہ کي خواب ۾ حضرت سيدتنا رابعه بصري جي زيارت نصيب ٿي،جن فرمايس ته:اي ڌيءُ! تنهنجو هي پٽ الله جو محبوب ولي ٿيندو ۽ ان جي وسيلي ڪيترن گناهگارن کي توبه جي توفيق ملندي جڏهن ان جي ولادت ٿئي ته ان جي ڪنن ۾ ڪلمو طيب پڙهجانءِ ۽ منهنجو سلام چئجانءِ
ننڍپڻ کان ئي کين ۾ علم،عبادت ۽ روحانيت جا آثار نمايان هئا حضرت لعل شهباز قلندر ننڍي عمر ۾ قرآن،حديث، فقه،تفسير،فلسفو ۽ تصوف جهڙن علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي ستن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو پوءِ ٻين ديني علمن سان گڏ عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڪمال حاصل ڪيو ظاهري علمن سان گڏ باطني علم ۾ به کين کي بلند مقام حاصل هو، جنهن سبب سندن جو شمار پنهنجي دور جي وڏن صوفين ۾ ٿيڻ لڳو
حضرت لعل شهباز قلندر علم ۽ معرفت جي تلاش ۾ ايران،عراق،شام، حجاز ۽ برصغير جا ڪيترائي سفر ڪياانهن سفرن دوران ڪيترن ئي اوليائن ۽ مشائخن جي صحبت نصيب ٿيڪربلا ۾ حضرت امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد مان حضرت سيدنا ابو اسحاق قادري جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ هڪ سال تائين سندن نگراني هيٺ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون مشهد شريف ۾ حضرت امام علي رضا،بغداد ۾ حضرت امام اعظم ابو حنيفه،دربارِ غوث الاعظم ۽ خواجه اجمير شريف تي حاضري ڀري روحاني فيض حاصل ڪيو
جن اوليائن ۽ صوفين جي صحبت مان کين فيض مليو،تن ۾ خاص طور:
1حضرت شيخ فريدالدين گنج شڪر
2حضرت سيدنا بهاءُالدين زڪريا ملتاني
3حضرت مخدوم جهانيان جلال الدين بخاري
4حضرت شيخ صدرالدين عارف شامل آهن
قلندري سلسلو ۽ فڪر:
حضرت لعل شهباز قلندر قلندري سلسلي سان وابسته هئا،جيڪو دنياوي لالچ،ڏيکاءُ ۽ فرقيواريت کان آزاد سمجهيو وڃي ٿوسندن جو پيغام سادو پر گهرو هو: محبت ڪريو،نفرت کان بچو،۽ انسان کي انسان سمجهو سائين جي نظر ۾ دين جو اصل روح انسانيت جي خدمت ۽ رب سان سچي وابستگي آهي
سيوھڻ شريف ۾ قيام:
پاني پت ۾ کين حضرت سيدنا بوعلي قلندر فرمايو ته هندستان ۾ ٽي سئو قلندر آهن،تنهن ڪري توهان سنڌ طرف وڃو آخرڪار حضرت لعل شهباز قلندر سيوھڻ شريف کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻايو پاڻ جتي رهيا اتي هڪ برائي ۽ زنا جو اڏو هو ۽ پاڻ ان جاءِ کي ان برائين کان پاڪ ۽ صاف ڪيو سندن جي آمد سان سيوھڻ علم،عرفان ۽ روحانيت جو مرڪز بڻجي ويوپاڻ علمائن جا وڏا قدردان هئا ۽ پاڻ گهٽ امامت ڪرائيندا هئا،هميشه ڪوشش هوندي هئن ته ڪو عالم نماز پڙهائي
لقبن جي معنويت:
لعل: عشقِ الٰهي ۽ ڳاڙهي لباس جي علامت
شهباز: بلند پرواز ۽ آزادي
قلندر: دنياوي بندشن کان آزادي
ڪجهه مشهور ڪرامتون:
1سيوھڻ ۾ سخت ڏڪار پيو،پاڻ دعا ڪيائون ۽ ماڻهن توبه ڪئي ته مينهن وسي پيو
2وضو ڪندي مساڳ زمين ۾ لڳائڻ سان ٿوري وقت ۾ وڏو ڇانوَ وارو وڻ پيدا ٿيو
3پاڻ رحه مريضن تي قرآن پڙهي پاڻيءَ تي دم ڪري کين اهو پاڻي پياريندا هئا ۽ دعا ڪندا هئا ته کين شفا ملندي هئي
حضرت لعل شهباز قلندر رحه جا ساٿي:
1سيد علي سرمست رحه جيڪو بغداد کان وٺي ساڻن هتي گڏ آيو
مرشد سائين سندن مٿان وڏا مهربان هئا ۽ سيد علي سرمست سندن وزير طور مشهور ٿيو ۽ سندن جو وصال به سيوھڻ شريف ۾ ئي ٿيو،سندن مزار درگاھ جي اوڀر پاسي آهي
2بودلا بهار سڪندر سان مرشد لعل سائين جي وڏي انسيت هئي ۽ هي سائين جي خاص طالبن مان هو ۽ سندن جي باري ۾ عجيب و غريب واقعا مشهور آهن
حضرت لعل شهباز قلندر 18 شعبان 673هه مطابق 1274ع ۾ وصال فرمايوسندن جو روضو سلطان فيروز تغلق جي دور ۾ تعمير ٿيوهر سال 18 کان 20 شعبان عرس وڏي عقيدت سان ملهايو وڃي ٿو ۽ پوري ملڪ مان لکن جي تعداد ۾ زائرين شريڪ ٿين ٿا ۽ سندن جو 774هون عرس هن سال به وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو پيو وڃي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا پيا وڃن
وصال کانپوءِ به حاجت روائي:الله پاڪ جا نيڪ ٻانها وصال کانپوءِ به خدا جي مخلوق جي مدد ڪن ٿا ۽ حضرت لعل شهباز قلندر جو روحاني فيض اڄ ڏينهن تائين قائم و دائم آهي ۽ سندن عقيدتمندن جون مرادون پوريون ٿين ٿيون
تعليمات ۽ ان جو اثر: حضرت لعل شهباز قلندر وڏا عالم،شاعر ۽ مدرس فقه الاسلام جا باني هئاسندن ڪجهه مضمونن تي ڪتاب به لکيل آهن
پاڻ فرمايائون ته:الله جي محبت سڀ کان وڏي طاقت آهي،
انسانيت اعليٰ عبادت آهي،
سچ،جرئت ۽ آزادي صوفي جي سڃاڻپ آهن
حضرت لعل شهباز قلندر رڳو صوفي نه،پر هڪ فڪري تحريڪ هئا، جيڪا انسان کي خوف، نفرت ۽ تعصب کان آزاد ڪري ٿيسنڌ جي ڌرتي هميشه سندن جهڙي عظيم صوفي تي ناز ڪندي رهندي
سندن هڪ مشهور فارسي شعر آهي ته:
زعشق دوست بر ساعت درون نارمي رقصم،
گهي بر خاڪ مي غلطم، گهي بر خار مي رقصم
ترجمو:
دوست جي محبت ۾ هر گهڙي باهه ۾ اندر نچان ٿو،
ڪڏهن مٽيءَ تي ڦٿڪان ٿو،ڪڏهن ڪنڊن تي نچان ٿو۔!