ڪراچي(جبران ناصر)بلوچستان سڙي رهيو آهي، اسان جا شهري، پوليس اهلڪار، سول سرونٽس ۽ فوجي شهيد ٿي رهيا آهن، پر سوال ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به ناهي، بس ايترو اطمينان رکيو وڃي ته هر حملو، هر لاش، ۽ هر تباهي “فتنه الهندوستان” جو نتيجو آهي۔ ڄڻ هندستان وٽ ڪا اهڙي ڪرامت، ڪو اهڙو جادو، يا اهڙي دلڪش لالچ موجود آهي، جو پڙهيل لکيل نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون خوشيءَ خوشي پاڻ کي بم سان اڏائڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا،طاقت، جبر ۽ تشدد وسيلي رڳو محدود ۽ عارضي ڪنٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿوجنهن کي اسين سهولت سان “امن” جو نالو ڏئي ڇڏيون ٿا۔ اهو امن ناهي، رڳو هڪ وقفو هوندو آهي۔ جيستائين اسين ڳالهه ٻولهه کان انڪار ڪندا رهنداسين، ماڻهن کي اسٽيڪ هولڊرز تسليم نه ڪنداسين، سندن عزت ۽ وقار کي نه مڃينداسين، ۽ پنهنجين پاليسين ۽ غلطين جو اعتراف نه ڪنداسين، تيستائين پائيدار امن ممڪن ناهي۔ ميڊيا بليڪ آئوٽ، طاقت جي استعمال، ۽ سوال اٿاريندڙن جي پٺيان پوڻ سان اسين پاڻ کي ئي دوکو ڏيندا رهنداسين۽ هن خود فريبي کي ئي استحڪام سمجهندا رهنداسين۔